Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 3:5 - Sindhi Bible

5 پکي ڪو زمين تي ڦندي ۾ ڦاسندو ڇا، جي اُتي سندس لاءِ ڪو دام نہ رکيو ويو هوندو؟ جي ڦانڌي ۾ ڪجهہ نہ ڦاسندو تہ اُها ڪا مٿي ٽپندي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 جيڪڏهن ڪا ڪوڙڪي ئي نہ اڏي ويئي هجي، تہ ڪو پکي زمين تي ڦندي ۾ ڦاسندو ڇا؟ جڏهن ڪوڙڪيءَ ۾ ڪا شيءِ ڦاسندي ئي نہ، تہ اها ڪا مٿي اڇل کائيندي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 3:5
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مغرورن مون لاءِ ڦندو ۽ رسيون لڪائي رکيون آهن؛ ۽ واٽ جي ڀرسان ڄار پکيڙيو اٿن؛ انهن مون لاءِ ڦاهي وڇائي آهي.


ڇالاءِ جو ماڻهوءَ کي بہ پنهنجي وقت جي خبر ناهي: جيئن مڇيون خراب ڄار ۾ ڦاسنديون آهن، ۽ جيئن پکي دام ۾ ڦاسائبا آهن، تيئن انسان بہ خراب وقت ۾ ڦاسندا آهن، جڏهن اُهو انهن جي مٿان اوچتو اچيو ڪڙڪي.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيئن مون هنن تي نگهباني ڪري هنن کي پٽي ڪڍيو ۽ ڀڃي ڇڏيو، ۽ اونڌو ڪري ناس ڪيو ۽ ڏکويو؛ تيئن آءٌ هنن تي نگهباني ڪري هنن کي اڏيندس ۽ پوکيندس؛ خداوند ائين ٿو فرمائي.


تنهنڪري خداوند ڄاڻي ٻجهي اها خرابي اسان تي آندي آهي: ڇالاءِ جو خداوند اسان جو خدا جيڪي ڪم ڪري ٿو، تن سڀني ۾ هو سچو آهي؛ ۽ اسان هن جو حڪم نہ مڃيو آهي.


يا شينهن ڪو ٻيلي ۾ گجندو ڇا، جي هن کي ڪو شڪار نہ لڌو هوندو؟ يا جوان شينهن پنهنجي غار مان ڪو آواز ڪندو ڇا، جي ڪي بہ ڪين جهليو هوندائين؟


ڇا ڪنهن شهر ۾ قرناءِ وڄائي ويندي ۽ ماڻهو نہ ڊڄندا؟ ڪنهن شهر تي ڪا مصيبت اچي پوندي، ۽ خداوند اُها نہ موڪلي هوندي ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ