Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:40 - Sindhi Bible

40 پر پطرس اُنهن سڀني کي ٻاهر ڪڍي گوڏا کوڙي دعا گهُرڻ لڳو؛ ۽ لاشي ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو، تہ اي طبيتا اُٿ! ۽ هن پنهنجون اکيون پَٽيون، ۽ جڏهن پطرس کي ڏٺائين، تڏهن اُٿي ويهي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

40 پطرس انهن سڀني کي ٻاهر موڪليو ۽ پاڻ گوڏن ڀر ويهي پرارٿنا ڪيائين. پوءِ سندس لاش ڏانهن منهن ڪري چيائين تہ ”اي طبيٿا! اُٿ.“ تنهن تي هن اکيون کوليون ۽ پطرس کي ڏسي اُٿي ويٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40 پطرس انهن سڀني کي ٻاهر موڪليو ۽ پاڻ گوڏن ڀر ويهي دعا گھريائين. پوءِ سندس لاش ڏانهن منهن ڪري چيائين تہ ”اي طبيٿا! اُٿ.“ تنهن تي هن اکيون کوليون ۽ پطرس کي ڏسي اُٿي ويٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

40 پطرس انھن سڀني کي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو ۽ گوڏن ڀر ويھي دعا گھريائين. پوءِ ميت ڏانھن منھن ڪري چوڻ لڳو تہ ”اي طبيٿا! اٿ.“ تنھن تي ھن اکيون کوليون ۽ پطرس کي ڏسي اٿي ويٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:40
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يسعياہ نبيءَ خداوند کان دعا گهري، ۽ هن اُهو پاڇو جو آخز جي ڌوپ گهڙي تان لهي ويو هو تنهن کي ڏهہ قدم پٺتي موٽائي آندو.


پر جڏهن تون دعا گهرين، تڏهن پنهنجي اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ وڃ، ۽ در پوري پنهنجي پيءُ کان دعا گهر، جو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، ۽ تنهنجو پيءُ جو پوشيدگيءَ ۾ ڏسي ٿو، سو توکي اجر ڏيندو.


پر جڏهن ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيائون، تڏهن هو اندر گهڙيو، ۽ هن کي هٿ کان ورتائين، تہ ڇوڪري اُٿي ويٺي.


پوءِ جڏهن يسوع ڏٺو تہ ماڻهو ڊوڙندا پيا اچن ۽ گڏ ٿيندا ٿا وڃن، تڏهن ڀوت کي دڙڪو ڏيئي چيائين، تہ اي گونگا ۽ ٻوڙا ڀوت، آئون توکي حڪم ٿو ڏيان تہ هن مان نڪري وڃ، ۽ وري هن ۾ ڪڏهن بہ نہ گهڙج.


پوءِ کانئن پهڻ جي اُڇل جيترو پنڌ جدا ٿي، گوڏا کوڙي دعا گهُرڻ لڳو تہ


پر هن سندس هٿ جهلي سڏي چيو، تہ اي نينگر، اُٿ.


جڏهن هو ايترو چئي رهيو، تڏهن گوڏا کوڙي هنن سڀني سان گڏ دعا گهُريائين.


۽ جڏهن هيئن ٿيو جو اُهي ڏينهن ڀرجي آيا، تڏهن اُتان روانا ٿياسين، ۽ هو سڀيئي پنهنجين زالن ۽ ٻارن سميت اسان سان گڏ هليا آيا، جيستائين ڪ شهر کان نڪري ٻاهر ٿياسين: پوءِ سمنڊ جي ڪناري تي گوڏا کوڙي دعا گهُريسون.


۽ هيئن ٿيو جو پبلوس جو پيءُ تپ ۽ پيچش جي ڪري بيمار پيو هو: تنهن وٽ پولس لنگهي ويو، ۽ دعا گهُري مٿس هٿ رکي کيس ڇُٽايائين.


۽ هن گوڏا کوڙي وڏي سڏ چيو، تہ اي خداوند، هي ڏوهہ هنن تي نہ وجهہ. ايترو چئي هو سمهي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ