Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:11 - Sindhi Bible

11 خداوند چيس تہ اُٿ، انهيءَ گهٽيءَ ۾ وڃ، جنهن کي سنئين ڪري سڏيندا آهن، ۽ يهوداهہ جي گهر ۾، ترسس واري شائول جي وڃي پڇا ڪر: ڇالاءِ جو ڏس، هو دعا پيو گهُري؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 پرڀوءَ وري هن کي چيو تہ ”اُٿ ۽ سنئين نالي گھٽيءَ ۾ يهوداہ جي گھر وڃي ترسس شهر واري ماڻهوءَ سائول جي پڇا ڪر. ڏس، هو پرارٿنا ڪري رهيو آهي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 خداوند وري هن کي چيو تہ ”اُٿ ۽ سنئين نالي گھٽيءَ ۾ يهوداہ جي گھر وڃي ترسس شهر واري ماڻهوءَ سائول جي پڇا ڪر. ڏس، هو دعا گھري رهيو آهي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 خداوند ھن کي چيو تہ ”اٿ ۽ سنئين نالي گھٽيءَ ۾ يھوداہ جي گھر وڃي ترسس واري ماڻھوءَ جي پڇا ڪر، جنھن جو نالو شائول آھي. ھو دعا گھري رھيو ھوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:11
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مصيبت جي ڏينهن مونکي پڪار، آءٌ توکي ڇڏائيندس، ۽ تون منهنجو جلال ظاهر ڪندين.


شريرن جي قرباني خداوند جي لاءِ ڪراهت جهڙي شيءِ آهي: پر سچن جي دعا اُن جي خوشي آهي.


۽ آءٌ دائود جي گهراڻي، ۽ يروشلم جي رهاڪن تي، فضل ۽ دعا جو روح نازل ڪندس؛ ۽ هو انهيءَ تي جنهن کي هنن گهايل ڪيو، نگاهہ ڪندا: ۽ انهيءَ جي لاءِ ماتم ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي لاءِ ڪندو آهي، ۽ انهيءَ لاءِ سخت ڏک ڪندا، جيئن ڪو پهريتي لاءِ ڪندو آهي.


يسوع جواب ڏيئي چيس تہ جي توکي خدا جي بخشش جي خبر هجي ها، ۽ ڄاڻين ها تہ اُهو ڪير آهي جو توکي چوي ٿو تہ مون کي پاڻي پيار؛ تہ تون جيڪر هن کان گهُرين ها، ۽ هو توکي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ها.


۽ هن اسان کي چيو تہ مون ڏٺو تہ ملائڪ منهنجي گهر ۾ بيٺو آهي، جنهن چيم تہ يافا ۾ ماڻهو موڪلي اُنهي شمعون کي گهُرائي وٺ، جنهن کي پطرس ڪري چوندا آهن؛


پوءِ هو شائول جي ڳولا ۾ ترسس ڏانهن ويو:


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو خدا جو نالو وٺندو، تنهن کي نجات ملندي.“


پر پولس چيو تہ آئون يهودي آهيان، ترسس جو ويٺل آهيان جو ڪليڪيہ جو هڪڙو مشهور شهر آهي؛ منهنجو عرض آهي تہ مون کي ماڻهن سان ڳالهائڻ جي موڪل ڏي.


آئون يهودي آهيان جو ڪليڪيہ جي ترسس شهر ۾ پيدا ٿيس؛ ۽ هن شهر ۾ گميليل جي قدمن ۾ علم حاصل ڪيم، ۽ ابن ڏاڏن جي شريعت جي پوري پوري تعليم ملي اٿم، ۽ جهڙيءَ طرح اوهين مڙيئي اڄ خدا جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آهيو، تهڙيءَ طرح آئون بہ هوندو هوس:


تنهنڪري پنهنجي انهيءَ بڇڙائيءَ کان توبهہ ڪر ۽ خداوند کان دعا گهُر تہ شايد تنهنجي دل جي اهڙي خيال جي معافي مليئي.


پر خداوند جي ملائڪ فلپس کي چيو تہ اُٿي ڏکڻ جي پاسي اُنهي رستي ڏانهن وڃ جو يروشلم کان غزہ ڏانهن ٿو وڃي: اُهو رڻ پٽ منجهان آهي.


۽ جڏهن ڀائرن کي خبر پيئي تڏهن هن کي قيصريہ ۾ وٺي آيا، ۽ اُتان ترسس ڏانهن روانو ڪيائونس.


پر جيڪڏهن اتي بہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي ڳوليندا، ۽ پنهنجيءَ سچيءَ دل سان، ۽ پنهنجي سچي روح سان هن جي ڳولا ڪندا، تہ هن کي لهندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ