Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:34 - Sindhi Bible

34 ۽ پطرس هن کي چيو تہ ”اينياس، يسوع مسيح توکي ڇُٽائي چڱو ڀلو ٿو ڪري! اُٿ، اُٿي پنهنجو هنڌ وڇاءِ.“ ۽ انهي دم هو اُٿي کڙو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 پطرس هن کي چيو تہ ”اي اينياس! يسوع مسيح تو کي ڇٽائي چڱو ڀلو ٿو ڪري. سو اُٿ ۽ پنهنجو هنڌ ويڙهہ.“ هو هڪدم اُٿي کڙو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 پطرس هن کي چيو تہ ”اي اينياس! عيسيٰ مسيح تو کي ڇٽائي چڱو ڀلو ٿو ڪري. سو اُٿ ۽ پنهنجو هنڌ ويڙهہ.“ هو هڪدم اُٿي کڙو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 پطرس ھن کي چيو تہ ”اي اينياس! عيسيٰ مسيح تو کي ڇٽائي چڱو ڀلو ٿو ڪري. سو اٿ ۽ اٿي پنھنجو ھنڌ ويڙھہ.“ ھو ھڪدم اٿي کڙو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:34
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هن پنهنجو هٿ ڊگهيري کيس ڇُهي چيو، تہ منهنجي مرضي آهي تہ تون ڇُٽي پاڪ صاف ٿيءُ. ۽ يڪدم هن جو ڪوڙهہ لهي ويو.


پر انهي لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ ابن آدم کي زمين تي گناهہ معاف ڪرڻ جي اختياري آهي، (اُتي اُنهي اڌرنگيءَ کي چيائين) تہ اُٿ ۽ پنهنجو کٽولو کڻي گهر هليو وڃ.


هيءَ سندس معجزن جي شروعات هئي، جا يسوع گليل جي قانا شهر ۾ ڪري، پنهنجو جلال ظاهر ڪيو، ۽ هن جي شاگردن مٿس ايمان آندو.


۽ گهڻن ڏينهن تائين هن ائين پي ڪيو، سو پولس کي ڏاڍو رنج ٿيو، تنهن ڦري اُنهي ڀوت کي چيو، تہ آئون توکي يسوع مسيح جي نالي حڪم ٿو ڏيان تہ هن مان نڪري وڃ. ۽ اوڏيءَ مهل ئي اُهو نڪري ويو.


جڏهن پطرس اهو حال ڏٺو، تڏهن ماڻهن کي ورندي ڏيئي چيائين، تہ اي اسرائيليو، هن ماڻهوءَ تي عجب ڇو ٿو لڳيوَ؟ يا اسان ۾ اکيون پائي ڇو بيٺا آهيو، ڄڻ تہ اسان پنهنجيءَ قدرت ۽ دينداريءَ ڪري هن کي هلڻ جي طاقت ڏني آهي؟


سو انهي نالي ڪري ۽ انهي جي نالي تي ايمان رکڻ جي ڪري، هي ماڻهو جنهن کي اوهين ڏسو ۽ سڃاڻو ٿا، سَگهو ٿيو آهي: هائو، سندس ايمان جو هن تي آهي، تنهن جي ئي ڪري اوهان سڀني جي اڳيان هو بلڪل چڱو ڀلو ٿيو آهي.


پر پطرس چيس تہ رپو ۽ سون تہ مون وٽ ڪونهي؛ پر جيڪي اٿم سو توکي ڏيان ٿو. يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي اُٿي گهُم ڦر.


تہ اوهان سڀني کي، ۽ اسرائيل جي ساريءَ اُمت کي معلوم هجي، تہ يسوع مسيح ناصري، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهيو، ۽ جنهن کي خدا وري مُئلن مان جياريو، تنهن جي نالي تي، ۽ تنهن جي ڪري هي ماڻهو هتي اوهان جي اڳيان چڱو ڀلو ٿيو بيٺو آهي.


اتي هن هڪڙو ماڻهو اينياس نالي ڏٺو، جو اٺن ورهين کان کٽولي تي پيو هو، جو هن کي اڌ رنگ جي بيماري هئي.


۽ جيڪي لدہ ۽ شارون ۾ رهندا هئا، تن سڀني هن کي ڏٺو، ۽ خداوند ڏانهن ڦريا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ