Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:17 - Sindhi Bible

17 پوءِ حنانياہ اُٿي هليو، ۽ انهي گهر ۾ ويو ۽ مٿس پنهنجا هٿ رکي چوڻ لڳو، تہ ادا شائول، جنهن خداوند يسوع توکي واٽ تي ڏيکاري ڏني هئي، تنهن مون کي موڪليو آهي تہ توکي ڏسڻ جي طاقت ملي، ۽ تون پاڪ روح سان ڀرجي وڃين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 سو حننياہ ويو ۽ ان گھر ۾ گھڙي سائول تي پنهنجا هٿ رکي چيائينس تہ ”سائول ڀاءُ! پرڀو يسوع پاڻ مون کي موڪليو آهي، جنهن تو کي رستي ۾ درشن ڏنو هو، جڏهن تون هيڏانهن اچي رهيو هئين. هن مون کي انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ تو کي وري ديد ملي ۽ تون پوِتر آتما سان ڀرجي وڃين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 سو حننياہ ويو ۽ ان گھر ۾ گھڙي سائول تي پنهنجا هٿ رکي چيائينس تہ ”سائول ڀاءُ! خداوند عيسيٰ پاڻ مون کي موڪليو آهي، جنهن تو کي رستي ۾ ڏيکاري ڏني هئي، جڏهن تون هيڏانهن اچي رهيو هئين. هن مون کي انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ تو کي وري ديد ملي ۽ تون پاڪ روح سان ڀرجي وڃين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 سو حنانياہ ويو ۽ ان گھر ۾ گھڙي پنھنجا ھٿ شائول جي مٿان رکيائين ۽ چيائينس تہ ”شائول ڀاءُ! خداوند عيسيٰ پاڻ مون کي موڪليو آھي، جنھن تو کي رستي ۾ ڏيکاري ڏني، جڏھن تون ھيڏانھن اچي رھيو ھئين. ھن مون کي انھيءَ لاءِ موڪليو آھي تہ تو کي وري ديد ملي ۽ تون پاڪ روح سان ڀرجي وڃين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:17
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يوسف پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ ڀلائي ڪري منهنجي ويجها اچو ۽ هو ويجها آيا، تڏهن چيائين تہ آئون اوهان جو ڀاءُ يوسف آهيان، جنهن کي اوهان مصر ۾ وڪيو هو.


تنهن کانپوءِ ننڍڙن ٻارن کي وٽس وٺي آيا، انهي لاءِ تہ هو مٿن هٿ رکي ۽ دعا گهُري: ۽ شاگردن انهن کي ڇينڀيو.


۽ ڏاڍي نيزاري ڪري چوڻ لڳس تہ منهنجي ننڍي نياڻي مرڻ تي آهي: ڀلائي ڪري هلي هٿ گهمائينس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.


۽ اُتي هو ڪوبہ معجزو ڪري نہ سگهيو، سواءِ انهي کان تہ ٿورن بيمارن کي هٿ لائي شفا ڏنائين.


۽ هيئن ٿيو جو جڏهن اليشبع مريم جو سلام ٻُڌو، تڏهن ٻار سندس پيٽ ۾ ٽپڻ لڳو؛ ۽ اليشبع پاڪ روح سان ڀرجي ويئي؛


۽ سندس پيءُ زڪرياہ پاڪ روح سان ڀرجي ويو، ۽ نبوت ڪري چيائين تہ


۽ اي ٻچا، تون خدا تعاليٰ جو نبي ڪري ڪوٺبين، ڇوتہ تون خداوند جا رستا تيار ڪرڻ لاءِ سندس اڳيان ٿي هلندين،


پر جڏهن هي تنهنجو پٽ آيو آهي، جنهن تنهنجي ملڪيت ڪڃرين ۾ برباد ڪري ڇڏي آهي، تڏهن اُنهي لاءِ متارو وهڙو ڪُٺو اٿيئي.


پر واجب هو تہ اسين شادماني ڪريون، ۽ خوشي ملهايون، ڇوتہ هيءُ تنهنجو ڀاءُ جو مري ويو هو، سو وري جيئرو ٿيو آهي؛ گم ٿي ويو هو، سو لڌو آهي.


ڇوتہ اڄ دائود جي شهر ۾ اوهان لاءِ هڪڙو نجات ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جو مسيح خداوند آهي.


جيڪو ڪلام هن بني اسرائيل ڏانهن موڪليو، جڏهن ڪ يسوع مسيح (جو سڀني جو خداوند آهي) تنهن جي وسيلي صلح جي خوشخبري ٻُڌايائين.


تڏهن هنن روزا رکي ۽ دعا گهُري، مٿن هٿ رکيا، ۽ کين روانو ڪيائون.


۽ شاگرد خوشيءَ سان ۽ پاڪ روح سان ڀرجي ويا.


۽ جڏهن پولس پنهنجا هٿ هنن تي رکيا، تڏهن پاڪ روح مٿن آيو؛ ۽ هو جدا جدا ٻوليون ڳالهائڻ ۽ پيشنگوئيون ڪرڻ لڳا.


۽ اهي سڀ پاڪ روح سان ڀرجي ويا، ۽ ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا، جيئن ڪ روح سندن هدايت ڪئي.


۽ جڏهن انهن اهو ٻُڌو، تڏهن خدا جي تعريف ڪرڻ لڳا، ۽ چيائونس، تہ ادا، توکي خبر آهي تہ يهودين منجهان ڪيترائي هزار آهن جن ايمان آندو آهي؛ ۽ اهي سڀ شريعت بابت ڏاڍا جوشيلا آهن:


۽ مون چيو تہ اي خداوند، تون ڪير آهين؟ تڏهن خداوند چيو، تہ آئون يسوع آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.


۽ جڏهن هو دعا گهُري رهيا، تڏهن جنهن جاءِ ۾ هو گڏ ٿيا ويٺا هئا، سا اچي ڌڏڻ لڳي؛ ۽ هو سڀ پاڪ روح سان ڀرجي ويا، ۽ خدا جو ڪلام بي ڊپا ٿي ٻُڌائڻ لڳا.


۽ کين رسولن جي اڳيان آڻي بيهاريائون: جن دعا گهُري مٿن هٿ رکيا.


پوءِ هنن مٿن هٿ رکيا ۽ کين پاڪ روح مليو.


۽ انهي دم ڄڻ تہ هن جي اکين تان ڇلر ڪِري پيا، ۽ هو ڏسڻ وائسڻ لڳو؛ ۽ اُٿي بپتسما ورتائين؛


تنهنڪري جيئن مسيح خدا جي جلال لاءِ اوهان کي قبول ڪيو، تيئن اوهين بہ هڪ ٻئي کي قبول ڪريو.


پهريون ماڻهو مٽيءَ مان ٺهيو ۽ مٽي آهي، ٻيو ماڻهو آسمان مان آهي.


۽ سڀني کانپوءِ هن مون کي بہ ڏيکاري ڏني، جو ڄڻ تہ اڌوري وقت تي ڄائو هوس.


آئون آزاد نہ آهيان ڇا؟ آئون رسول نہ آهيان ڇا؟ مون اسان جي خداوند يسوع کي نہ ڏٺو آهي ڇا؟ اوهين خداوند ۾ منهنجي ڪاريگري نہ آهيو ڇا؟


جيڪا بخشش توکي نبوت جي وسيلي، بزرگن جي هٿن رکڻ سان ملي، تنهن کان غافل نہ رهہ.


ڪنهن بہ ماڻهوءَ تي تڪڙ ڪري هٿ نہ رک، نڪي ٻين جي گناهن ۾ شريڪ ٿيءُ؛ پاڻ کي پاڪ رک.


انهي سبب ڪري آئون توکي ياد ٿو ڏياريان، تہ تون خدا جي انهيءَ بخشش کي وري چمڪاءِ، جا منهنجن هٿن رکڻ ڪري توکي مليل آهي.


نہ غلام وانگر پر غلام کان بهتر يعني پياري ڀاءُ وانگر. هو جسماني طور ۽ روحاني طور مون کي پيارو آهي، ۽ توکي تہ انهي کان بہ وڌيڪ.


نڪي بپتسمائن، ۽ هٿن رکڻ، ۽ مُئلن جي جي اُٿڻ، ۽ هميشہ جي عدالت جي تعليم جو بنياد وري وجهون؛


۽ اسان جي خداوند جي گهڻي تحمل کي نجات سمجهو؛ جهڙيءَ طرح ڪ اسان جي پياري ڀاءُ پولس اوهان ڏانهن انهيءَ دانائيءَ موجب لکيو آهي جا کيس عطا ٿيل آهي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ