12 پر اوهان نذيرين کي شراب پياريو؛ ۽ نبين کي حڪم ڏيئي چيو تہ نبوت نہ ڪريو.
12 پر اوهان ناذيرين کي مئي پيئاريو، ۽ نبين کي منهنجي پيغام ٻڌائڻ کان منع ڪئي.
اُهي غيب ڏسڻ واري کي چون ٿا تہ غيب نہ ڏسو، ۽ نبين کي چون ٿا تہ اسان کي نبوت جون سچيون ڳالهيون نہ ٻڌايو؛ اسان کي وڻندڙ ڳالهيون ٻڌايو، ۽ ڪوڙي نبوت ڪريو.
تنهن ڪري خداوند عنتوت جي ماڻهن جي نسبت هيئن ٿو فرمائي، يعني جي ماڻهو تنهنجي حياتيءَ جي پٺيان آهن، ۽ چون ٿا تہ خداوند جي نالي سان نبوت نہ ڪر متان اسان جي هٿان مري پوين:
۽ مون ريڪابين جي گهراڻي جي پٽن جي اڳيان شراب سان ڀريل دُنگڙيون ۽ پيالا رکيا، ۽ چيو مان تہ اوهين شراب پيو.
پر بيت ايل ۾ وري اڳتي نبوت نہ ڪج، ڇالاءِ جو هي بادشاهہ جو پاڪ مڪان آهي، ۽ هي هڪڙو شاهي گهر آهي.
تنهنڪري تون هاڻي خداوند جو ڪلام ٻڌ: تون چوين ٿو تہ اسرائيل جي برخلاف نبوت نہ ڪر، ۽ پنهنجو ڪلام اسحاق جي گهراڻي جي برخلاف نہ ٻڌاءِ؛
بڪواسي چون ٿا تہ بڪواس نہ ڪريو، انهن ڳالهين بابت بڪواس نہ ڪريو: اهڙن شخصن تان مهڻو نہ لهندو.
بني اسرائيل کي چئُہ تہ جڏهن ڪو مرد يا ڪا زال ڪا خاص مڃتا مڃي، ۽ خداوند جي لاءِ نذير ٿيڻ واسطي ڇِلي ۾ ويهي:
تڏهن هو پاڻ کي شراب ۽ نشيدار شين کان پري رکي؛ هو شراب جو سرڪو، يا ٻيءَ نشي واريءَ شيءِ جو سرڪو نہ پئي، نڪي ڊاک جو رس پئي، نڪي تازي يا سڪل ڊاک کائي.