Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 3:12 - Sindhi Bible

12 خداوند ٿو فرمائي، تہ جيئن ڌنار شينهن جي وات مان ٻہ ٽنگون يا ڪن جو ٽڪر ڇڏائي ٿو، تيئن ماڻهو اسرائيل جي سامريہ ۾ پلنگن ۽ ريشمي گادين تي ويٺا آهن، سي بہ ڇڏيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 خداوند وڌيڪ ٿو فرمائي تہ ”جيئن ڪو ڌنار شينهن جي وات مان کاڌل رڍ جا رڳو ٻہ پاوا يا هڪ ڪن جو ٽڪرو ٿو ڇڏائي وٺي، تيئن سامريہ ۾ رهندڙ بني اسرائيل مان ايترا تہ وڃي بچندا، جيئن پلنگ جي رڳو ٻانهين يا کٽ جو ڪو پائو وڃي بچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 3:12
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر باقي جيڪي بچيا هئا سي افيق ڏي اُٿي ڀڳا، ۽ وڃي شهر ۾ لڪا؛ ۽ ستاويهہ هزار ماڻهو، جي باقي بچيا هئا، تن تي ڀِت ڪِري پيئي. ۽ بن هدد ڀڄي ويو ۽ شهر ۾ اچي هڪڙي اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ لڪو.


۽ بن هدد هن کي چيو، تہ جيڪي شهر منهنجي پيءُ تنهنجي پيءُ کان ورتا هئا سي آءٌ موٽائي ڏيندس؛ ۽ تون پنهنجي لاءِ دمشق ۾ اهڙيون گهٽيون جوڙائج جهڙيون منهنجي پيءُ سامريہ ۾ جوڙايون هيون. ۽ اخي آب چيو تہ آءٌ توکي اُنهي انجام سان وڃڻ ڏيندس. ان موجب هن اُنهيءَ سان عهد اقرار ڪيو ۽ هن کي وڃڻ ڏنائين.


۽ ميڪاياہ چيو تہ ڏس، انهيءَ ڏينهن تون ڏسندين جنهن ڏينهن تون پاڻ کي لڪائڻ لاءِ اندرئينءَ ڪوٺيءَ ۾ ويندين.


۽ اسور جي بادشاهہ هن جي ڳالهہ مڃي: ۽ اسور جو بادشاهہ دمشق تي چڙهي ويو ۽ اُهو ورتائين، ۽ اُنهيءَ جا ماڻهو قيد ڪري قير ڏانهن وٺي ويو، ۽ رضين کي قتل ڪيائين.


اڇي ڪپڙي، ۽ سائي ۽ نيري رنگ جا پردا، عمدي سڻيءَ ۽ واڱڻائي رنگ جي رسن سان، چانديءَ جي ڇلن ۽ سنگ مرمر جي ٿنڀن سان ٻڌل هئا: ڳاڙهي، ۽ اڇي، ۽ پيلي، ۽ ڪاري سنگ مرمر جي فرش تي سون ۽ چانديءَ جا پلنگ رکيل هئا.


پوءِ بادشاهہ محلات واري باغ مان موٽي شراب جي مجلس واري هنڌ آيو: ۽ جنهن پلنگ تي آستر هئي، انهيءَ تي هامان ڪِريو پيو هو. تڏهن بادشاهہ چيو تہ هو گهر ۾، منهنجي روبرو راڻيءَ سان زور زبردستي ڪرڻ ٿو گهُري ڇا؟ بادشاهہ جي واتان انهن لفظن نڪرڻ تي هنن هامان جو منهن کڻي ڍڪيو.


تہ آءٌ پنهنجي تنبوءَ ۾ داخل ڪين ٿيندس، نڪي پنهنجي هنڌ تي سمهندس؛


انهي ڏينهن انسان پنهنجي خالق ڏي نظر ڪندو، ۽ ان جون اکيون اسرائيل جي پاڪ خدا ڏانهن نهارينديون.


ڇالاءِ جو خداوند مون کي هيئن فرمايو آهي، تہ جڏهن شينهن يا سندس ٻچو پنهنجي شڪار تي گوڙ ٿو ڪري، تڏهن جي ڌنارن جي ٽولي انهن سان وڙهڻ جي لاءِ سڏبي تہ انهن جي هل تي هو ڊڄي ڪونہ ويندو، نڪي انهن جي آواز تي دهلجي ويندو: تيئن لشڪرن جو خداوند صيون جبل تي انهيءَ جي ٽڪريءَ تي وڙهڻ لاءِ لهي ايندو.


ڇالاءِ جو اهو ٻار بابا ۽ امان چوڻ سکي، تنهن کان اڳي دمشق جي دولت ۽ سامريہ جو لٽ جو مال، اسور جي بادشاهہ وٽ کڄي ويندو.


جي عاج جي پلنگن تي سمهو ٿا، ۽ پنهنجن بسترن تي ڊگها ٿي ليٽو ٿا؛ ۽ ڌڻن مان گهيٽا ۽ واڙي مان گابا ڪڍي کائو ٿا؛


ڏسو، خداوند جون اکيون انهيءَ گنهگار بادشاهت تي آهن، ۽ آءٌ انهي کي زمين جي سطح تان ناس ڪري ڇڏيندس: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ يعقوب جي گهراڻي کي اصل نابود ڪري نہ ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ