Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 3:9 - Sindhi Bible

9 اشدود جي محلاتن ۾، ۽ مصر جي محلاتن ۾، اوهين پڌرائي ڪريو، ۽ چئو تہ اوهين سامريہ جي جبلن ۾ گڏ ٿيو ۽ جيڪي وڏا هنگاما ۽ ظلم انهيءَ ۾ آهن، سي ڏسو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 خداوند ٿو فرمائي تہ ”فلستين جي اشدود شهر جي محلاتن ۾ بلڪ مصر ملڪ جي محلاتن ۾ اهو اعلان ڪيو وڃي تہ ’اوهين اسرائيل ملڪ جي سامريہ شهر جي چوڌاري جبلن تي گڏ ٿيو. هائو، اچي ڏسو تہ سامريہ اندر ڪيڏا نہ هنگاما ۽ ظلم آهن.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 3:9
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جات ۾ اها ڳالهہ نہ ٻڌاءِ، اسقلون جي گهٽين ۾ اها پڌري نہ ڪر؛ تہ متان فلستين جون ڌيئرون خوشيون ڪن، متان اڻطهريلن جون ڌيئرون فخر ڪن.


۽ اسان کي هر طرح جو قيمتي مال هٿ ايندو، ۽ اسين پنهنجا گهر لٽ جي مال سان ڀرينداسين؛


مروت واري زال عزت واري رهي ٿي: پر ظالم دولتمند رهن ٿا.


تنهن کان پوءِ آءٌ موٽي آيس ۽ جيڪي ظلم سج هيٺان پيا ٿين سي ڏٺم: ۽ ڏسو، جن مظلومن ڳوڙها پئي ڳاڙيا تن کي ڪوبہ دلاسي ڏيڻ وارو ڪونہ هو؛ ۽ انهن جي ظالمن جي طرف طاقت هئي، پر هنن کي ڪوبہ دلاسي ڏيڻ وارو ڪونہ هو.


وري تون سامريہ جي جبلن تي ڊاک جا منهہ پوکينديئن، پوکڻ وارا پوکيندا ۽ ان جو ڦر کائيندا.


اوهين مصر ۾ ظاهر ڪريو، ۽ مجدال ۾ پڌرائي ڪريو، ۽ نوف ۽ تحفنحيس ۾ اشتهار ڪريو: اوهين چئو تہ نڪري اچ ۽ پاڻ کي تيار رک؛ ڇالاءِ جو ترار تنهنجي آس پاس کائي ويئي آهي.


اوهين قومن منجهہ ظاهر ڪريو ۽ پڌرائي ڪرايو هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو ۽ مشهوري ڪرايو ۽ لڪايو نہ: چئو تہ بابل وٺجي ويو آهي، بيل شرمندو ڪيو ويو آهي، مردوڪ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪيو ويو آهي؛ اُن جا بت شرمندا ڪيا ويا آهن، انهن جون مورتون ڀڃي پرزا پرزا ڪيون ويون آهن.


پر اي اسرائيل جا جبل، اوهين پنهنجون ٽاريون ڪڍي منهنجي قوم اسرائيل کي پنهنجو ڦر ڏيندا؛ ڇالاءِ جو هو اچي پهچڻ تي آهن.


آءٌ انهي زمين ۾ اسرائيل جي جبلن تي هنن کي هڪڙي قوم ڪندس؛ ۽ هڪڙو ئي بادشاهہ هنن سڀني جو بادشاهہ ٿيندو: ۽ هو اڳتي ٻہ قومون ٿي نہ رهندا، نڪي وري ڪڏهن بہ ٻن بادشاهتن ۾ ورهائجي ويندا:


جڏهن مون اسرائيل کي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ ٿي گهريو، تڏهن افرائيم جي بدڪاري، ۽ سامريہ جي شرارت ظاهر ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو هنن ٺڳيءَ جا ڪم ڪيا آهن: چور اندر لنگهيو اچي، ۽ چورن جي ٽولي ٻاهر پئي ڦري.


۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي تنهن کي اشدود مان وڍي ڇڏيندس؛ ۽ جيڪو شاهي چوب جهليو ويٺو آهي تنهن کي اسقلون مان؛ ۽ آءٌ پنهنجو هٿ عقرون جي برخلاف ڦيرائيندس، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ فلستين جا باقي بچيل ماڻهو چٽ ٿي ويندا.


بسن جون ڍڳيون، جي سامريہ جي جبلن ۾ آهن، جي غريبن کي ستائين ٿيون ۽ مسڪينن کي چٿين ٿيون، ۽ پنهنجن مڙسن کي ٿيون چون تہ کڻي اچو تہ پيون، اوهين اهو ڪلام ٻڌو.


تنهنڪري جيترو اوهين غريبن کي لتاڙيندا، ۽ ظلم ڪري انهن جي ڪڻڪ کڻندا، اوترو اوهان جيڪي گهڙيل پٿرن جا گهر ٺاهيا آهن تن ۾ اوهين نہ رهندا، ۽ جيڪي اوهان مزي جهڙا ڊاک جا منهہ پوکيا آهن، انهن جو شراب اوهين نہ پيئندا.


افسوس آهي انهن جي حال تي، جي صيون ۾ آرام سان ٿا رهن، ۽ انهن جي حال تي، جي سامريہ جي جبل ۾ صحيح سلامت آهن، ۽ انهن مشهور ماڻهن جي حال تي، جي قوم جا سردار آهن، ۽ جن وٽ اسرائيل جي گهراڻي وارا اچن ٿا!


اوهين جو مصيبت جي ڏينهن کي پري ٿا ڪريو ۽ ظلم زبردستيءَ جي ڪرسيءَ کي ويجهو ٿا آڻيو؛


۽ اسين چاندي ڏيئي غريب کي، ۽ جُتي جو جوڙو ڏيئي مسڪين کي ڳنهون، ۽ ڪڻڪ جو ڪچرو وڪڻون.


ڇا شرير جي گهر ۾ اڃا شرارت جا خزانا آهن ۽ ڪوڙا وٽ، جي ڪراهت جهڙا آهن؟


هاڻي فلستين خدا جي صندوق هٿ ڪئي هئي، ۽ اها هنن ابن عزر مان کڻي اشدود ۾ آندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ