Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:8 - Sindhi Bible

8 ۽ ساڻس ختني جو عهد ڪيائين. پوءِ ابراهيم کي اسحاق ڄائو، ۽ هن اٺين ڏينهن هن جو ختنو ڪيو؛ ۽ اسحاق مان يعقوب، ۽ يعقوب مان ٻارهن قبيلن جا بزرگ پيدا ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 پوءِ ايشور ابرهام لاءِ ختني کي انهيءَ ٻڌل وچن جي نشانيءَ طور مقرر ڪيو. تنهنڪري ابرهام پنهنجي پٽ اضحاق جو سندس جنم کان اٺين ڏينهن تي ختنو ڪرايو. اضحاق مان يعقوب ۽ يعقوب مان ٻارهن پٽ پيدا ٿيا، جيڪي ٻارهن قبيلن جا وڏا ٿيا، تن سڀني جو بہ ختنو ڪرايو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ خدا ابراهيم لاءِ طهر کي انهيءَ عهد جي نشانيءَ طور مقرر ڪيو. تنهنڪري ابراهيم پنهنجي پٽ اسحاق جو سندس ڄمڻ کان اٺين ڏينهن تي طهر ڪرايو. اسحاق مان يعقوب ۽ يعقوب مان ٻارهن پٽ پيدا ٿيا، جيڪي ٻارهن قبيلن جا وڏا ٿيا، تن سڀني جو بہ طهر ڪرايو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 پوءِ خدا ابراھيم لاءِ طھر کي انھيءَ عھد جي نشانيءَ طور مقرر ڪيو. تنھنڪري ابراھيم پنھنجي پٽ اسحاق جو سندس ڄمڻ کان اٺين ڏينھن تي طھر ڪرايو. اسحاق مان يعقوب ۽ يعقوب مان ٻارھن پٽ پيدا ٿيا، جيڪي ٻارھن قبيلن جا بزرگ ٿيا، تن سڀني جو بہ طھر ڪرايو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:8
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند ڏٺو تہ لياہ حقير ٿي ليکجي، سو هن سندس رحم کوليو: پر راخل سنڍ رهجي ويئي.


۽ بلهاہ حاملہ ٿي ۽ کيس يعقوب مان پٽ پيدا ٿيو.


پوءِ هو بيت ايل مان روانا ٿيا ۽ فرات تائين پهچڻ ۾ اڃا ٿورو پنڌ هو، تہ راخل کي اچي ويم جا سخت سور ٿيا.


جڏهن هوءَ مرڻ تي هئي، تڏهن ساهہ نڪرڻ مهل هن جو نالو بنوني رکيائين ۽ پوءِ مري ويئي: پر يعقوب هن جو نالو بنيمين رکيو.


۽ ابرهام مان اسحاق ڄائو؛ اسحاق جا پٽ؛ عيسو ۽ اسرائيل.


ابراهيم مان اسحاق پيدا ٿيو؛ ۽ اسحاق مان يعقوب پيدا ٿيو؛ ۽ يعقوب مان يهوداهہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.


انهي سبب موسيٰ اوهان کي ختني جو حڪم ڏنو آهي. (نہ ڪ اُهو موسيٰ کان آهي پر ابن ڏاڏن کان)، ۽ سبت جي ڏينهن اوهين ماڻهوءَ جو ختنو ڪرائيندا آهيو.


اي ڀائرو، آئون اوهان کي کُليو کُلايو بابي دائود بابت ٻُڌائي ٿو سگهان تہ هو برابر مري ويو ۽ دفن بہ ٿيو، ۽ سندس قبر اڄ تائين موجود آهي.


تڏهن ڪيئن لکيو ويو؟ ختني جي حالت ۾ يا نامختونيءَ ۾؟ ختني جي حالت ۾ نہ، پر بنا ختني واريءَ حالت ۾.


اي ڀائرو، آئون ماڻهن جي دستور موجب ٿو ڳالهايان، تہ جيتوڻيڪ اهو ڪنهن ماڻهو جو عهد هجي، تہ بہ جڏهن اُهو پڪو ڪيو ٿو وڃي، تڏهن ڪوبہ انهي کي رد نٿو ڪري، نڪي انهي ۾ ڪجهہ وڌائي ٿو سگهي.


هاڻي آئون هيئن ٿو چوان، تہ جنهن عهد کي اڳيئي خدا پڪو ڪيو، تنهن کي شريعت، جا چار سؤ ٽيهن ورهين کانپوءِ آئي، سا رد ڪري نٿي سگهي تہ اُهو واعدو بي اثر ٿي وڃي.


هاڻي خيال ڪري ڏسو تہ اهو شخص ڪهڙو نہ بزرگ هو، جو انهي کي قوم جي بزرگ ابراهيم غنيمت جي عمدي مال مان بہ ڏهون حصو ڏنو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ