Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 2:4 - Sindhi Bible

4 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ يهوداہ جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ تہ هنن خداوند جي شريعت رد ڪري ڇڏي آهي ۽ سندس قاعدن تي نہ هليا آهن، ۽ سندن ڪوڙن، جنهن تي هو پاڻ ۽ سندن ابا ڏاڏا هليا آهن، کين گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”يهوداہ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند جي شريعت کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي حڪمن تي عمل نہ ڪيو اٿائون. انهن ڪوڙن معبودن کين گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، جن جي سندن ابن ڏاڏن پوڄا ڪئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 2:4
53 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوداہ بہ خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن جي سنڀال نہ ڪئي پر اسرائيل جا قانون، جي هنن پاڻ جوڙيا، تن تي هليا.


هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن امصياہ ادومين جي ڪوس ڪرڻ کان واندو ٿي آيو، تڏهن هن بني شعير جا معبود پاڻ سان آندا، ۽ انهن کي پنهنجا معبود ڪري رکيائين، ۽ انهن جي اڳيان سجدو ڪيائين، ۽ انهن جي لاءِ لوبان ساڙيائين.


۽ اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن وانگي ۽ پنهنجن ڀائرن وانگي نہ ٿيو، جن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي برخلاف گناهہ ڪيو، جنهن ڪري هن انهن کي ناس ڪري ڇڏيو، جيئن ڪ اوهين ڏسو ٿا.


اسان تنهنجي برخلاف تمام خراب هلت ڪئي آهي، ۽ جيڪي حڪم، ۽ قاعدا، ۽ فيصلا، تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي ڏنا هئا، سي بجاءِ نہ آندا اٿئون.


انهيءَ هوندي بہ هو نافرمان ٿيا ۽ تنهنجي برخلاف بغاوت ڪيائون، ۽ تنهنجي شريعت پنهنجي پٺ جي پٺيان اُڇلائي ڇڏيائون، ۽ جن تنهنجن نبين اُنهن کي تو ڏانهن موٽي اچڻ لاءِ نصيحت ڪئي، تن کي ڪُٺائون، ۽ وڏي ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙا ڪم ڪيائون.


ڇالاءِ جو اوهان چيو آهي تہ اسان موت سان عهد اقرار ڪيو آهي، ۽ دوزخ سان اسان جو انجام آهي؛ جڏهن سزا جي اُٿل ٿيندي، تڏهن اها اسان ڏانهن نہ ايندي؛ ڇالاءِ جو اسان ڪوڙ کي پنهنجي پناهہ ڪيو آهي، ۽ دغا هيٺ اسان پاڻ کي لڪايو آهي:


هو رک کائي ٿو: ٺڳيل دل هن کي اهڙو گمراهہ ڪيو آهي جو هو پنهنجو روح ڇڏائي نٿو سگهي، ۽ نڪي چوي ٿو تہ منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڪوڙ ناهي ڇا؟


تڏهن تون هنن کي چئج تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ جو سبب هي آهي، تہ اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان ويا آهن، ۽ انهن جي عبادت ڪئي اٿن، ۽ انهن کي سجدو ڪيو اٿن، ۽ مون کي ڇڏي ڏنو اٿن. ۽ منهنجي شريعت تي عمل نہ ڪيو اٿن؛


۽ اوهان پنهنجي ابن ڏاڏن کان بہ وڌيڪ خرابي ڪئي آهي؛ ڇالاءِ جو ڏسو، اوهان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي دل جي نٺرائي موجب ٿو هلي، جنهن ڪري اوهين منهنجي نٿا ٻڌو:


پر جي اوهين منهنجي نہ ٻڌندا، ۽ سبت جو ڏينهن پاڪ نہ رکندا، ۽ بار کڻي سبت جي ڏينهن يروشلم جي دروازن مان اندر لنگهي ايندا؛ تہ پوءِ آءٌ ان جي دروازن ۾ اهڙي باهہ ٻاريندس، جا يروشلم جا محلات ساڙي ڇڏيندي، ۽ اُجهامندي ئي ڪين.


اي زمين، ٻڌ: ڏس آءٌ هن قوم تي خرابي آڻيندس، يعني سندن خيالن جو نتيجو، ڇالاءِ جو هنن منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن، ۽ منهنجي شريعت کي اصل رد ڪري ڇڏيو اٿن.


۽ انهن کي سج ۽ چنڊ ۽ آسمان جي سڄي لشڪر جي اڳيان پکيڙيندا، جن سان انهن محبت رکي آهي، ۽ جن جي هنن عبادت ڪئي آهي، ۽ جن جي پٺيان هو هليا آهن، ۽ جن کي هنن ڳوليو آهي، ۽ جن کي هنن سجدو ڪيو آهي: هو نہ گڏ ڪيا ويندا ۽ نہ دفن ڪيا ويندا؛ هو زمين جي سطح تي ڇيڻي جي بجاءِ ٿيندا.


ڏاها ماڻهو شرمندا ٿيا آهن، هو ڊڄي ويا آهن ۽ گرفتار ٿيا آهن: ڏس هنن خداوند جو ڪلام رد ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ هنن ۾ ڪهڙي قسم جي ڏاهپ آهي؟


بلڪ پنهنجي دل جي نٺرائي موجب هو بعليم جي پٺيان هليا آهن، جيئن سندن ابن ڏاڏن کين سيکاريو.


ڇالاءِ جو ڪوڙ سان، جن سچارن کي مون غمگين نہ ڪيو آهي، تن جي دل کي اوهان رنج ڪيو آهي؛ ۽ شرير جي هٿن کي زور وارو ڪيو اٿوَ، تہ اُهو پنهنجي خراب رستي کان باز نہ اچي ۽ جيئرو نہ رهي.


پر اسرائيل جو گهراڻو بيابان ۾ مون کان باغي ٿيو؛ هو منهنجن قانونن تي نہ هليا، ۽ هنن منهنجا حڪم رد ڪري ڇڏيا، جن تي عمل ڪرڻ وارو ماڻهو جيڪر جيئندو رهي؛ ۽ منهنجن سبتن کي هنن تمام ناپاڪ ڪيو: تڏهن مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ بيابان ۾ هنن تي ڇنڊيندس تہ ڀلي هو چٽ ٿي وڃن.


ڇالاءِ جو هنن منهنجا حڪم رد ڪري ڇڏيا، ۽ هو منهنجن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجن سبتن کي ناپاڪ ڪيائون: ڇالاءِ جو هنن جي دل سندن بُتن جي پٺيان ٿي ويئي.


مون بيابان ۾ هنن جي اولاد کي چيو تہ اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي قانونن تي نہ هلو، نڪي هنن جا حڪم مڃو، نڪي هنن جي بُتن سان پاڻ کي پليت ڪريو:


ڇالاءِ جو هنن منهنجن حڪمن جي تعميل نہ ڪئي، پر منهنجا قانون رد ڪري ڇڏيائون، ۽ منهنجن سبتن کي ناپاڪ ڪيائون: ۽ هنن جون اکيون سندن ابن ڏاڏن جي بُتن پٺيان هيون.


سو اسرائيل جي گهراڻي کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين پاڻ کي پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر ناپاڪ ڪريو ٿا ڇا؟ ۽ هنن جي ڪراهت جهڙن ڪمن جي پٺيان زناڪاري ڪندا وتو ٿا ڇا؟


۽ هن جي نبين پنهنجي لاءِ اڻ گڏيل گاري سان لنب ڪئي آهي، ۽ باطل شيون ڏسن ٿا، ۽ پنهنجي لاءِ ڪوڙيون فالون ٿا وجهن، ۽ چون ٿا تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، پر خداوند ائين نہ فرمايو آهي.


تو منهنجي پاڪ شين کي ڌڪاريو آهي ۽ منهنجن سبتن جي بي ادبي ڪئي آهي.


خداوند جو يهوداہ سان بہ تڪرار آهي، ۽ هو يعقوب کي سندس راهن موافق سزا ڏيندو؛ انهي کي هو سندس ڪمن موافق بدلو ڏيندو.


ماءُ جي پيٽ ۾ ئي هن پنهنجي ڀاءُ کي کڙيءَ کان ورتو؛ ۽ جڏهن هو وڏو ٿيو تڏهن خدا سان زور آزمايائين:


اي يهوداہ، تنهنجي لاءِ بہ هڪڙو فصل تيار رکيو ويو آهي، جڏهن آءٌ پنهنجي قوم جا قيدي موٽائي آڻيندس.


خداوند ٿو فرمائي تہ دمشق جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن جلعاد کي لوهہ جي ڳاهڻ وارن اوزارن سان ڳاهيو آهي:


زمين جي سڀني قبيلن مان رڳو اوهان کي مون سڃاتو آهي: تنهنڪري آءٌ اوهان کي اوهانجن سڀني گناهن جي سزا ڏيندس.


اُن جا دولتمند ماڻهو ظلم سان ڀريل آهن، ان جي رهاڪن ڪوڙ ڳالهايا آهن، ۽ انهن جي زبان سندن وات ۾ دغاباز آهي.


اُڪريل مورت مان ڪهڙو فائدو جا اُڪريندڙ اُڪري ٺاهي آهي؟ پلٽيل مورت ۽ ڪوڙن جي سيکاريندڙن مان ڪهڙو فائدو، جو سندس ٺاهڻ وارو انهي تي ڀروسو رکي گونگن بُتن کي ٺاهي ٿو.


ڇالاءِ جو اُنهن خدا جي سچ جي بدران ڪوڙ کي قبوليو، ۽ مخلوقات جي عبادت ۽ بندگي ڪيائون، ۽ اُنهي خالق کي ڇڏي ڏنائون جو هميشہ جلال وارو آهي. آمين.


تنهنڪري جيڪو هيءَ ڳالهہ رد ٿو ڪري، سو ماڻهوءَ کي رد نٿو ڪري پر خدا کي رد ٿو ڪري، جو پنهنجو پاڪ روح اوهان کي ڏئي ٿو.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جي اجائي هلت چلت جا اوهان جي ابن ڏاڏن کان وٺي هلي آئي آهي، تنهن کان اوهان کي فاني شين، يعني سون ۽ چانديءَ جي وسيلي نجات نہ ملي؛


۽ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ بعليم ۽ عستارات جي، ۽ ارام جي معبودن، ۽ صيدا جي معبودن، ۽ موآب جي معبودن، ۽ بني عمون جي معبودن، ۽ فلستين جي معبودن جي عبادت ڪرڻ لڳا؛ ۽ هنن خداوند کي ڇڏي ڏنو، ۽ انهي جي عبادت نٿي ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ