Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 3:8 - Sindhi Bible

8 شينهن گجيو آهي، ڪير نہ ڊڄندو؟ خداوند خدا فرمايو آهي، ڪير نبوت نہ ڪندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 ببر شينهن گجيو آهي سو ڪير نہ ڊڄندو؟ خداوند خدا فرمايو آهي، سو ڪير آهي جو سندس پيغام ظاهر نہ ڪندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 3:8
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڙي تون، جو منهنجو ڳاهہ ۽ منهنجي پڙ جو اَنُ آهين: جيڪي مون لشڪرن جي خداوند، اسرائيل جي خدا کان ٻڌو آهي، سو مون اوهان کي ٻڌايو آهي.


ڇالاءِ جو خداوند مون کي هيئن فرمايو آهي، تہ جڏهن شينهن يا سندس ٻچو پنهنجي شڪار تي گوڙ ٿو ڪري، تڏهن جي ڌنارن جي ٽولي انهن سان وڙهڻ جي لاءِ سڏبي تہ انهن جي هل تي هو ڊڄي ڪونہ ويندو، نڪي انهن جي آواز تي دهلجي ويندو: تيئن لشڪرن جو خداوند صيون جبل تي انهيءَ جي ٽڪريءَ تي وڙهڻ لاءِ لهي ايندو.


۽ جيڪڏهن آءٌ چوان تہ آءٌ هن جي بابت ڪوبہ ذڪر نہ ڪندس، ۽ هن جي نالي سان اڳتي وري ڪي بہ ڪين چوندس، تہ پوءِ منهنجي دل ۾ ڄڻ تہ هڪڙي ٻرندڙ باهہ آهي جا منهنجن هڏن منجهہ لڪل آهي، ۽ اُها آءٌ جهلي جهلي ٿڪجي پيو آهيان ۽ سهي نٿو سگهان.


تڏهن يرمياہ سڀني اميرن کي ۽ سڄي قوم کي مخاطب ٿي چيو، تہ خداوند مون کي موڪليو تہ هن گهر ۽ هن شهر جي برخلاف اُهي ڳالهيون نبوت ڪري ٻڌايان جي اوهان ٻڌيون آهن.


انهي ڏينهن آءٌ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ هڪڙو سڱ اُٿاريندس، ۽ انهي جي وچ ۾ آءٌ تنهنجو وات کوليندس: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


۽ هن چيو تہ خداوند صيون مان گجندو، ۽ يروشلم مان پنهنجو آواز ٻڌائيندو؛ ريڍارن جا چراگاهہ ماتم ڪندا، ۽ ڪرمل جي چوٽي ڪومائجي ويندي.


پر اوهان نذيرين کي شراب پياريو؛ ۽ نبين کي حڪم ڏيئي چيو تہ نبوت نہ ڪريو.


يا شينهن ڪو ٻيلي ۾ گجندو ڇا، جي هن کي ڪو شڪار نہ لڌو هوندو؟ يا جوان شينهن پنهنجي غار مان ڪو آواز ڪندو ڇا، جي ڪي بہ ڪين جهليو هوندائين؟


ڇالاءِ جو ٿيڻي نہ آهي تہ جيڪي ڳالهيون اسان ڏٺيون ۽ ٻُڌيون آهن، سي نہ ڪريون.


وڃو ۽ هيڪل ۾ بيهي، هي زندگيءَ جون سڀ ڳالهيون ماڻهن کي ٻُڌايو.


پر پطرس ۽ ٻين رسولن ورندي ڏيئي چيو، تہ اسان کي ضرور آهي تہ ماڻهوءَ جي حڪم کان وڌيڪ خدا جو حڪم مڃيون.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن آئون انجيل جي منادي ٿو ڪريان، تہ مون کي فخر ڪرڻ جو سبب ڪونهي، ڇالاءِ جو اهو منهنجو فرض آهي. ۽ جيڪڏهن انجيل جي منادي نہ ڪريان، تہ منهنجي حال تي افسوس!


تڏهن بزرگن مان هڪڙي مون کي چيو تہ روءُ نہ: ڏس، هو شينهن، جو يهوداهہ جي قبيلي جو آهي، ۽ دائود جي نسل مان آهي، سو ئي غالب پيو آهي ۽ اهو ڪتاب ۽ انهي جون ست مهرون کولي ٿو سگهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ