Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 8:26 - Sindhi Bible

26 پر خداوند جي ملائڪ فلپس کي چيو تہ اُٿي ڏکڻ جي پاسي اُنهي رستي ڏانهن وڃ جو يروشلم کان غزہ ڏانهن ٿو وڃي: اُهو رڻ پٽ منجهان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 پرميشور جي هڪڙي دوت فلپس کي چيو تہ ”اُٿ، ڏکڻ طرف ان رستي سان وڃ، جيڪو يروشلم کان غزہ ڏانهن بيابان مان وڃي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 خداوند جي هڪڙي ملائڪ فلپس کي چيو تہ ”اُٿ، ڏکڻ طرف ان رستي سان وڃ، جيڪو يروشلم کان غزہ ڏانهن بيابان مان وڃي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 خداوند جي ھڪڙي ملائڪ فلپس کي چيو تہ ”تيار ٿيءُ ۽ ڏکڻ طرف ان رستي سان وڃ، جيڪو يروشلم کان غزہ ڏانھن بيابان مان وڃي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 8:26
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنعانين جون حدون هن ريت آهن: صيدا کان غزہ تائين، جو جرار جي واٽ تي آهي، ۽ ٻئي پاسي لسع تائين جو سدوم، عمورہ، ارمہ ۽ ضيبيان جي واٽ تي آهي.


پر خداوند جي ملائڪ ايلياہ تشبيءَ کي چيو تہ اُٿ وڃي سامريہ جي بادشاهہ جي قاصدن کي گڏج، ۽ چئين تہ اسرائيل ۾ خدا ڪونهي ڇا جو اوهين عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇا ڪرڻ ٿا وڃو؟


سون، ۽ چانديءَ، ۽ پتل، ۽ لوهہ جو ڪوبہ شمار ڪونهي؛ تنهنڪري اُٿي ڪم ڪر، ۽ خداوند تو ساڻ هجي.


اسقلون هوا ڏسي ڊڄندو، ۽ غزہ اِهو بہ ڏسي گهڻو ڏک ڪندو؛ ۽ عقرون شرمندو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جي اُميد ناس ٿيندي، ۽ غزہ جي بادشاهي ويندي رهندي ۽ اسقلون ويران ٿيندو.


هنن چيس تہ ڪرنيليس صوبيدار، جو راستباز ۽ خدا ترس ماڻهو آهي، ۽ يهودين جي سڄيءَ قوم ۾ ڏاڍي ساراهہ اٿس، تنهن کي خدا کان پاڪ ملائڪ جي وسيلي هدايت ملي آهي، تہ توکي پنهنجي گهر گهُرائي توکان ڪلام ٻُڌي.


۽ جنهن ملائڪ ساڻس ڳالهايو، سو جڏهن هليو ويو، تڏهن هن پنهنجي ٻن نوڪرن کي، ۽ جيڪي سپاهي هميشہ سندس خدمت ۾ رهندا هئا، تن مان هڪڙي ديندار سپاهيءَ کي سڏيو،


۽ اُنهي دم خدا جي ملائڪ اچي ماريس، ڇالاءِ جو هن خدا کي وڏائي نہ ڏني؛ ۽ ڪينئان پئجي ويس، ۽ مري ويو.


ڇاڪاڻ جو خدا، جنهن جو آئون آهيان، ۽ جنهن جي عبادت ٿو ڪريان، تنهن جو ملائڪ رات جو مون وٽ آيو،


پر خداوند جو هڪڙو ملائڪ رات جو قيدخاني جا در کولي انهن کي ٻاهر وٺي آيو ۽ چيائين تہ


تہ روح فلپس کي چيو تہ ويجهو وڃي انهيءَ گاڏيءَ سان گڏج.


۽ فلپس سامريہ جي شهر ۾ ويو ۽ اتي مسيح جي منادي ڪرڻ لڳو.


هو سڀ خدمت ڪندڙ روح نہ آهن ڇا، جي اُنهن جي خدمت ڪرڻ واسطي موڪليا ٿا وڃن، جن کي نجات جو ورثو مليو آهي؟


سيحور، جو مصر جي اڳيان آهي تنهن کان وٺي اُتر ڏي عقرون جي حد تائين، جو ڪنعانين ۾ شمار ٿيل آهي: فلستين جا پنج سردار؛ يعني غزي ۽ اشدودي، اسقلوني، جاتي، ۽ عقروني؛


اشدود، سندن شهرن ۽ ڳوٺن سميت؛ غزہ، سندس شهرن ۽ ڳوٺن سميت، مصر جي نهر تائين، ۽ وڏي سمنڊ، ۽ انهي جي ڪناري تائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ