Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:5 - Sindhi Bible

5 ۽ هن ملڪ ۾ ڪابہ ميراث ڪانہ ڏنائينس، نہ، بلڪ پير رکڻ جيتري جاءِ بہ ڪانہ ڏنائينس؛ ۽ جيتوڻيڪ هن کي اولاد ڪونہ هو، تہ بہ اهو واعدو ڪيائينس تہ اِهو ملڪ توکي ۽ توکان پوءِ تنهنجي نسل کي ملڪيت ڪري ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 ايشور ابرهام کي هن ملڪ ۾ زمين جو هڪ ٽڪرو بہ ميراث طور نہ ڏنو، بلڪ هڪ انچ بہ نہ. پر ايشور ساڻس وچن ڪيو تہ ’اهو ملڪ تو کي ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي ڏيندس تہ جيئن تنهنجي ملڪيت ٿئي،‘ جيتوڻيڪ کيس ڪوبہ اولاد ڪونہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 خدا ابراهيم کي هن ملڪ ۾ زمين جو هڪ ٽڪرو بہ ميراث طور نہ ڏنو، بلڪ هڪ انچ بہ نہ. پر خدا ساڻس واعدو ڪيو تہ ’اهو ملڪ تو کي ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي ڏيندس تہ جيئن تنهنجي ملڪيت ٿئي،‘ جيتوڻيڪ کيس ڪوبہ اولاد ڪونہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 خدا ابراھيم کي ھن ملڪ ۾ زمين جو ٽڪرو بہ نہ ڏنو، بلڪ ھڪ انچ بہ نہ. پر خدا ساڻس واعدو ڪيو تہ ’اھو ملڪ تو کي ۽ تو کان پوءِ تنھنجي اولاد کي ملڪيت ڪري ڏيندس،‘ جيتوڻيڪ کيس ڪوبہ اولاد ڪونہ ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:5
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏيئي چيو تہ هيءُ ملڪ آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس: سو جنهن خداوند کيس ڏيکاري ڏني، تنهن لاءِ اُتي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهيائين.


ڇالاءِ تہ جيڪو ملڪ تون ڏسين ٿو، سو سڀ آءٌ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ ڏيندس.


انهيءَ ڏينهن خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪيو ۽ چيائينس تہ مون هي ملڪ مصر جي نديءَ کان وٺي، وڏي ندي يعني فرات نديءَ تائين تنهنجي اولاد کي ڏنو آهي.


۽ ساريءَ ابرام کي چيو تہ هاڻي ڏس، خداوند مون کي اولاد کان وانجهي رکيو آهي، سو تون پنهنجيءَ ٻانهيءَ وٽ وڃ، شايد ان مان مون کي ڪي ٻار ملن. ۽ ابرام ساريءَ جي ڳالهہ قبول ڪئي.


آءٌ توکي، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين، يعني ڪنعان جو سارو ملڪ، جنهن ۾ تون پرديسي آهين، سو هميشہ جي لاءِ قبضي ۾ ڏيندس؛ ۽ آءٌ انهن جو خدا ٿيندس.


آءٌ اوهان وٽ ڌاريو ۽ مسافر آهيان: مون کي پاڻ وٽ قبرستان جي لاءِ زمين جو ٽڪر ڏيو تہ آءٌ پنهنجو مردو پنهنجيءَ نظر کان پاسي ڪري، اتي دفن ڪريان.


تون هن ئي ملڪ ۾ رهي پئُہ، ۽ آءٌ توسان هوندس ۽ توکي برڪت ڏيندس: ڇالاءِ جو آءٌ هي سڀ ملڪ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس؛ ۽ جيڪو قسم مون تنهنجي پيءُ ابرهام سان کنيو آهي، سو پورو ڪندس.


۽ هن جي دل تو پنهنجي اڳيان سچي ڏٺي، ۽ هن سان اهو عهد اقرار ڪيو تہ تون ڪنعانين، حتين، امورين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين، ۽ جرجاسين جي زمين انهيءَ جي اولاد کي ڏيندين ۽ تو پنهنجو انجام پورو ڪيو؛ ڇالاءِ جو تون سچو آهين.


اي آدمزاد، جيڪي ماڻهو اسرائيل جي زمين ۾ انهن ويران جاين تي رهن ٿا، سي چوندا وتن تہ ابرهام هڪڙو ئي هو، جنهن کي اُها زمين ورثي ۾ ملي؛ پر اسين تہ گهڻا آهيون؛ اُها زمين اسان کي موروثي ملڪيت ٿي ملي آهي.


پوءِ خداوند مون کي چيو، تہ اُٿ، ۽ ماڻهن جي رهبري ڪر؛ تہ هو انهي ملڪ تي وڃي قبضو ڪن، جنهن بابت مون انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ انهن کي ڏيندس.


۽ جنهن ملڪ جي بابت خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تہ انهن کي ۽ انهن جي اولاد کي ڏيندو، ۽ جنهن ملڪ ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، تنهن ۾ اوهان جي عمر وڏي ٿئي.


هنن سان متان وڙهو؛ ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي هنن جي ملڪ مان ڪجهہ بہ نہ ڏيندس، اصل پير رکڻ جيترو هنڌ بہ ڪين ڏيندس: ڇوتہ شعير جبل مون عيسوءَ کي ورثي طور ڏنو آهي.


۽ خداوند هن کي چيو، تہ هي اهو ملڪ آهي، جنهن بابت مون ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان، قسم کڻي چيو هو تہ اهو تنهنجي اولاد کي ڏيندس: اهو مون توکي تنهنجين اکين سان ڏيکاريو آهي، پر تون لنگهي انهي تائين نہ ويندين.


تون پنهنجي راستبازيءَ يا پنهنجيءَ دل جي سچائيءَ جي ڪري، انهن جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ نٿو وڃين: پر انهن قومن جي بدڪاريءَ جي سببان خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍي، انهي لاءِ تہ خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن سان، يعني ابرهام سان، اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کڻي جيڪو واعدو ڪيو هو، سو پورو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ