Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 4:3 - Sindhi Bible

3 ۽ اوهين ڀت جي ڦاٽن مان ٻاهر نڪري وينديون، هرڪا سنئين پنهنجي اڳيان ويندي، ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ، اوهين هارمون ۾ اُڇلايون وينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اوهان مان هر ڪا ڪوٽ جي سامهون واري ڏرڙ منجھان ڇڪي ٻاهر ڪڍي ويندي، ۽ اوهان کي حرمون جبل ڏانهن هڪاليو ويندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 4:3
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن شهر جي ڀت کي هڪڙي هنڌان ڀڃي وڌائون ۽ سڀ جنگي ماڻهو رات جي وقت ٻن ڀتين جي وچ واري دروازي کان ڀڄي نڪتا، جو دروازو بادشاهہ جي باغ جي ڀرسان هو: (هاڻي انهيءَ وقت ڪلدي شهر جي چوڌاري گهيرو ڪيو بيٺا هئا:) ۽ بادشاهہ عرباہ جي رستي کان هليو ويو.


۽ هو اُنهن جي پٺيان يردن تائين ويا: ۽ ڏس، سارو رستو ڪپڙن ۽ ٿانوَن سان ڀريو پيو هو جي ارامين تڪڙ ۾ اُڇلائي ڇڏيا هئا. ۽ قاصدن موٽي اچي بادشاهہ کي ٻڌايو.


انهي ڏينهن انسان پنهنجا چانديءَ جا بت، جي پوڄڻ واسطي پنهنجي لاءِ جوڙيا هئائين، سي ڇڇوندر ۽ چمڙن جي اڳيان اُڇلائي ڇڏيندو؛


ڇالاءِ جو انهي ڏينهن سڀڪو ماڻهو پنهنجون چانديءَ ۽ سون جون مورتون، جي اوهان جن هٿن گناهہ ڪرڻ لاءِ جوڙيون آهن، سي اُڇلائي ڇڏيندو.


تنهن کان پوءِ شهر جي ڀت هڪڙي هنڌان ڀڃي وڌائون، ۽ سڀ جنگي مرد اُٿي ڀڳا، ۽ رات جو ٻن ڀتين جي وچ وارو در، جو بادشاهہ جي باغ جي پاسي کان هو، تنهن رستي شهر مان نڪري ٻاهر ٿيا؛ (هاڻي ڪسدي شهر جي چوڌاري موجود هئا:) ۽ هو عرباہ جو رستو ڏيئي هليا ويا.


۽ هنن ۾ جو سردار اونداهيءَ ۾ ڪلهي تي سامان کڻي هليو ويندو: هو ڀت کوٽي ٽُنگ ڪري اُنهي مان اُهو کڻي ويندو: هو پنهنجو منهن ڍڪيندو، ڇالاءِ جو پنهنجين اکين سان زمين نہ ڏسندو.


هنن جي ڏسندي ڀت کوٽي ٽُنگ ڪري انهي مان سامان کڻي وڃ.


تنهنڪري هاڻي جيڪي قيد ٿي ويندا، تن سان گڏ هو بہ قيد ٿي ويندا، ۽ جيڪي ڊگها ٿي سُتا هئا، تن جي خوشي گذري ويندي.


خداوند جي غضب جي ڏينهن هنن جو سون يا روپو هنن کي ڇڏائي نہ سگهندو؛ پر سڄي زمين کي هن جي غيرت جي باهہ ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي: ڇالاءِ جو هو انهي ملڪ جي سڀني رهاڪن جي پڄاڻي، بلڪ خوفناڪ پڄاڻي ڪندو.


ڇو تہ ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڇا حاصل ٿيندو جو هو سڄي دنيا هٿ ڪري ۽ پنهنجي جان وڃائي؟ يا ماڻهو پنهنجي جان جي عيوض ڇا ڏيندو؟


جلعاد يردن جي هن ڀر رهندو هو: ۽ دان ڇالاءِ ٻيڙين ۾ رهيو؟ آشر ماٺ ڪري سمنڊ جي بندرگاهہ تي ويهي رهيو، ۽ پنهنجن سمنڊ جي کارين وٽ رهي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ