Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 1:12 - Sindhi Bible

12 پر آءٌ تيمان تي باهہ موڪليندس ۽ اُها بصرا جا محلات ساڙي ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 تنهنڪري آءٌ تيمان شهر تي باهہ موڪليندس، جيڪا ان سان گڏ بُصراہ جي محلاتن سميت سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 1:12
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اليفز جا پٽ: تيمان، اومر، صفو، جعتام ۽ قنز.


بلع جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي بصراہ واري زارح جي پٽ يوباب بادشاهي ڪئي.


۽ بالع مئو، ۽ انهيءَ جي جاءِ تي يوباب بن زارح، بادشاهہ ٿيو، جو بصراہ جو هو.


ڇالاءِ جو منهنجي ترار آسمان ۾ پي ڍائي آهي: ڏسو، اها ادوم تي، ۽ منهنجي لعنت پيل اُمت تي عدالت لاءِ نازل ٿيندي.


خداوند جي ترار رت سان ڀريل آهي، اها سڻڀ سان، گهيٽن ۽ ٻڪرين جي رت سان، ۽ گهٽن جي بڪين جي چرٻيءَ سان سڻڀي ڪيل آهي: ڇالاءِ جو خداوند جي لاءِ بصراہ ۾ هڪڙي قرباني، ۽ ادوم ۾ وڏو قتلام آهي.


هي ڪير آهي جو ادوم کان ٿو اچي، ۽ قرمزي ڪپڙا پائي بصراہ کان ٿو اچي؟ اهو جنهن جي پوشاڪ شاندار آهي، ۽ جو ڏاڍي زور سان ٿو هلي؟ اهو آءٌ آهيان، جو راستبازيءَ سان ٿو ڳالهايان، ۽ بچائڻ لاءِ قادر آهيان.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجي ذات جو قسم کنيو آهي تہ بصرہ، حيرت، ۽ ملامت، ۽ ويرانيءَ، ۽ لعنت جو سبب ٿيندو؛ ۽ ان جا سڀ شهر هميشہ لاءِ ويران رهندا.


تنهن ڪري اوهين خداوند جي اُها رٿ ٻڌو جا هن ادوم جي برخلاف ڪئي آهي؛ ۽ هن جا اُهي ارادا، جي هن تيمان جي رهاڪن جي برخلاف ڪيا آهن؛ يعني هو انهي کي، گهلي ويندا، بلڪ ڌڻ جي ٻچن کي بہ؛ يقيناً هو ان جي رهڻ جو هنڌ، ساڻن گڏ ويران ڪري ڇڏيندو.


ڏس هو چڙهي ايندو، ۽ عقاب وانگي اُڏامي پنهنجا پر بصرہ جي برخلاف پکيڙيندو؛ ۽ اُنهي ڏينهن ادوم جي بهادر مرد جي دل سورن واري زال جي دل جهڙي ٿيندي.


ادوم بابت: لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ: تيمان ۾ ڏاهپ ڪانہ رهي آهي ڇا؟ سياڻن منجهان صلاح مصلحت نڪري ويئي آهي ڇا؟ انهن جي ڏاهپ گم ٿي ويئي آهي ڇا؟


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ آءٌ پنهنجو هٿ ادوم تي ڊگهيريندس، ۽ انهي مان ماڻهو توڙي جانور وڍي ڇڏيندس: ۽ آءٌ انهي کي تيمان کان وٺي اهڙو ويران ڪندس، جو ددان تائين اُهي ترار سان ڪِرندا.


عبدياہ جو رويا. خداوند خدا ادوم جي بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ اسان خداوند وٽان اها خبر ٻڌي آهي، ۽ قومن ۾ هڪڙو ايلچي موڪليو ويو آهي، تہ اوهين اُٿو ۽ اچو، تہ چڙهي هلي هن سان جنگ ڪريون.


خداوند تيمان مان آيو، ۽ پاڪ خدا فاران جي جبل تان. هن جي جلال آسمانن کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ زمين هن جي تعريف سان معمور هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ