Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 1:4 - Sindhi Bible

4 پر آءٌ حزائيل جي گهراڻي ۾ باهہ موڪليندس ۽ اها بن هدد جا محلات ساڙي ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تنهنڪري آءٌ اهڙي باهہ موڪليندس، جيڪا بن‌هدد بادشاهہ جي ٺهرايل قلعي ۽ انهيءَ ۾ حزائيل بادشاهہ جي محل کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 1:4
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند هن کي چيو تہ وڃ، پنهنجو رستو وٺي دمشق جي بيابان ڏي موٽ: ۽ جڏهن اُتي پهچين تڏهن حزائيل کي مسح ڪر تہ ارام جو بادشاهہ ٿئي:


۽ يوآس بن يهوآخز، خزائيل جي بن هدد کان اُهي شهر کسي ورتا، جي هن جنگ ڪرڻ سان سندس پيءُ يهوآخز جي هٿن مان ورتا هئا. يوآس ٽي ڀيرا هن کي شڪست ڏني، ۽ اُهي اسرائيل وارا شهر هن کان وري ورتائين.


۽ خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي، ۽ هن انهن کي ارام جي بادشاهہ حزائيل، ۽ بن هدد بن حزائيل جي هٿن ۾ ساندهہ ڏيئي ڇڏيو.


۽ انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ ارام جي بادشاهہ بن هدد پنهنجو سارو لشڪر گڏ ڪيو ۽ چڙهي وڃي سامريہ تي گهيرو ڪيائين.


تڏهن آسا خداوند جي گهر ۾ بادشاهہ جي گهر جي خزانن مان چاندي ۽ سون ڪڍي ارام جي بادشاهہ بن هدد وٽ موڪليو، جو دمشق ۾ رهندو هو، ۽ چوائي موڪليائين تہ،


پر جي اوهين منهنجي نہ ٻڌندا، ۽ سبت جو ڏينهن پاڪ نہ رکندا، ۽ بار کڻي سبت جي ڏينهن يروشلم جي دروازن مان اندر لنگهي ايندا؛ تہ پوءِ آءٌ ان جي دروازن ۾ اهڙي باهہ ٻاريندس، جا يروشلم جا محلات ساڙي ڇڏيندي، ۽ اُجهامندي ئي ڪين.


۽ آءٌ دمشق جي ڀت تي هڪڙي باهہ ٻاريندس، ۽ اُها بن هدد جي محلاتن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


۽ هو تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ مصر کي باهہ ڏيندس ۽ ان جا سڀ مددگار ناس ٿي ويندا.


۽ آءٌ ماجوج تي، ۽ جيڪي ماڻهو ٻيٽن ۾ سلامتيءَ سان رهن ٿا تن تي، باهہ نازل ڪندس؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


ڇالاءِ جو اسرائيل پنهنجو خالق وساري ڇڏيو آهي، ۽ محلاتون جوڙيون اٿس؛ ۽ يهوداہ گهڻا ئي پناهہ وارا شهر اڏيا آهن: پر آءٌ هن جي شهرن تي باهہ موڪليندس، ۽ اُها ان جا قلعا ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


پر آءٌ صور جي ڀت تي باهہ موڪليندس ۽ اُها سندن محلات ساڙي ڇڏيندي.


پر آءٌ تيمان تي باهہ موڪليندس ۽ اُها بصرا جا محلات ساڙي ڇڏيندي.


پر آءٌ ربہ جي ڀت تي باهہ ٻاريندس ۽ اُها سندن محلات ساڙي ڇڏيندي؛ جنگ جي ڏينهن رڙين سان، ۽ حرارت جي ڏينهن طوفان سان،


پر آءٌ غزہ جي ڀت تي باهہ موڪليندس، ۽ اها سندن محلات ساڙي ڇڏيندي.


پر آءٌ موآب تي باهہ موڪليندس ۽ اُها قريوت جا محلات ساڙيندي؛ ۽ موآب گوڙ گڙٻڙ سان، رڙين سان ۽ قرناءِ جي آواز سان مرندو.


پر آءٌ يهوداہ تي باهہ موڪليندس ۽ اُها يروشلم جا محلات ساڙي ڇڏيندي.


۽ سڪم جي سڀني ماڻهن جي شرارت خدا موٽائي سندن سرن تي آندي، ۽ يوتام بن يروبعل جي لعنت اُنهن تي آئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ