40 پر فلپس ازوٽس ۾ وڃي نڪتو، ۽ وچ مان لنگهندو سڀني شهرن ۾ خوشخبري ٻُڌائيندو ويو، تان جو قيصريہ ۾ اچي پهتو.
۽ حرامزادا اشدود ۾ بادشاهي ڪندا، ۽ آءٌ فلستين جو فخر ڀڃندس.
هاڻي قيصريہ ۾ ڪرنيليس نالي هڪڙو ماڻهو هوندو هو، جو انهيءَ پلٽڻ جو صوبيدار هو، جنهن کي اطالياني پلٽڻ ڪري سڏيندا هئا.
۽ ٻئي ڏينهن هو قيصريہ ۾ وڃي پهتا، ۽ ڪرنيليس پنهنجن عزيزن ۽ خاص دوستن کي سڏي گڏ ڪري هنن جي انتظار ۾ هو.
۽ ڏسو، جن ٽن ماڻهن کي قيصريہ مان مون ڏانهن موڪليو هئائون، سي اُنهي ئي دم اُنهيءَ گهر جي اڳيان اچي بيٺا، جنهن ۾ اسين هئاسين.
۽ جڏهن هيروديس هن جي ڳولا ڪئي پر نہ لڌو، تڏهن هن پهري وارن کان پڇاڳاڇا ڪئي، پوءِ حڪم ڏنائين تہ کين قتل ڪري ڇڏيو. ۽ پاڻ يهوديہ مان نڪري وڃي قيصريہ ۾ رهيو.
۽ جڏهن قيصريہ ۾ اچي لٿو، تڏهن وڃي ڪليسيا کي سلام ڪيائين، ۽ پوءِ انتاڪيہ ڏانهن ويو.
۽ قيصريہ جي شاگردن مان بہ ڪي اسان سان گڏجي هليا، ۽ هنن ڪپرس جي هڪڙي رهاڪو مناسون کي بہ ساڻ کنيو، جو جهونو شاگرد هو، ۽ جنهن وٽ اسان کي ٽڪڻو هو.
ٻئي ڏينهن روانا ٿي ڪري قيصريہ ۾ آياسين، ۽ فلپس مبشر جو انهن ستن مان هو، تنهن جي گهر وڃي ساڻس گڏ رهڻ لڳاسين.
پوءِ ٻن صوبيدارن کي پاڻ گهُرائي چيائين تہ ٻہ سؤ سپاهي، ۽ ستر گهوڙي سوار، ۽ ٻہ سؤ نيزي بردار تيار ڪريو تہ پهر رات گذري قيصريہ ۾ وڃن.
۽ جڏهن هو قيصريہ ۾ اچي پهتا ۽ حاڪم کي خط ڏنائون، تڏهن پولس کي بہ سندس اڳيان حاضر ڪيائون.
سو جڏهن فيستس انهي پرڳڻي ۾ آيو، تڏهن ٽن ڏينهن کانپوءِ هو قيصريہ مان يروشلم ۾ ويو.
هاڻي ڪن ڏينهن کانپوءِ اگرپا بادشاهہ ۽ برنيڪي قيصريہ ۾ فيستس سان ملاقات ڪرڻ آيا.
پر فيستس جواب ڏنو تہ پولس قيصريہ ۾ قيد آهي، ۽ آئون پاڻ جلد اوڏانهن وڃڻ وارو آهيان،
۽ هو منجهن اٺ ڏهہ ڏينهن کن ٽڪي پوءِ قيصريہ ۾ ويو، ۽ ٻئي ڏينهن عدالت جي ڪرسيءَ تي ويهي حڪم ڪيائين تہ پولس کي وٺي اچو.
هاڻي جڏهن هو شاهدي ڏيئي ۽ خدا جو ڪلام ٻُڌائي رهيا، تڏهن يروشلم ڏانهن موٽيا، ۽ سامرين جي گهڻن ئي ڳوٺن ۾ خوشخبري ٻُڌايائون.
۽ جڏهن ڀائرن کي خبر پيئي تڏهن هن کي قيصريہ ۾ وٺي آيا، ۽ اُتان ترسس ڏانهن روانو ڪيائونس.
يعني اُهي ڳالهيون جي نشانين ۽ معجزن جي طاقت سان، ۽ پاڪ روح جي قدرت سان ظاهر ٿيون؛ ايتري قدر جو مون يروشلم کان وٺي چئني پاسي اِلرڪم تائين مسيح جي خوشخبريءَ جي پوريءَ طرح منادي ڪئي آهي.
عناقيم مان ڪوبہ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ نہ ڇڏيائون: فقط غزہ ۾، ۽ جات ۾، ۽ اشدود ۾ ڪي وڃي بچيا.
هاڻي فلستين خدا جي صندوق هٿ ڪئي هئي، ۽ اها هنن ابن عزر مان کڻي اشدود ۾ آندي.