Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 2:5 - Sindhi Bible

5 پر آءٌ يهوداہ تي باهہ موڪليندس ۽ اُها يروشلم جا محلات ساڙي ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تنهنڪري آءٌ يهوداہ ملڪ تي باهہ موڪليندس، جيڪا يروشلم جي محلاتن سميت سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 2:5
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ خداوند جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر ساڙي ڇڏيو؛ ۽ يروشلم جا سڀ گهر، يعني سڀ وڏا گهر، باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيا.


پر جي اوهين منهنجي نہ ٻڌندا، ۽ سبت جو ڏينهن پاڪ نہ رکندا، ۽ بار کڻي سبت جي ڏينهن يروشلم جي دروازن مان اندر لنگهي ايندا؛ تہ پوءِ آءٌ ان جي دروازن ۾ اهڙي باهہ ٻاريندس، جا يروشلم جا محلات ساڙي ڇڏيندي، ۽ اُجهامندي ئي ڪين.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجو منهن هن شهر ڏي انهي لاءِ ڪيو آهي تہ اُن سان برائي ڪريان نہ ڀلائي؛ اهو بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏنو ويندو ۽ هو ان کي باهہ ڏئي ساڙي ڇڏيندو.


۽ ڪسدين بادشاهہ جو گهر ۽ ماڻهن جا گهر باهہ سان ساڙيا ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڇڏيون.


۽ انهيءَ خداوند جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر ساڙيو؛ ۽ يروشلم جا سڀ گهر، بلڪ سڀڪو وڏو گهر، هن باهہ سان ساڙيو.


ڇالاءِ جو اسرائيل پنهنجو خالق وساري ڇڏيو آهي، ۽ محلاتون جوڙيون اٿس؛ ۽ يهوداہ گهڻا ئي پناهہ وارا شهر اڏيا آهن: پر آءٌ هن جي شهرن تي باهہ موڪليندس، ۽ اُها ان جا قلعا ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


پر آءٌ حزائيل جي گهراڻي ۾ باهہ موڪليندس ۽ اها بن هدد جا محلات ساڙي ڇڏيندي.


تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ انهي ملڪ جي چوڌاري هڪڙو دشمن ايندو، ۽ اهو تنهنجو زور کسي وٺندو، ۽ تنهنجا محلات لٽجي ويندا.


آءٌ سياري واري گهر کي اونهاري واري گهر سان تباهہ ڪندس، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ عاج جا گهر چٽ ٿي ويندا ۽ وڏا گهر ناس ٿي ويندا.


خداوند مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ خداوند باهہ کي ساڙڻ لاءِ سڏيو؛ ۽ اُنهيءَ وڏي سمنڊ کي ڳهي ڇڏيو، ۽ ملڪ کي بہ کائي وڃي ها.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ