Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 4:12 - Sindhi Bible

12 تنهنڪري اي اسرائيل، آءٌ توسان ائين ڪندس؛ ۽ جڏهن توسان ائين ئي ڪرڻو اٿم، تڏهن اي اسرائيل، تون پنهنجي خدا سان گڏجڻ لاءِ تيار ٿيءُ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 تنهنڪري اي اسرائيل وارؤ! آءٌ اوهان کي انهيءَ کان بہ وڌيڪ سزا ڏيندس. سو اوهين منهنجي فيصلي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 4:12
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي آرام طلب زالون اوهين ڏڪو؛ اي بي پرواهہ، اوهين ڏک ڪريو: ڪپڙا لاهي اُگهاڙيون ٿيو، ۽ پنهنجيءَ چيلهہ سان کٿو ٻڌو.


تنهنجي اوگهڙ پڌري ٿيندي، هائو، تنهنجي شرمندگي ڏسڻ ۾ ايندي: آءٌ وير وٺندس، ۽ ڪوبہ ماڻهو قبول نہ ڪندس.


جيئن باهہ سڪل ٻوڙن کي ساڙي ٿي، ۽ پاڻي باهہ تي ٽهڪي ٿو؛ تيئن تون پنهنجن دشمنن ۾ پنهنجو نالو مشهور ڪر، ۽ قومون تنهنجي حضور ۾ ڏڪن؛


خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون کان نٿا ڊڄو ڇا؟ اوهين منهنجي حضور ۾ ڪين ڏڪندا ڇا، مون کان، جنهن سمنڊ جي حد لاءِ واري اهڙي مدامي حڪم سان قائم ڪئي آهي جو اهو انهي کان لنگهي نٿو سگهي، ۽ جيتوڻيڪ ان جون لهرون زور سان اُڇلجن ٿيون، تہ بہ اهي غالب پئي نہ ٿيون سگهن، ۽ جيتوڻيڪ اُهي شور ٿيون ڪن، تہ بہ اُهي لنگهي نہ ٿيون سگهن.


اوهين خندقن ۾ نہ ويا آهيو، ۽ نہ اسرائيل جي گهر جي لاءِ ڀت ڏني اٿوَ، انهي لاءِ تہ خداوند جي ڏينهن جنگ ۾ بيهي سگهو.


۽ مون گهڻو ئي ڳوليو تہ من انهن ۾ ڪو اهڙو ماڻهو هجي جو پناهہ جي ڀت جوڙي، ۽ انهي ملڪ لاءِ منهنجي اڳيان ڀڳل هنڌ تي بيهي تہ آءٌ کين ناس نہ ڪريان، پر اهڙو ڪوبہ مون نہ ڏٺو.


آءٌ هنن کي انهي رڇڻ وانگر گڏبس، جنهن جا ٻچا کسيا ويا هجن، ۽ هن جي دل جو پردو ڦاڙي ڇڏيندس: ۽ اُتي آءٌ هنن کي شينهن وانگر ڳهي ويندس؛ جهنگلي جانور هنن کي ڦاڙي ڇڏيندو.


تکي ڊوڙڻ واري کان ڀڄڻ جي طاقت هلي ويندي، ۽ زوراور پنهنجو زور لڳائي نہ سگهندو، نڪي بهادر پاڻ کي بچائي سگهندو:


تنهنڪري اوهين بہ تيار رهو، ڇالاءِ جو جنهن گهڙيءَ جو اوهان کي خيال ئي ڪونہ هوندو، اُنهيءَ ۾ ابن آدم ايندو.


جيسين تون پنهنجي مدعيءَ سان گڏ واٽ ۾ آهين، تيسين جلدي ڪري هن سان ٺاهہ ڪري وٺ، متان اُهو مدعي توکي منصف جي حوالي ڪري، ۽ منصف توکي فوجدار جي حوالي ڪري، ۽ تون قيد ۾ وڃي پوين.


تنهنڪري جيڪي توکي مليو آهي، ۽ جيڪي ٻُڌو اٿيئي، سو ياد رک، ۽ انهي تي قائم رهہ، ۽ توبهہ ڪر. سو جيڪڏهن تون سجاڳ نہ رهندين، تہ آئون چور وانگر ايندس، ۽ توکي خبر ئي ڪانہ پوندي تہ ڪهڙي وقت تنهنجي مٿان اچي پوندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ