Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 8:13 - Sindhi Bible

13 ۽ خود شمعون کي بہ ايمان آيو؛ ۽ بپتسما وٺي فلپس سان گڏ رهڻ لڳو؛ ۽ نشان ۽ وڏا وڏا معجزا ٿيندا ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 شمعون پاڻ بہ وشواس آندو ۽ بپتسما وٺي فلپس سان گڏ رهڻ لڳو. هو وڏا وڏا چمتڪار ۽ ڪرامتون ٿيندي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 شمعون پاڻ بہ ايمان آندو ۽ بپتسما وٺي فلپس سان گڏ رهڻ لڳو. هو وڏا وڏا معجزا ۽ ڪرامتون ٿيندي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 شمعون پاڻ بہ ايمان آندو ۽ بپتسما وٺي فلپس سان گڏ رھڻ لڳو. ھو وڏا وڏا معجزا ۽ ڪرامتون ٿيندي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 8:13
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين قومن تي ڌيان ڏيئي نظر ڪريو ۽ گهڻو عجب ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ اوهانجن ڏينهن ۾ اهڙو ڪم ڪندس جو جيڪڏهن اوهان کي ٻڌايو ويندو، تہ اوهين اعتبار ڪين ڪندا.


۽ انهن پنهنجا گناهہ باسي، يردن نديءَ ۾ هن کان بپتسما ورتي.


۽ ايمان آڻڻ وارن ۾ هي نشانيون هونديون: اُهي منهنجي نالي ڀوت ڪڍندا؛ ۽ نيون نيون ٻوليون ڳالهائيندا؛


۽ ٽڪر وارا اُهي آهن، جي جڏهن ڪلام ٻُڌن ٿا، تڏهن خوشيءَ سان مڃيو وٺن، پر پاڙ نہ هئڻ ڪري ٿوري وقت تائين ايمان آڻي، پوءِ آزمائش جي مهل ڦريو وڃن.


ڇوتہ پيءُ پٽ کي پيار ٿو ڪري، ۽ جيڪي بہ ڪم پاڻ ٿو ڪري، سي سڀ هن کي ٿو ڏيکاري؛ بلڪ انهن کان بہ وڏا ڪم ڏيکاريندس، تہ اوهان کي عجب لڳي.


يسوع جواب ڏيئي چين، تہ مون هڪڙو ڪم ڪيو، ۽ اوهان مڙني کي حيرت وٺي ويئي آهي.


۽ ورندي سبت جي ڏينهن اٽڪل سڄو شهر خدا جو ڪلام ٻُڌڻ لاءِ اچي گڏ ٿيو.


۽ خدا پولس جي هٿان خاص معجزا ڏيکاريندو هو،


۽ سڃاتائونس تہ هي اُهو ئي آهي جو هيڪل جي سهڻي در وٽ ويهي پنندو هو: ۽ جيڪي مٿس ٿي گذريو هو، تنهن تي ڏاڍو عجب لڳن ۽ حيران ٿي ويا.


هن ڳالهہ ۾ تنهنجو نڪو حصو آهي نڪو ورثو: ڇالاءِ جو تنهنجي دل خدا جي اڳيان سچي نہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ