Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:22 - Sindhi Bible

22 پر شائول ڏينهون ڏينهن زور وٺندو ويو، ۽ جيڪي يهودي دمشق ۾ رهندا هئا، تن کي مُنجهائي ڇڏيائين، جو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ اهوئي مسيح آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 پر سائول جو پرچار ڏينهون ڏينهن زور وٺندو ويو ۽ جيڪي يهودي دمشق ۾ رهندا هئا تن کي منجھائي ڇڏيائين، جو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ يسوع ئي مسيح آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 پر سائول جي تبليغ ڏينهون ڏينهن زور وٺندي ويئي ۽ جيڪي يهودي دمشق ۾ رهندا هئا تن کي منجھائي ڇڏيائين، جو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ عيسيٰ ئي مسيح آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 پر شائول جي تبليغ ڏينھون ڏينھن زور وٺندي ويئي ۽ جيڪي يھودي دمشق ۾ رھندا ھئا تن کي منجھائي ڇڏيائين، جو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:22
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هن جي ڪمان زور جهلي بيٺي، ۽ هن جي هٿن ۽ ٻانهن کي يعقوب جي قادر جي هٿن کان طاقت ملي. انهيءَ مان اهو ڌنار نڪرندو، جو اسرائيل جو ٽڪر آهي.


تنهن هوندي بہ سچار پنهنجي راهہ تي قائم رهندو، ۽ راستباز وڌيڪ مضبوط ٿيندو ويندو.


پوءِ آءٌ ڏوهارين کي تنهنجون واٽون سيکاريندس؛ ۽ گنهگار تو ڏانهن ڦرندا.


اهي طاقت ۾ وڌندا ٿا وڃن، انهن مان هرڪو صيون ۾ خدا جي حضور ۾ حاضر ٿو ٿئي.


هو ماندن کي زور ڏئي ٿو؛ ۽ جنهن کي طاقت ڪانهي تنهن جي سگهہ وڌائي ٿو.


ڇالاءِ تہ آئون اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي سمجهہ ڏيندس، جو اوهان جي ڪنهن بہ دشمن کي طاقت نہ ٿيندي تہ اوهان جي سامهون ٿئي، يا اوهان کي رد قد ڏيئي سگهي.


۽ کولي کولي دليل ڏيئي چيائين، تہ اِهو ضرور هو تہ مسيح ڏک سهي، ۽ مُئلن مان جيئرو ٿي اُٿي؛ ۽ هي يسوع، جنهن جي آئون اوهان کي خبر ٿو ڏيان، سو ئي مسيح آهي.


هاڻي جڏهن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدونيہ مان آيا، تڏهن پولس ڪلام ٻُڌائڻ ۾ ڏاڍو مشغول هو، ۽ يهودين کي انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي پئي چيائين تہ يسوع ئي مسيح آهي.


۽ جڏهن انهن ساڻس هڪڙو ڏينهن ٺهرايو، تڏهن گهڻائي گڏ ٿي سندس رهڻ واري هنڌ آيا، پوءِ هو خدا جي بادشاهت بابت شاهدي ڏيئي، ۽ يسوع جي بابت موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي ڪتابن مان دليل ڏيئي، صبح کان وٺي شام تائين کين سمجهائيندو رهيو.


۽ يڪدم وڃي عبادتخانن ۾ يسوع جي منادي ڪرڻ لڳو تہ هو خدا جو فرزند آهي.


۽ جن هن جي اها ڳالهہ ٻُڌي، سي سڀ حيران ٿي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ هي اهو ناهي ڇا، جو جيڪي يروشلم ۾ هي نالو وٺي دعا گهُرندا هئا، تن کي ستائيندو هو، ۽ هتي بہ انهي ارادي سان آيو هو تہ انهن کي ٻَڌي سردار ڪاهنن وٽ وٺي وڃي؟


۽ جڏهن ڳچ جيترا ڏينهن گذري ويا، تڏهن يهودين پاڻ ۾ گڏجي اها صلاح ڪئي تہ هن کي ماري وجهون:


پر برناباس هن کي وٺي رسولن وٽ آيو، ۽ هنن کي ٻُڌايائين تہ ڪهڙيءَ طرح هن واٽ تي خداوند کي ڏٺو، ۽ انهي ساڻس ڳالهايو، ۽ ڪيئن دمشق ۾ بي ڊپو ٿي يسوع جي نالي جي منادي ڪيائين.


پر خدا جهان جي بيوَقوفن کي چونڊيو، انهي لاءِ تہ جيڪي ڏاها آهن، تن کي شرمندو ڪري؛ ۽ خدا جهان جي ڪمزورن کي چونڊيو تہ زور وارن کي شرمندو ڪري؛


وري ٽن ورهين کانپوءِ آئون ڪيفاس سان ملڻ لاءِ يروشلم ڏانهن ويس، ۽ پندرهن ڏينهن وٽس رهيس.


جيڪو مون کي طاقت ٿو ڏئي، تنهن جي وسيلي آئون سڀ ڪجهہ ڪري ٿو سگهان.


آئون انهي جو شڪر ٿو ڪريان، يعني اسان جي خداوند مسيح يسوع جو، جنهن مون کي اهڙي طاقت ڏني، ۽ مون کي ايماندار سمجهي پنهنجي خدمت جي لاءِ مقرر ڪيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ