Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 2:6 - Sindhi Bible

6 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن سچار کي چانديءَ لاءِ وڪڻيو آهي ۽ محتاج کي جُتيءَ جي جوڙي لاءِ:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”اسرائيل ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ مسڪين قرضدار جنهن جو ٻيو ڪو ڏوهہ ڪونهي، تنهن کي هو چانديءَ جي چند سڪن جي عيوض، بلڪ خسيس جتيءَ جي جوڙي جي عيوض وڪڻن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 2:6
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اسور جو بادشاهہ اسرائيل کي قيد ڪري اسور ۾ وٺي ويو ۽ اُتي جوزان نديءَ جي ڪناري تي، خلح ۽ خابور ۾، ۽ مادين جي شهرن ۾ هنن کي رکيائين:


ڇالاءِ جو هنن خداوند پنهنجي خدا جو حڪم نہ مڃيو هو، پر هن جي عهد اقرار کان، ۽ جيڪي حڪم خداوند جي ٻانهي موسيٰ جاري ڪيا هئا، تن سڀني کان هنن عدول ڪيو، ۽ اُهي نہ ٻڌائون ۽ نہ انهن تي عمل ڪيائون.


انهيءَ لاءِ تہ محتاجن کي عدالت کان برطرف ڪن، ۽ منهنجي قوم جي غريبن جو حق کسي وڃن، ۽ بيوہ زالن کي هو ڦرين لٽين، ۽ يتيمن کي هو پنهنجو شڪار ڪن!


جيڪي ماڻهوءَ کي مقدمي ۾ ڏوهاري ٿا ٺهرائين، ۽ جيڪو دروازي تي بيهي ملامت ٿو ڪري تنهن لاءِ ڦندو ٿا وجهن: ۽ سچار کي معمولي شيءِ سان ڦيرايو ڇڏين.


تنهنڪري ڏس، جيڪو فائدو تو ڪپت ڪري حاصل ڪيو آهي تنهن تي، ۽ جيڪا خونريزي تو ۾ ٿي آهي تنهن تي، مون پنهنجي هٿ سان ڌڪ هنيو آهي.


۽ هنن منهنجي قوم لاءِ ڪُڻا وڌا آهن: ۽ هڪ ڪڃري لاءِ هڪ ڇوڪر ڏنو اٿن، ۽ شراب پيئڻ جي لاءِ ڇوڪري وڪڻي اٿن.


اوهان يهوداہ ۽ يروشلم جو اولاد بہ يونانين وٽ وڪڻيو آهي، انهي لاءِ تہ هنن کي سندن سرحدن کان پري نيو:


جن جا مالڪ هنن کي ڪُهن ٿا، ۽ پاڻ کي بي ڏوهي ٿا سمجهن؛ ۽ جن جا سوداگر چون ٿا، تہ خداوند برڪت وارو آهي، جو آءٌ دولتمند ٿيو آهيان: ۽ خود سندن ريڍار رحم نٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ