Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:4 - Sindhi Bible

4 ۽ هو زمين تي ڪِري پيو، ۽ هڪڙو آواز ٻُڌائين جنهن چيس، تہ اي شائول، اي شائول، تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 تڏهن هو زمين تي ڪري پيو ۽ هڪڙو آواز ٻڌائين تہ ”سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تڏهن هو زمين تي ڪري پيو ۽ هڪڙو آواز ٻڌائين تہ ”سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 ھو زمين تي ڪري پيو ۽ ھڪڙو آواز ٻڌائين تہ ”اي شائول! اي شائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:4
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چيائينس تہ ساريءَ جي ٻانهي هاجرہ تون ڪٿان ٿي اچين، ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃين؟ هن چيو تہ آءٌ پنهنجيءَ ڌياڻيءَ وٽان ڀڄي آئي آهيان.


تڏهن خداوند جي فرشتي آسمان مان سڏ ڪري چيس تہ ابرهام، ابرهام، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.


تڏهن خداوند آدم کي سڏي چيو تہ تون ڪٿي آهين؟


۽ جڏهن خداوند ڏٺو تہ هو ڏسڻ لاءِ ويجهو ٿو اچي، تڏهن خدا ٻوڙي منجهان کيس سڏي چيو تہ موسيٰ، موسيٰ، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.


۽ مون خداوند جو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ آءٌ ڪنهن کي موڪليان ۽ ڪير اسان جي لاءِ ويندو! تڏهن مون چئُہ تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان؛ مون کي موڪل.


هو انهن جي سڀني ڏکن ۾ ڏکي ٿيو، ۽ سندس حضوريءَ جي فرشتي انهن کي بچايو: هن پنهنجي رحم ۽ پنهنجي قياس سان سندن عيوضو ڏنو؛ ۽ قديم زماني کان انهن کي کڻي گهمائيندو رهيو.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جلال جي لاءِ هن مون کي انهن قومن ۾ موڪليو، جن اوهان کي ڦُريو لُٽيو آهي: ڇالاءِ جو جيڪو اوهان کي ڇُهي ٿو، سو هن جي اک جي ماڻڪيءَ کي ٿو ڇُهي.


اوهين هن جماعت مان نڪري وڃو تہ آءٌ هنن کي هڪڙي پل ۾ چٽ ڪري ڇڏيان. تڏهن انهن سجدو ڪيو.


۽ بادشاهہ ورندي ڏيئي چوندن تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جڏهن اوهان منهنجن هنن ڀائرن مان سڀ کان ننڍي سان ائين ڪيو، تہ مون سان ائين ڪيو.


پر خداوند وراڻي ڏيئي چيس، تہ اي مارٿا، اي مارٿا، تون گهڻين ڳالهين جي فڪر ۽ هلاکيءَ ۾ آهين.


پوءِ هن جو ائين چيو تہ اُهو آئون آهيان، تنهن تي هو پٺتي هٽجي زمين تي ڪِري پيا.


يسوع چيس، مريم. هن ڦري عبرانيءَ ۾ چيس، ربوني؛ يعني اي اُستاد.


پوءِ جڏهن ناشتو ڪري چڪا، تہ يسوع شمعون پطرس کي چيو تہ شمعون بن يوحنا، تون مون کي هنن کان وڌيڪ پيار ٿو ڪرين؟ هن چيو تہ هائو، اي خداوند، تون ڄاڻين ٿو تہ آئون توکي چاهيان ٿو. هن چيس تہ منهنجن گهيٽن کي چارج.


۽ هوءَ يڪدم هن جي پيرن وٽ ڪِري پيئي، ۽ ساهہ ڏنائين: ۽ اهي جوان اندر آيا ۽ هن کي مُئل ڏسي ٻاهر کڻي ويس، ۽ مڙسس جي ڀرسان وڃي دفن ڪيائونس.


تڏهن هن چيو تہ اي خداوند، تون ڪير آهين؟ هن چيو تہ آئون يسوع آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو:


تڏهن تون خدا جي مهرباني ۽ سختي ڏس: سختي اُنهن تي جي ڪِري پيا، پر خدا جي مهرباني تو تي، بشرطيڪ تون سندس مهربانيءَ تي قائم رهندين: نہ تہ تون بہ وڍجي ويندين.


ڇالاءِ جو جيئن بدن هڪڙو آهي ۽ ان جا عضوا گهڻا آهن ۽ بدن جا سڀ عضوا، اگرچہ گهڻا آهن، تہ بہ گڏجي هڪ بدن آهن، تيئن مسيح بہ آهي.


ڇالاءِ جو تو ۾ ۽ ٻئي ۾ تفاوت ڪير ٿو پيدا ڪري؟ ۽ تو وٽ اُها ڪهڙي شيءِ آهي جا توکي نہ ملي آهي؟ پر جي اُها توکي مفت ملي آهي، تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين، جو ڄڻ تہ ڪانہ ملي اٿيئي؟


ڇالاءِ تہ اسين سندس بدن جا عضوا آهيون،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ