Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 8:17 - Sindhi Bible

17 پوءِ هنن مٿن هٿ رکيا ۽ کين پاڪ روح مليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 پوءِ پطرس ۽ يوحنا انهن تي پنهنجا هٿ رکيا تہ کين پوِتر آتما ملي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 پوءِ پطرس ۽ يوحنا انهن تي پنهنجا هٿ رکيا تہ کين پاڪ روح ملي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 پوءِ پطرس ۽ يوحنا پنھنجا ھٿ انھن جي مٿان رکيا تہ کين پاڪ روح ملي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 8:17
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ نون جي پٽ يشوع کي وٺي، انهي تي پنهنجو هٿ رک؛ ڇالاءِ جو هو روح سان ڀريل آهي؛


۽ تون لاوين کي خداوند جي حضور ۾ پيش ڪر، ۽ بني اسرائيل پنهنجا هٿ لاوين تي رکن؛


۽ ڏاڍي نيزاري ڪري چوڻ لڳس تہ منهنجي ننڍي نياڻي مرڻ تي آهي: ڀلائي ڪري هلي هٿ گهمائينس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.


تڏهن هنن روزا رکي ۽ دعا گهُري، مٿن هٿ رکيا، ۽ کين روانو ڪيائون.


۽ جڏهن پولس پنهنجا هٿ هنن تي رکيا، تڏهن پاڪ روح مٿن آيو؛ ۽ هو جدا جدا ٻوليون ڳالهائڻ ۽ پيشنگوئيون ڪرڻ لڳا.


۽ اهي سڀ پاڪ روح سان ڀرجي ويا، ۽ ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا، جيئن ڪ روح سندن هدايت ڪئي.


۽ کين رسولن جي اڳيان آڻي بيهاريائون: جن دعا گهُري مٿن هٿ رکيا.


هاڻي جڏهن شمعون ڏٺو تہ رسولن جي هٿن رکڻ ڪري پاڪ روح ٿو ملي، تڏهن کين پيسا آڇيائين،


پوءِ حنانياہ اُٿي هليو، ۽ انهي گهر ۾ ويو ۽ مٿس پنهنجا هٿ رکي چوڻ لڳو، تہ ادا شائول، جنهن خداوند يسوع توکي واٽ تي ڏيکاري ڏني هئي، تنهن مون کي موڪليو آهي تہ توکي ڏسڻ جي طاقت ملي، ۽ تون پاڪ روح سان ڀرجي وڃين.


ڇالاءِ جو مون کي اوهان جي ڏسڻ جي ڏاڍي سڪ آهي، انهي لاءِ تہ اوهان کي ڪا روحاني بخشش پهچايان، جنهن جي ڪري اوهين قائم ٿيو:


جيڪا بخشش توکي نبوت جي وسيلي، بزرگن جي هٿن رکڻ سان ملي، تنهن کان غافل نہ رهہ.


ڪنهن بہ ماڻهوءَ تي تڪڙ ڪري هٿ نہ رک، نڪي ٻين جي گناهن ۾ شريڪ ٿيءُ؛ پاڻ کي پاڪ رک.


انهي سبب ڪري آئون توکي ياد ٿو ڏياريان، تہ تون خدا جي انهيءَ بخشش کي وري چمڪاءِ، جا منهنجن هٿن رکڻ ڪري توکي مليل آهي.


نڪي بپتسمائن، ۽ هٿن رکڻ، ۽ مُئلن جي جي اُٿڻ، ۽ هميشہ جي عدالت جي تعليم جو بنياد وري وجهون؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ