Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 3:11 - Sindhi Bible

11 تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ انهي ملڪ جي چوڌاري هڪڙو دشمن ايندو، ۽ اهو تنهنجو زور کسي وٺندو، ۽ تنهنجا محلات لٽجي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ انهيءَ ملڪ کي هڪڙو دشمن گھيري هيٺ آڻيندو، ۽ شهرن جا ڪوٽ ڪيرائي وجھندو ۽ محلات لٽيا ويندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 3:11
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يعقوب جي پٽن، انهن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ سندن شهر بہ ڦريو: ڇالاءِ جو انهن سندن ڀيڻ جي آبرو ورتي هئي.


اسور جو بادشاهہ پول ملڪ تي ڪاهي آيو؛ ۽ مناحم پول کي هڪ هزار چانديءَ جا قنطار ڏنا تہ سندس هٿن ۾ بادشاهي قائم ڪرڻ ۾ کيس مدد ڏئي.


اسرائيل جي بادشاهہ فقح جي ڏينهن ۾ تگلت پلاسر، اسور جي بادشاهہ، ڪاهي اچي ايون، ۽ ابيل ۽ بيت معڪہ، ۽ ينوحہ، ۽ قادس، ۽ حصور، ۽ جلعاد، ۽ گليل، ۽ نفتاليءَ جي ساري زمين ورتي؛ ۽ انهن کي گرفتار ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو.


۽ هنن خدا جو گهر ساڙي ڇڏيو، ۽ يروشلم جي ڀت ڀڃي ڊاهي ڇڏي، ۽ ان جون سڀ محلاتون باهہ سان ساڙي ڇڏيون، ۽ ان جا سڀ سهڻا باسڻ ناس ڪري ڇڏيائون.


اهڙي ڪا بہ شيءِ نہ بچي جا هن ڳڙڪائي نہ ڇڏي؛ تنهن ڪري هن جو سک جٽاءُ نہ ڪندو.


پر آءٌ يهوداہ تي باهہ موڪليندس ۽ اُها يروشلم جا محلات ساڙي ڇڏيندي.


ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو تہ هو چڱائي ڪرڻ نٿا ڄاڻن، ۽ پنهنجن محلاتن ۾ هو زبردستي ۽ ڦرمار ڪري رکن ٿا.


آءٌ سياري واري گهر کي اونهاري واري گهر سان تباهہ ڪندس، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ عاج جا گهر چٽ ٿي ويندا ۽ وڏا گهر ناس ٿي ويندا.


تنهنڪري خداوند لشڪرن جو خدا ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، ڏس آءٌ اوهان جي برخلاف هڪڙي قوم اُٿاريندس ۽ اُهي اوهان کي حمات کان شروع ڪري عربہ جي نديءَ تائين تڪليف ڏيندا.


خداوند خدا پنهنجو قسم کنيو آهي، ۽ خداوند لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ يعقوب جي وڏائيءَ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ هن جي محلاتن کان مون کي نفرت ٿي اچي؛ تنهنڪري آءٌ اُهو شهر ۽ جيڪي منجهس آهي، تنهن کي رد ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ