Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 1:13 - Sindhi Bible

13 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ بني عمون جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن جلعاد جي ڍڪيل زالن جا پيٽ ڦاڙيا آهن، تہ هو پنهنجي سرحد وڌائين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”عمون علائقي وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن پنهنجي سرحدن کي وڌائڻ جي انڌ ۾ جِلعاد علائقي جي حاملہ عورتن جا بہ پيٽ ڦاڙي ڇڏيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 1:13
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ۾ جيڪي ماڻهو هئا تن کي ڪڍي ڪرٽن هيٺ، ۽ لوهہ جي ڏاندارين ۽ ڪهاڙين هيٺ رکيائين، ۽ سرن جي کوري مان لنگهايائين: ۽ هن بني عمون جي سڀني شهرن جو اهو حال ڪيو. پوءِ دائود ۽ سڀ ماڻهو موٽي يروشليم ۾ آيا.


تڏهن مناحم، تفسح، ۽ ٻيا جيڪي انهيءَ ۾ هئا سي، ۽ انهيءَ جون سرحدون، ترضہ کان ماري ورتيون: ڇالاءِ جو هنن اهو شهر کولي هن کي نہ ڏنو، تنهنڪري هن اهو ماري ورتو؛ ۽ اُتي جيڪي زالون پيٽ سان انهيءَ ۾ هيون، تن جو هن پيٽ ڦاڙيو.


۽ خداوند ڪسدين جون، ۽ ارامين، ۽ موآبين، ۽ بني عمون جون ٽوليون يهوداہ تي موڪليون، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو ڪلام، جو هن پنهنجن ٻانهن نبين جي معرفت فرمايو هو. تنهن موجب انهيءَ کي چٽ ڪري.


تڏهن حزائيل چيو تہ منهنجو ڌڻي ڇو ٿو روئي؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ مون کي انهيءَ خرابيءَ جي خبر آهي جا تون بني اسرائيل کي پهچائيندين: هنن جا مضبوط ڪوٽ تون باهہ ڏيئي ساڙيندين، ۽ هنن جا جوان ماڻهو تون ترار سان قتل ڪندين، ۽ هنن جا ننڍڙا ٻار اُڇلائي پرزا پرزا ڪندين، ۽ هنن جي پيٽ وارين زالن جا پيٽ ڦاڙيندين.


انهيءَ کانپوءِ هيئن ٿيو تہ بني عمون، ڪن عمونين سان گڏ، يهوسفط سان جنگ ڪرڻ آيا.


۽ هاڻي ڏس، بني عمون ۽ موآب ۽ شعير جبل، جن تي بني اسرائيل کي مصر جي زمين مان نڪرڻ مهل تو ڪاهہ ڪرڻ نہ ڏني بلڪ هو انهن کان ڦري ويا، ۽ انهن کي ناس نہ ڪيائون؛


پر جڏهن سنبلط حوروني، ۽ طوبياہ نالي عموني غلام، ۽ جشم عربي، اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اسان تي کلون ۽ ٺٺوليون ڪيائون، ۽ اسان کي ڌڪارڻ لڳا، ۽ چيائون تہ هي ڪهڙو ڪم آهي جو اوهين ڪريو ٿا؟ اوهين بادشاهہ کان باغي ٿيندا ڇا؟


جبل، ۽ امون، ۽ عماليق؛ فلستين ۽ صور جي رهاڪن:


افسوس انهن تي جي گهر سان گهر ٿا ملائين ۽ ٻنيءَ سان ٻني، تان جو ڪابہ جاءِ نٿي بچي، تہ هو ملڪ ۾ اڪيلا رهن:


ادوم، ۽ موآب، ۽ بني عمون کي؛


۽ تون اي آدمزاد، نبوت ڪر، تہ خداوند خدا بني عمون جي نسبت ۽ سندن خواريءَ جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي؛ ۽ تون چئُہ تہ هڪڙي ترار ڪڍي ويئي آهي، ڪوس لاءِ چمڪائي ويئي آهي، تہ اُها وڄ وانگر ناس ڪري:


۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


تو چيو آهي تہ هي ٻہ قومون، ۽ هي ٻہ ملڪ منهنجا ٿيندا، ۽ اسين انهن جا مالڪ ٿينداسين، پر خداوند اُتي هو:


سامريہ پنهنجو ڏوهہ کڻندي؛ ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجي خدا کان باغي ٿي آهي: هو ترار سان ڪِرندا، هنن جا معصوم ٻار پرزا پرزا ٿيندا، ۽ هنن جي حاملہ زالن جا پيٽ ڦاڙيا ويندا.


اي اسرائيل، خداوند پنهنجي خدا وٽ موٽ، ڇالاءِ جو تون پنهنجي بدڪاريءَ سبب ڪِريو آهين.


خداوند ٿو فرمائي تہ دمشق جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن جلعاد کي لوهہ جي ڳاهڻ وارن اوزارن سان ڳاهيو آهي:


۽ جڏهن تون بني عمون جي ويجهو اچين، تڏهن انهن کي نہ ستائج، نڪي انهن سان جنگ ڪج: ڇالاءِ جو آءٌ توکي بني عمون جي ملڪ مان ڪابہ ملڪيت ڪانہ ڏيندس: ڇوتہ مون اهو بني لوط کي ملڪيت طور ڏنو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ