Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:19 - Sindhi Bible

19 پوءِ هن ماني کاڌي ۽ طاقت آيس. ڪجهہ ڏينهن تائين هو ۽ دمشق ۾ جيڪي شاگرد هئا، تن سان گڏ گذاريندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 ۽ کاڌي کائڻ سان سندس طاقت موٽي آئي. سائول دمشق ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين وشواسين سان گڏ رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 ۽ کاڌي کائڻ سان سندس طاقت موٽي آئي. سائول دمشق ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين ايمان وارن سان گڏ رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 پوءِ کاڌي کائڻ سان سندس طاقت موٽي آئي. شائول دمشق ۾ ڪجھہ ڏينھن تائين شاگردن سان گڏ رھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:19
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پنهنجي رستي تي پيو هل ۽ پنهنجي ماني خوشيءَ سان پيو کاءُ، ۽ سرهي دل سان پنهنجو شراب پيو پيءُ؛ ڇالاءِ جو خدا اڳئي تنهنجا ڪم قبول ڪيا آهن.


۽ جڏهن لڌائينس، تڏهن انتاڪيہ ۾ وٺي آيس. ۽ هيئن ٿيو جو هو هڪڙو سڄو سال ڪليسيا سان گڏ رهندا آيا، ۽ گهڻن ماڻهن کي تعليم ڏيندا رهيا؛ ۽ شاگرد پهريائين انتاڪيہ ۾ مسيحي سڏجڻ لڳا.


سو شاگردن مان هرهڪ ارادو ڪيو تہ جيڪي ڀائر يهوديہ ۾ رهندا آهن، تن ڏانهن پنهنجي وسعت آهر ڪجهہ مدد طور موڪليون.


پهريائين دمشق جي ماڻهن کي، ۽ پوءِ يروشلم ۾، ۽ يهوديہ جي ساري ملڪ ۾، ۽ غير قومن کي بہ چوندو رهيس تہ اُهي توبهہ ڪري خدا ڏانهن ڦرن؛ ۽ اهڙا ڪم ڪن جي توبهہ ڪندڙن جي لائق هجن.


۽ انهي دم ڄڻ تہ هن جي اکين تان ڇلر ڪِري پيا، ۽ هو ڏسڻ وائسڻ لڳو؛ ۽ اُٿي بپتسما ورتائين؛


۽ جڏهن هو يروشلم ۾ آيو، تڏهن ڀانيائين تہ شاگردن سان وڃي گڏجان، پر اهي سڀيئي کانئس ڊنا ٿي، جو اعتبار ئي نٿي آين تہ هو بہ ڪو شاگرد آهي.


جيئن تہ لدہ يافا جي ويجهو هو، شاگردن ٻُڌو تہ پطرس اتي آهي، تڏهن ٻہ ماڻهو وٽس موڪلي منٿ ڪيائونس تہ اسان وٽ جلدي هليو اچ.


نڪي يروشلم ۾ انهن وٽ ويس، جي مون کان اڳي رسول هئا: پر آئون فورن عربستان ڏانهن هليو ويس؛ ۽ وري اُتان موٽي دمشق ۾ آيس.


۽ هن کي انجيرن جي ٽڪيءَ جو ٽڪر ۽ ڪشمش جا ٻہ ڇڳا ڏنائون؛ ۽ جڏهن هن کائي بس ڪيو تڏهن ساهہ پٽيائين. ڇالاءِ جو هن ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون نڪا ماني کاڌي هئي، نڪو پاڻي پيتو هئائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ