Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 4:2 - Sindhi Bible

2 خداوند خدا پنهنجي پاڪيزگيءَ جو قسم کنيو آهي، تہ ڏس، اُهي ڏينهن اوهان تي ايندا تہ هو اوهان کي ڪُنڍن سان ڦاسائي ويندا، ۽ جيڪي اوهان مان باقي بچنديون، تن کي مڇين مارڻ وارين ڪُنڍين سان پڪڙيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 خداوند خدا پنهنجي پاڪيزگيءَ جو قسم کنيو آهي تہ اوهان تي اُهي ڏينهن ضرور ايندا، جڏهن اوهان کي ڪُنڍا وجھي گهليو ويندو. هائو، اوهان مان هر هڪ ڪنڍين ۾ ڦاٿل مڇيءَ وانگر پئي ڦٿڪندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 4:2
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون هڪڙو ڀيرو پنهنجيءَ پاڪيزگيءَ جو قسم کنيو آهي؛ آءٌ ماڻهن سان ڪوڙ ڪين ڳالهائيندس؛


هن جو نسل هميشہ تائين قائم هوندو، ۽ سندس تخت سج وانگي منهنجي اڳيان رهندو.


تون مون تي ڪاوڙيو آهين، ۽ تنهنجي بي ادبي منهنجن ڪنن تائين پهتي آهي؛ تنهنڪري آءٌ پنهنجو ڪنڍو تنهنجي نڪ ۾ وجهندس، ۽ پنهنجو لغام تنهنجي وات ۾ وجهندس، ۽ جنهن رستي تون آيو آهين تنهن رستي توکي پٺ تي موٽائيندس.


ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ گهڻن مهاڻن کي گهرائيندس، ۽ هو انهن کي ڦاسائيندا؛ ۽ پوءِ آءٌ گهڻا شڪاري گهرائيندس، ۽ اُهي سڀ ڪنهن جبل تان، ۽ سڀ ڪنهن ٽڪريءَ ۽ ٽڪرن جي چرن مان انهن کي هڪالي شڪار ڪندا.


۽ آءٌ تنهنجن ڄاڙن ۾ ڪُنڍيون ۽ تنهنجين ندين جون مڇيون تنهنجن ڇلرن کي چنبڙائي ڇڏيندس؛ ۽ آءٌ توکي، تنهنجين ندين جي وچ مان انهن سڀني مڇين سميت ٻاهر ڪڍي ايندس، جي تنهنجن ڇلرن کي چنبڙيل آهن.


جيڪا گم ٿي ويئي هوندي تنهن کي ڳولي لهندس، ۽ جيڪا ڪاهجي ويئي هوندي تنهن کي ورائيندس، ۽ جنهن جو ڪو عضوو ڀڄي پيو هوندو تنهن جو اُهو عضوو ٻڌندس، ۽ جيڪا بيمار هوندي تنهن کي زور وٺائيندس: ۽ ٿلهن ۽ زور وارن کي آءٌ ناس ڪري ڇڏيندس؛ انهن کي آءٌ عدالت جي رستي چاريندس.


آءٌ توکي ڦيرائيندس ۽ تنهنجي ڄاڙ ۾ ڪُنڍا وجهندس ۽ توکي، توڙي تنهنجي سڄي لشڪر کي، گهوڙن ۽ گهوڙي سوارن کي، جي سڀ زرهہ سان ڍڪيل هوندا، ۽ هڪڙي وڏي سپر ۽ ڍال واري ٽوليءَ کي، ۽ سڀني ترار مارڻ وارن کي گهلي ٻاهر ڪڍندس:


خداوند خدا پنهنجو قسم کنيو آهي، ۽ خداوند لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ يعقوب جي وڏائيءَ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ هن جي محلاتن کان مون کي نفرت ٿي اچي؛ تنهنڪري آءٌ اُهو شهر ۽ جيڪي منجهس آهي، تنهن کي رد ڪندس.


خداوند، يعقوب جي وڏائيءَ جو هي قسم کنيو آهي، تہ آءٌ هنن جو ڪوبہ ڪم ڪڏهن وساري نہ ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ