Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 8:10 - Sindhi Bible

10 ۽ ننڍڙا توڙي وڏا سڀيئي کيس مڃيندا هئا، تہ هي ماڻهو خدا جي اُها قدرت آهي، جنهن کي عظيم ڪري سڏبو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 شهر جا ننڍا توڙي وڏا کيس مڃيندا هئا ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي ايشور جي مهان شڪتي ڪري چوندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 شهر جا ننڍا توڙي وڏا کيس مڃيندا هئا ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي خدا جي عظيم قدرت ڪري چوندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 شھر جا ننڍا توڙي وڏا کيس مڃيندا ھئا ۽ انھيءَ ماڻھوءَ کي خدا جي عظيم قدرت ڪري چوندا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 8:10
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن مان ڪوبہ وري اڳتي پنهنجي پاڙيسريءَ کي ۽ پنهنجي ڀاءُ کي ائين چئي نہ سيکاريندو تہ خداوند کي سڃاڻ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ننڍي کان وٺي وڏي تائين هو سڀ مون کي سڃاڻندا، ڇالاءِ جو آءٌ هنن جي بدڪاري معاف ڪندس، ۽ هنن جو گناهہ وري اڳتي ياد نہ ڪندس.


تڏهن لشڪرن جا سڀ سردار، ۽ يوحنان بن قريحہ، ۽ يزنياہ بن هوسعياہ، ۽ ٻيا سڀ ماڻهو تمام ننڍن کان وٺي وڏن تائين ويجها آيا.


ڇالاءِ جو ننڍن کان وٺي وڏن تائين سڀني کي لالچ جي عادت آهي؛ ۽ نبيءَ کان وٺي ڪاهن تائين سڀ ڪوڙ ۽ ڪپت ۾ مشغول آهن.


تنهن ڪري آءٌ هنن جون زالون ٻين کي ڏيندس، ۽ هنن جون ٻنيون انهن کي ڏيندس جي انهن جا مالڪ ٿيندا: ڇالاءِ جو تمام ننڍي کان وٺي تمام وڏي تائين هو لالچي آهن، ۽ نبي کان وٺي ڪاهن تائين اُهي سڀ ڪوڙ سان واهپو ٿا رکن.


۽ نينوہ جي ماڻهن خدا تي ويساهہ آندو؛ ۽ هنن هڪڙي روزي جو اشتهار ڪيو، ۽ تمام وڏي کان وٺي تمام ننڍي تائين کٿو ڍڪيائون.


۽ پولس جيڪي ڪيو هو، سو جڏهن ماڻهن ڏٺو، تڏهن وڏي واڪي لڪايونيہ جي ٻوليءَ ۾ چوڻ لڳا، تہ ديوتا انسان جي صورت ۾ لهي اسان وٽ آيا آهن.


پر هنن ڀانئيو تہ هيءُ سُڄي پوندو، يا اوچتو ڪِري مري ويندو، پر گهڻي وقت تائين اهو انتظار ڪڍيائون ۽ ڏٺائون تہ هن کي ڪي بہ ڪين ٿيو، تڏهن ٻيو خيال ڪيائون، ۽ چوڻ لڳا تہ هي ڪو ديوتا آهي.


پر يهودي توڙي يوناني، جي سڏيا ويا آهن، تن جي لاءِ مسيح خدا جي قدرت ۽ خدا جي ڏاهپ آهي.


ڇالاءِ جو اوهين پاڻ تہ ڏاها ٿي خوشيءَ سان بيوقوفن جي برداشت ٿا ڪريو.


تہ اڳتي اسين ٻار نہ رهون، ۽ ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ مڪاريءَ جي ڪري سندن گمراهہ ڪندڙ منصوبن ۾ ڦاسي، هر ڪنهن قسم جي تعليم جي جهُوٽن ۾ هيڏانهن هوڏانهن نہ اُڇلجون، ۽ گهلجي نہ وڃون؛


۽ گهڻا ئي سندن شهوت پرستيءَ جي پيروي ڪندا، جن جي ڪري حق جي راهہ جي بدنامي ٿيندي.


۽ مون ڏٺو تہ هن جي مٿن مان هڪڙي کي موتمار ڌڪ لڳل هو؛ پر اُهو موتمار زخم ڇُٽي ويو هو. ۽ سارو جهان حيران ٿي انهي حيوان جي پٺيان اچڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ