Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 2:9 - Sindhi Bible

9 مون سندن آڏو انهيءَ اموريءَ کي ناس ڪيو جنهن جو قد ديودار جي قد جيڏو هو، ۽ جو شاهہ بلوطن جهڙو مضبوط هو، انهي هوندي بہ مون مٿان سندس ميوو ۽ هيٺان سندس پاڙون ناس ڪيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9-10 اي اسرائيل وارؤ! حالانڪ مون ئي اوهان جي وڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ سندن رهنمائي ڪيم. اوهان جي وڏن ڏٺو تہ مون ڪيئن انهن امورين کي ناس ڪري ڇڏيو، جيڪي ديال جي وڻ جيڏا قداور، ۽ شاهہ‌بلوط جي وڻ جهڙا مضبوط هئا. هائو، مون مٿان کان سندن ميوو، ۽ هيٺان سندن پاڙون ناس ڪري ڇڏيون، انهيءَ لاءِ تہ اوهين امورين جي ملڪ جا وارث ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 2:9
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو چوٿينءَ پيڙهيءَ ۾ موٽي هتي ايندا: ڇالاءِ جو امورين جي گناهن جو گهڙو اڃا ڀريو نہ آهي.


هن جون پاڙون هن جي هيٺيان سڪي وينديون، ۽ مٿي هن جي ٽاري وڍي ويندي.


۽ آءٌ انهيءَ لاءِ نازل ٿيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان، ۽ کين هن ملڪ مان ڪڍي، ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ نيان؛ جتي کير ۽ ماکي پيئي وهندي هجي؛ يعني ڪنعانين، حتين، امورين،


جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان ٿو تنهن تي عمل ڪج: ڏس، آءٌ امورين، ڪنعانين، حتين، فريزين، حوين، ۽ يبوسين کي تنهنجي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍان.


ڏس، خداوند، لشڪرن جو خداوند، سخت ڪاوڙ سان ٽاريون وڍيندو: ۽ وڏي قد واريون وڍجي هيٺ ڪرنديون، ۽ مٿانهيون هيٺ آنديون وينديون.


تنهن ڪري جيئن باهہ جو شعلو بت کي کائي وڃي ٿو، ۽ جيئن سڪل گاهہ شعلي ۾ ڳيسجي وڃي ٿو، تيئن هنن جي پاڙ سڙي ڪِني ٿي ويندي، ۽ انهن جو ٻُور مٽيءَ وانگر اُڏامي ويندو: ڇالاءِ جو هنن لشڪرن جي خداوند جي شريعت رد ڪئي آهي، ۽ اسرائيل جي پاڪ وجود جو ڪلام ڌڪاريو آهي.


تون چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اهو ڪو وڌندو ڇا؟ ۽ هو انهي جون پاڙون پٽي ۽ انهي جو ڦر وڍي نہ ڇڏيندا ڇا، تہ اهو ڪومائجي وڃي، ۽ ان جا تازا نڪرندڙ پن سُڪي سڙي وڃن؟ ۽ پاڙن کان وٺي انهي کي پَٽي ڪڍڻ لاءِ وڏي زور يا گهڻن ماڻهن جي ضرورت نہ ٿيندي.


ڇالاءِ جو ڏس اُهو ڏينهن اچي ٿو جو کوري وانگر ٻرندڙ آهي؛ تڏهن سڀ هٺيلا، ۽ سڀ بڇڙائي ڪندڙ بهہ وانگي ٿيندا: ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهو ڏينهن هنن کي اهڙو ساڙيندو جو نڪي ٽاري نڪي پاڙ بچندي.


۽ خداوند کي بني اسرائيل تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ هن کين چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ هيڏانهن هوڏانهن رلايو، جيسين ڪ انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ ماڻهو، جن خداوند جي نظر ۾ برائي ڪئي هئي، سي نابود ٿي ويا.


هاڻي اسين ڪيڏانهن وڃون؟ اسان جي ڀائرن تہ اسان جي دل ڀڃي ڇڏي آهي، جو چون ٿا تہ اتي جا ماڻهو اسان کان ڊگها ۽ قداور آهن؛ اتي جا شهر وڏا آهن، ۽ انهن جون ڀتيون آسمان تائين ٿيون پهچن؛ تنهن کان سواءِ اسان اتي عناقيم جو اولاد بہ ڏٺو.


(ڇالاءِ جو رفائيم جي نسل منجهان فقط بسن جو بادشاهہ عوج وڃي بچيو هو: ۽ ڏس، هن جو پلنگ لوهہ جو ٺهيل هو؛ ۽ اهو بني عمون جي شهر ربہ ۾ موجود نہ آهي ڇا؟ انهي جي ڊيگهہ، ماڻهوءَ جي هٿن جيڏا نوَ هٿ، ۽ انهي جي ويڪر چار هٿ هئي.)


جنهن ڏينهن خداوند امورين کي بني اسرائيل جي حوالي ڪيو تنهن ڏينهن يشوع خداوند کي عرض ڪيو، ۽ بني اسرائيل جي اڳيان چيائين، تہ اي سج، تون جبعون تي ۽ اي چنڊ، تون ايالون جي واديءَ ۾ بيٺو رهہ.


۽ يشوع چيو تہ انهي ڪري اوهان کي خبر پوندي تہ زندہ خدا اوهان جي وچ ۾ موجود آهي، ۽ هو ضرور ڪنعانين، ۽ حتين، ۽ حوين، ۽ فرزين، ۽ جرجاسين، ۽ امورين، ۽ يبوسين کي اوهان جي اڳيان هڪالي ڪڍندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ