Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 8:5 - Sindhi Bible

5 ۽ فلپس سامريہ جي شهر ۾ ويو ۽ اتي مسيح جي منادي ڪرڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 سيواداري فلپس سامريہ شهر ۾ ويو ۽ اتي ماڻهن ۾ مسيح جو پرچار ڪرڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 خدمتگار فلپس سامريہ شهر ۾ ويو ۽ اتي ماڻهن ۾ مسيح جي منادي ڪرڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 فلپس سامريہ جي شھر ۾ ويو ۽ اتي ماڻھن ۾ مسيح جي منادي ڪرڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 8:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي: ۽ اوهين يروشلم ۾ توڙي سڄي يهوديہ ۽ سامريہ، بلڪ زمين جي حدن تائين منهنجا شاهد ٿيندا.


ٻئي ڏينهن روانا ٿي ڪري قيصريہ ۾ آياسين، ۽ فلپس مبشر جو انهن ستن مان هو، تنهن جي گهر وڃي ساڻس گڏ رهڻ لڳاسين.


۽ روزبروز هيڪل ۾، ۽ گهرن ۾، تعليم ڏيڻ ۽ انهيءَ جي خوشخبريءَ ٻُڌائڻ کان هٽيا ئي ڪين، تہ يسوع ئي مسيح آهي.


اها ڳالهہ ساريءَ جماعت کي پسند آئي، ۽ هنن استيفنس نالي شخص، جو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀرپور هو، ۽ فلپس، ۽ پرخرس، ۽ نيڪانور، ۽ تيمون، ۽ پرمناس، ۽ نيڪلاس جو انتاڪيہ جو نو مريد هو، تن کي چونڊي ڪڍيو:


۽ شائول هن جي قتل ڪرڻ تي راضي هو. ۽ انهن ڏينهن ۾ جيڪا ڪليسيا يروشلم ۾ هئي، تنهن تي ڏاڍو ظلم ٿيڻ لڳو؛ ۽ رسولن کانسواءِ باقي ٻيا سڀ يهوديہ ۽ سامريہ جي ملڪن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا.


پر خداوند جي ملائڪ فلپس کي چيو تہ اُٿي ڏکڻ جي پاسي اُنهي رستي ڏانهن وڃ جو يروشلم کان غزہ ڏانهن ٿو وڃي: اُهو رڻ پٽ منجهان آهي.


تڏهن فلپس وٽس ڊوڙي ويو، ۽ هن کي يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب پڙهندو ٻُڌائين، ۽ چيائين تہ جيڪي تون پڙهين ٿو سو ڪي سمجهين بہ ٿو؟


پر فلپس ازوٽس ۾ وڃي نڪتو، ۽ وچ مان لنگهندو سڀني شهرن ۾ خوشخبري ٻُڌائيندو ويو، تان جو قيصريہ ۾ اچي پهتو.


۽ جيڪي معجزا فلپس ڪندو هو، سي جڏهن ماڻهن ڏٺا ۽ ٻُڌا، تڏهن سڀيئي گڏجي سندس ڳالهيون دل سان ٻُڌڻ لڳا؛


۽ يڪدم وڃي عبادتخانن ۾ يسوع جي منادي ڪرڻ لڳو تہ هو خدا جو فرزند آهي.


پر اسين مسيح مصلوب جي منادي ٿا ڪريون، جو يهودين جي لاءِ ٿاٻي کائڻ جو پهڻ، ۽ غير قومن جي لاءِ بيوَقوفي آهي؛


ڇالاءِ جو مون پڪو ارادو ڪيو هو تہ اوهان منجهہ رهي، يسوع مسيح، بلڪ مسيح مصلوب کانسواءِ، ٻيو ڪي ڪين ڄاڻيندس.


ڇالاءِ جو جيڪو بنياد پيل آهي، سو يسوع مسيح آهي، تنهن کانسواءِ ٻيو بنياد ڪوبہ ماڻهو وجهي ڪين سگهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ