Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:32 - Sindhi Bible

32 ۽ هيئن ٿيو جو جيئن پطرس سڀ ڪنهن هنڌ پي گشت ڪيو، تيئن انهن پاڪ ٿيلن وٽ بہ وڃي پهتو جي لدہ ۾ رهندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 پطرس هر هنڌ ڦرندو رهيو ۽ هڪڙي ڏينهن هو مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل انهن ماڻهن سان ملڻ ويو، جيڪي لُدہ ۾ رهندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 پطرس هر هنڌ ڦرندو رهيو ۽ هڪڙي ڏينهن هو مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل انهن ماڻهن سان ملڻ ويو، جيڪي لُدہ ۾ رهندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 پطرس سڄي ملڪ ۾ گھمندو رھيو ۽ ھڪڙي ڏينھن ھو خداوند جي انھن ماڻھن سان ملڻ ويو، جيڪي لدہ ۾ رھندا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:32
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ الفعل جا پٽ؛ عبر، ۽ مشعام، ۽ سامر، جنهن اونو ۽ لد ۽ انهن جا شهر اڏيا:


لود، حاديد ۽ اونو جو اولاد، ست سؤ پنجويهہ.


لود ۽ اونو ۾، جا ڪاريگرن جي وادي آهي.


لود ۽ حاديد ۽ اونو جو اولاد، ست سؤ ايڪيهہ.


ملڪ ۾ جيڪي پاڪ آهن، اُهي ئي وڏا آهن، انهن ۾ ئي منهنجي پوري خوشي آهي.


انهيءَ لاءِ تہ هو عدالت جي رستن جي سنڀال ڪري، ۽ پنهنجي مقدسن جو رستو قائم رکي.


۽ قبرون کُلي پيون، ۽ گهڻا ئي اولياءَ جي سمهيا پيا هئا، سي اُٿي کڙا ٿيا؛


پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي: ۽ اوهين يروشلم ۾ توڙي سڄي يهوديہ ۽ سامريہ، بلڪ زمين جي حدن تائين منهنجا شاهد ٿيندا.


۽ يروشلم ۾ آئون ائين ڪندو هوس، ۽ سردار ڪاهنن کان اختياري وٺي گهڻن ئي پاڪ ٿيلن کي قيد ۾ بہ وجهائيندو هوس، ۽ سندن قتل ٿيڻ وقت سندن برخلاف پنهنجي راءِ ڏنيم.


هاڻي جيڪي رسول يروشلم ۾ هئا، تن کي جڏهن خبر پيئي، تہ سامرين خدا جو ڪلام مڃيو آهي، تڏهن پطرس ۽ يوحنا کي انهن ڏانهن موڪليائون.


هاڻي جڏهن هو شاهدي ڏيئي ۽ خدا جو ڪلام ٻُڌائي رهيا، تڏهن يروشلم ڏانهن موٽيا، ۽ سامرين جي گهڻن ئي ڳوٺن ۾ خوشخبري ٻُڌايائون.


پر حنانياہ ورندي ڏني، تہ اي خداوند، مون گهڻن کان هن ماڻهوءَ بابت ٻُڌو آهي تہ يروشلم ۾ تنهنجي پاڪ ٿيلن سان ڪهڙيون نہ جُٺيون ڪيون اٿس:


اتي هن هڪڙو ماڻهو اينياس نالي ڏٺو، جو اٺن ورهين کان کٽولي تي پيو هو، جو هن کي اڌ رنگ جي بيماري هئي.


پوءِ هن هٿ ڏيئي اُٿاريس، ۽ انهن پاڪ ٿيلن ۽ بيوهن کي سڏي اُها جيئري جاڳندي سندن حوالي ڪيائين.


تنهن پولس جي طرفان، انهن سڀني ڏانهن، جي روما ۾ خدا جا پيارا آهن، ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آهن: اوهان تي اسان جي پيءُ خدا، ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي هجي.


پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي، تنهن جي طرفان انهن پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي افسس ۾ آهن ۽ مسيح يسوع ۾ ايماندار آهن؛


مسيح يسوع جي بندن پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان مسيح يسوع جي انهن سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي فلپي ۾ آهن، نگهبانن (بشپن) ۽ خادمن ڊيڪنن سميت:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ