Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 1:11 - Sindhi Bible

11 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ادوم جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هو ترار سان پنهنجي ڀاءُ جي پٺيان پيو، ۽ رحم کي اُڇلائي ڇڏيائين: ۽ سندن ڪاوڙ هميشہ پئي ڦاڙيو، ۽ هن پنهنجو غصو هميشہ لاءِ رکي ڇڏيو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”ادوم ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هو تلوار کڻي پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن جي پٺيان پوندا هئا، ۽ کين ڪو رحم نہ ٿي آيو. انهن جي ڪاوڙ جاري رهي ۽ سندن غصو ڍرو نہ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 1:11
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هاڻي ڏس، بني عمون ۽ موآب ۽ شعير جبل، جن تي بني اسرائيل کي مصر جي زمين مان نڪرڻ مهل تو ڪاهہ ڪرڻ نہ ڏني بلڪ هو انهن کان ڦري ويا، ۽ انهن کي ناس نہ ڪيائون؛


سي ڏس تہ ڪيئن نہ انهيءَ جو اسان کي بدلو ٿا ڏين، جو جيڪا ملڪيت تو اسان کي ورثو ڪري ڏني آهي، تنهن مان اسان کي ڪڍي ٿا ڇڏين.


ڇالاءِ جو ادومين وري اچي يهوداہ کي شڪست ڏني هئي ۽ انهن مان ڪن کي قيد ڪري کڻي ويا هئا.


اي خداوند يروشلم جي ڏينهن کي بني ادوم جي برخلاف ياد رک، جن چيو ٿي تہ انهيءَ کي ڊاهيو، ۽ انهي جي پاڙ پٽي ڪڍو.


تون هميشہ تائين اسان سان غصي رهندين ڇا؟ تنهنجو غصو سڀني پيڙهين تي پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ جاري رهندو ڇا؟


پنهنجي طبيعت ۾ تڪڙو ٿي نہ ڪاوڙج: ڇالاءِ جو ڪاوڙ بي عقلن جي سيني ۾ ٿي رهي.


ڇالاءِ جو آءٌ هميشہ جهيڙو نہ ڪندس، نڪي آءٌ هميشہ ڪاوڙبس: نہ تہ روح ۽ جانيون جن کي مون پيدا ڪيو آهي سي منهنجي اڳيان بيتاب ٿي وينديون.


جيڪي چڱو آهي سو اسرائيل اُڇلائي ڦٽو ڪيو آهي: دشمن هن جي پٺيان پوندو.


مصر ويران ٿي ويندو، ۽ ادوم بيابان ٿي ويندو، ڇو جو هنن بني يهوداہ سان ظلم ڪيو آهي ۽ ڇالاءِ تہ هنن، هنن جي ملڪ ۾ بيگناهہ رت وهايو آهي.


تو جهڙو ٻيو ڪهڙو خدا آهي جو گناهہ معاف ڪري ٿو، ۽ پنهنجي ميراث جي باقي رهيلن جي ڏوهہ کان گذر ڪري ٿو؟ هو هميشہ لاءِ ڪاوڙيل نٿو رهي، ڇالاءِ جو هن کي رحم ڪرڻ پسند آهي.


۽ آءٌ انهن قومن تي تمام ناراض آهيان جي آرام ۾ آهن؛ ڇالاءِ جو جڏهن آءٌ ٿورو ئي ناراض هوس، تہ هنن برائي ڪري گهڻي مار ڪٽ ڪئي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ مون اوهان سان محبت رکي، پر تڏهن بہ اوهين ٿا چئو تہ تو ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ اسان سان محبت رکي آهي؟ خداوند ٿو فرمائي، تہ عيسو يعقوب جو ڀاءُ نہ هو ڇا؟ تہ بہ مون يعقوب سان محبت رکي؛


هاڻي جيڪڏهن ادوم چوي تہ اسين سُڃا ٿي ويا آهيون، پر وري موٽي اچي ويران جڳهن کي اڏينداسين؛ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن هو اڏيندا تہ بہ آءٌ ڊاهي ڇڏيندس: ۽ ماڻهو انهن کي شرارت جي حد سڏيندا، يعني اُها قوم جنهن تي خداوند هميشہ غضبناڪ آهي.


تنهنڪري پيارن ٻارن وانگر اوهين خدا جي پيروي ڪريو:


تون ڪنهن ادوميءَ سان نفرت نہ رکج؛ ڇالاءِ جو هو تنهنجو ڀاءُ آهي: تون ڪنهن مصريءَ سان بہ نفرت نہ رکج؛ ڇالاءِ جو تون انهي جي ملڪ ۾ مسافر هئين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ