Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 8:14 - Sindhi Bible

14 هاڻي جيڪي رسول يروشلم ۾ هئا، تن کي جڏهن خبر پيئي، تہ سامرين خدا جو ڪلام مڃيو آهي، تڏهن پطرس ۽ يوحنا کي انهن ڏانهن موڪليائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 هوڏانهن يروشلم ۾ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن جڏهن ٻڌو تہ سامريہ جي ماڻهن مسيح بابت ايشور جو سنديش قبول ڪيو آهي، تڏهن پاڻ مان يوحنا ۽ پطرس کي انهن ڏانهن موڪليائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 هوڏانهن يروشلم ۾ رسولن جڏهن ٻڌو تہ سامريہ جي ماڻهن مسيح بابت خدا جو پيغام قبول ڪيو آهي، تڏهن پاڻ مان يوحنا ۽ پطرس کي انهن ڏانهن موڪليائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 جڏھن يروشلم ۾ رسولن ٻڌو تہ سامريہ جي ماڻھن خدا جو ڪلام قبول ڪيو آھي، تڏھن يوحنا ۽ پطرس کي انھن ڏانھن موڪليائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 8:14
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خداوند جي حڪم موجب جيڪو ڪلام هن بيت ايل ۾ قربانگاهہ، ۽ سامريہ جي شهرن ۾ جيڪي مٿانهن هنڌن تي گهر آهن، تن سڀني جي برخلاف ڪيو هو، سو ضرور پورو ٿيندو.


۽ جيڪو ڀليءَ زمين ۾ پوکيو ويو هو، سو اُهو آهي جو ڪلام ٻُڌي ٿو ۽ سمجهي ٿو؛ ۽ سچ پچ ڦل جهلي ٿو، ۽ ڪو سؤڻو ٿو ڏئي، ڪو سٺوڻو، ڪو ٽيهوڻو.


تڏهن يسوع پطرس ۽ يوحنا کي موڪليو، تہ وڃي فسح تيار ڪن تہ کائين.


جيڪو مون کي نٿو مڃي، ۽ منهنجون ڳالهيون قبول نٿو ڪري، تنهن جي عدالت ڪرڻ وارو هڪڙو آهي: ڪلام جو مون ڪيو آهي، سو ئي پوئين ڏينهن سندس عدالت ڪندو.


هاڻي جيڪي رسول ۽ ڀائر يهوديہ ۾ هئا، تن ٻُڌو تہ غير قومن بہ خدا جو ڪلام مڃيو آهي.


۽ جڏهن يروشلم ۾ اچي پهتا، تڏهن ڪليسيا ۽ رسولن ۽ بزرگن هنن جو استقبال ڪيو، ۽ جيڪي خدا سندن معرفت ڪيو هو، سو سڀ هنن بيان ڪري ٻُڌايو.


هاڻي هي ٿسلونيڪيءَ جي يهودين کان وڌيڪ چڱا ماڻهو هئا، جو هنن وڏي شوق سان ڪلام قبول ڪيو، ۽ روز بروز پاڪ ڪتاب پڙهي ڏسندا هئا تہ اِهي ڳالهيون برابر ائين آهن يا نہ.


تنهن تي جن هن جي ڳالهہ مڃي، تن کي بپتسما ملي: ۽ انهي ڏينهن اٽڪل ٽي هزار ماڻهو اچي ساڻن شامل ٿيا.


۽ شائول هن جي قتل ڪرڻ تي راضي هو. ۽ انهن ڏينهن ۾ جيڪا ڪليسيا يروشلم ۾ هئي، تنهن تي ڏاڍو ظلم ٿيڻ لڳو؛ ۽ رسولن کانسواءِ باقي ٻيا سڀ يهوديہ ۽ سامريہ جي ملڪن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا.


۽ جيڪو فضل مون کي ڏنو ويو سو جڏهن هنن کي معلوم ٿيو تڏهن، يعقوب ۽ ڪيفاس ۽ يوحنا، جي ڪليسيا جا ارڪان ليکبا هئا، تن مون کي ۽ برناباس کي پنهنجو ساڄو هٿ ڏيئي، شراڪت ۾ قبول ڪيو، انهي لاءِ تہ اسين غير قومن ڏانهن وڃون، ۽ هو مختونن وٽ وڃن.


۽ انهي سبب ڪري اسين بہ هميشہ خدا جو شڪر ٿا ڪريون تہ جڏهن اوهان کي اسان کان خدا جو پيغام مليو، تڏهن اوهان اُهو ماڻهن جو ڪلام نہ پر جيئن حقيقت ۾ آهي، تيئن خدا جو ڪلام سمجهي قبول ڪيو، ۽ اُهو اوهان ايمان وارن تي اثر ٿو ڪري.


۽ تيمٿيس، جو اسان جو ڀاءُ، ۽ مسيح جي خوشخبريءَ ۾ خدا جو خادم آهي، تنهن کي موڪليوسين تہ اوهان کي قائم ڪري، ۽ اوهان جي ايمان جي نسبت ۾ اوهان کي تسلي ڏئي؛


۽ برباد ٿيڻ وارن جي لاءِ ناراستيءَ جي هر طرح جي فريب سان ٿيندو؛ ڇالاءِ جو انهن سچ جي محبت اختيار نہ ڪئي تہ نجات ملين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ