Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 8:25 - Sindhi Bible

25 هاڻي جڏهن هو شاهدي ڏيئي ۽ خدا جو ڪلام ٻُڌائي رهيا، تڏهن يروشلم ڏانهن موٽيا، ۽ سامرين جي گهڻن ئي ڳوٺن ۾ خوشخبري ٻُڌايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 مسيح بابت ايشور جي سنديش ٻڌائڻ ۽ پنهنجي شاهدي ڏيڻ کان پوءِ پطرس ۽ يوحنا يروشلم ڏانهن روانا ٿيا. واٽ تي هنن سامريہ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ انهيءَ خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 مسيح بابت خدا جي پيغام ٻڌائڻ ۽ پنهنجي شاهدي ڏيڻ کان پوءِ پطرس ۽ يوحنا يروشلم ڏانهن روانا ٿيا. واٽ تي هنن سامريہ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ انهيءَ خوشخبريءَ جي منادي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 خدا جي ڪلام ٻڌائڻ ۽ پنھنجي شاھدي ڏيڻ کان پوءِ پطرس ۽ يوحنا يروشلم ڏانھن موٽيا ۽ واٽ تي سامريہ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ خوشخبريءَ جي منادي ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 8:25
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن ٻارهن کي يسوع روانو ڪيو، ۽ تاڪيد ڪري چيائين، تہ غير قومن جي راهہ ۾ متان وڃو، ۽ سامرين جي ڪنهن بہ شهر ۾ متان گهڙو:


ڇالاءِ جو مون کي پنج ڀائر آهن؛ تہ اُنهن کي وڃي چتائي، تہ متان اُهي بہ هن عذاب جي جاءِ ۾ اچن.


۽ اوهين پاڻ شاهد آهيو، ڇالاءِ جو اوهين شروع کان وٺي مون سان رهيا آهيو.


پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي: ۽ اوهين يروشلم ۾ توڙي سڄي يهوديہ ۽ سامريہ، بلڪ زمين جي حدن تائين منهنجا شاهد ٿيندا.


تڏهن حاڪم هي حال ڏسي خداوند جي تعليم تي حيران ٿي ويو، ۽ ايمان آندائين.


هاڻي جڏهن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدونيہ مان آيا، تڏهن پولس ڪلام ٻُڌائڻ ۾ ڏاڍو مشغول هو، ۽ يهودين کي انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي پئي چيائين تہ يسوع ئي مسيح آهي.


۽ يهودين توڙي يونانين وٽ اها شاهدي پئي ڏني اٿم، تہ خدا جي حضور ۾ توبهہ ڪريو، ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح تي ايمان آڻيو.


۽ جڏهن انهن ساڻس هڪڙو ڏينهن ٺهرايو، تڏهن گهڻائي گڏ ٿي سندس رهڻ واري هنڌ آيا، پوءِ هو خدا جي بادشاهت بابت شاهدي ڏيئي، ۽ يسوع جي بابت موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي ڪتابن مان دليل ڏيئي، صبح کان وٺي شام تائين کين سمجهائيندو رهيو.


سو اوهان کي معلوم هجي، تہ هي خدا جو ڇوٽڪارو غير قومن وٽ موڪليو ٿو وڃي؛ ۽ اُهي ٻُڌندا.


۽ ڪنهن بہ رنڊڪ کانسواءِ ڏاڍيءَ همت سان هو خدا جي بادشاهت جي منادي ڪندو ۽ خداوند يسوع مسيح بابت تعليم ڏيندو رهيو.


پر فلپس ازوٽس ۾ وڃي نڪتو، ۽ وچ مان لنگهندو سڀني شهرن ۾ خوشخبري ٻُڌائيندو ويو، تان جو قيصريہ ۾ اچي پهتو.


سلوانس، جنهن کي آئون ايماندار ڀاءُ ٿو سمجهان، تنهن جي معرفت مون مختصر طور اوهان ڏانهن لکيو آهي، ۽ نصيحت ڪئي ۽ شاهدي ڏني اٿم تہ اهو ئي خدا جو سچو فضل آهي، انهي تي اوهين قائم رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ