Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 8:31 - Sindhi Bible

31 هن چيو تہ جيستائين ڪو مون کي نہ سمجهائي، تيستائين آئون ڪيئن سمجهان؟ پوءِ هن فلپس کي منٿ ڪئي تہ اچي مون سان گڏ ويهہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 تنهن تي هن وراڻيس تہ ”جيستائين ڪو مون کي نہ سمجھائيندو تيستائين آءٌ ڪيئن سمجھندس؟“ پوءِ هن فلپس کي وينتي ڪئي تہ ”اچي مون سان گڏ ويهو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 تنهن تي هن وراڻيس تہ ”جيستائين ڪو مون کي نہ سمجھائيندو تيستائين آءٌ ڪيئن سمجھندس؟“ پوءِ هن فلپس کي عرض ڪيو تہ ”اچي مون سان گڏ ويهو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 تنھن تي ھن چيو تہ ”جيستائين ڪو مون کي نہ سمجھائيندو تيستائين آءٌ ڪيئن سمجھندس؟“ پوءِ ھن فلپس کي عرض ڪيو تہ ”اچي مون سان گڏ ويھو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 8:31
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيس تہ منهنجي دل انهيءَ وقت توسان نہ هئي ڇا، جنهن وقت اُهو ماڻهو توسان گڏجڻ لاءِ پنهنجيءَ گاڏيءَ تان لهي تو وٽ موٽي آيو؟ هي ڪو پئسن وٺڻ، ۽ ڪپڙن وٺڻ، ۽ زيتون ۽ ڊاک جي باغن، ۽ رڍن، ۽ ڏاندن، ۽ ٻانهن، ۽ ٻانهين جي وٺڻ جو وقت آهي ڇا؟


پوءِ نعمان پنهنجن گهوڙن ۽ پنهنجين گاڏين سان آيو، ۽ اچي اليشع جي گهر جي در تي بيٺو.


آءٌ بي عقل ۽ نادان هوس؛ تنهنجي اڳيان حيوان جهڙو هوس.


اُتي هڪڙو شاهي رستو جاري ٿيندو، هڪڙو رستو جو پاڪيزگيءَ جو رستو سڏجڻ ۾ ايندو؛ ڪوبہ ناپاڪ انهيءَ تان نہ لنگهندو؛ پر اهو انهن مسافرن جي لاءِ ٿيندو، هائو، بي عقل بہ انهي تي نہ ڀلبا.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو خدا جي بادشاهي ننڍڙن ٻارن وانگر قبول نہ ڪندو، سو ڪنهن بہ طرح انهيءَ ۾ داخل نہ ٿيندو.


تڏهن فلپس وٽس ڊوڙي ويو، ۽ هن کي يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب پڙهندو ٻُڌائين، ۽ چيائين تہ جيڪي تون پڙهين ٿو سو ڪي سمجهين بہ ٿو؟


هاڻي اِنهي پاڪ ڪتاب جو هنڌ جو هن پئي پڙهيو، سو هيءُ هو، ”هو هڪڙيءَ رڍ وانگر آهي جنهن کي ڪُهڻ لاءِ وٺي ويا، ۽ جهڙيءَ طرح ڪو گهيٽو پنهنجي اُن ڪترڻ واري جي اڳيان گونگو ٿي بيهندو آهي، تهڙيءَ طرح هو بہ پنهنجو وات نٿو پَٽي؛


مگر جنهن تي هنن ايمان ڪونہ آندو آهي، تنهن کي ڪيئن پڪاريندا؟ ۽ جنهن جو ذڪر اُنهن ڪونہ ٻُڌو آهي، اُنهي تي ڪيئن ايمان آڻيندا؟ ۽ منادي ڪرڻ واري کانسواءِ هو ڪيئن ٻُڌندا؟


ڪوبہ ماڻهو پاڻ کي نہ ٺڳي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان منجهان ڀانئين تہ هن جهان ۾ ڏاهو ليکجان تہ بيوَقوف ٿئي، تان تہ هو ڏاهو ٿي پوي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀانئين تہ آئون ڪي ڪجهہ ڄاڻان ٿو، تہ هو اڃا ايترو نٿو ڄاڻي جيترو ڄاڻڻ گهرجي.


۽ دولتمند انهي تي فخر ڪري تہ هو ذليل ڪيو ويو آهي: ڇالاءِ تہ گاهہ جي گل وانگر هو ڪومائجي ويندو.


تنهنڪري بڇڙائيءَ جي سڀ گندگي ۽ زيادتي ڇڏي، اُهو پوکيل ڪلام تحمل سان قبول ڪريو، جو اوهانجن روحن کي بچائي ٿو سگهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ