Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:41 - Sindhi Bible

41 پوءِ هن هٿ ڏيئي اُٿاريس، ۽ انهن پاڪ ٿيلن ۽ بيوهن کي سڏي اُها جيئري جاڳندي سندن حوالي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

41 پطرس کيس هٿ کان وٺي اٿاريو ۽ وڌوائن سميت مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل سڀني ماڻهن کي سڏي جيوت طبيٿا سندن حوالي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 پطرس کيس هٿ کان وٺي اٿاريو ۽ رنن‌زالن سميت مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل سڀني ماڻهن کي سڏي جيئري جاڳندي طبيٿا سندن حوالي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

41 پطرس کيس ھٿ کان وٺي اٿاريو ۽ ايمان وارن ۽ رنن⁠زالن کي سڏي جيئري جاڳندي طبيٿا سندن حوالي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:41
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ٻڌايائونس تہ يوسف اڃا جيئرو آهي، ۽ مصر جي سڄي ملڪ جو حاڪم آهي. اهو ٻڌي هن جو هانءُ هارجي ويو، ڇالاءِ جو کيس هنن جي ڳالهين تي يقين ڪين آيو.


۽ ايلياہ ڇوڪر کڻي ڪوٺيءَ مان ڪڍي هيٺ لاهي گهر ۾ آندو، ۽ ماڻس کي ڏيئي ڇڏيائين: ۽ ايلياہ چيو تہ ڏس، تنهنجو پٽ جيئرو آهي.


۽ هن چيو تہ اهو پنهنجو کڻ. ۽ هن هٿ ڊگهو ڪري اُهو کڻي ورتو.


جيڪو مرڻ لاءِ تيار هو تنهن جي دعا مون تي ايندي هئي، ۽ آءٌ بيوہ جي دل خوشيءَ سان سرهي ڪندو هوس.


خداوند پرديسين کي سنڀالي ٿو؛ هو يتيمن ۽ بيوهن جي سنڀال ٿو ڪري؛ پر بڇڙن جي واٽ آڏي اُبتي ڪريو ڇڏيو.


هو آيو ۽ هن کي هٿ کان وٺي اُٿاري ويهاريائين، تہ تپ ڇڏي ويس، ۽ هوءَ اُٿي سندن خدمت ڪرڻ لڳي.


۽ جڏهن شهر جي دروازي جي ويجهو آيو، تڏهن ڏسو هڪڙي مڙدي کي ٻاهر کنيو پئي ويا. اُهو ماءُ جو هڪڙو ئي پٽ هو، ۽ اها بيوهہ زال هئي، ۽ شهر جا گهڻا ماڻهو ساڻس هئا.


تنهن تي اُهو مڙدو اُٿي ويٺو، ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳو. پوءِ هن کي کڻي سندس ماءُ جي حوالي ڪيائين.


۽ هو انهي ڇوڪري کي جيئرو وٺي آيا ۽ ڏاڍي دلجاءِ ٿين.


۽ کيس ساڄي هٿ کان وٺي اُٿاريائين، تہ اتي جو اتي سندس پيرن ۽ مُرين ۾ طاقت اچي ويئي.


هاڻي انهن ڏينهن ۾، جڏهن شاگردن جو شمار وڌندو ويو، تڏهن يونان جا يهودي عبرانين جي شڪايت ڪرڻ لڳا، ڇالاءِ جو روزمرہ جي کاڌي جي ورڇ وقت، سندن بيوهہ زالن جي پوري پوئواري ڪانہ ٿيندي هئي.


پر حنانياہ ورندي ڏني، تہ اي خداوند، مون گهڻن کان هن ماڻهوءَ بابت ٻُڌو آهي تہ يروشلم ۾ تنهنجي پاڪ ٿيلن سان ڪهڙيون نہ جُٺيون ڪيون اٿس:


۽ هيئن ٿيو جو جيئن پطرس سڀ ڪنهن هنڌ پي گشت ڪيو، تيئن انهن پاڪ ٿيلن وٽ بہ وڃي پهتو جي لدہ ۾ رهندا هئا.


جيڪي بيوهہ زالون سچ پچ بيوهہ آهن، تن کي عزت ڏي.


هاڻي جيڪا بيوهہ زال سچ پچ بيڪس آهي، تنهن جو آسرو خدا آهي، ۽ اُها رات ڏينهن منٿون ڪرڻ ۽ دعا گهُرڻ ۾ مشغول ٿي رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ