Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:49 - Sindhi Bible

49 ”خداوند فرمايو تہ آسمان منهنجو تخت آهي، ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي: اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گهر جوڙيندا؟ يا منهنجي آرام جي جاءِ ڪٿي آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

49 ’خداوند فرمايو تہ آسمان منھنجو تخت آھي ۽ زمين منھنجي پيرن جي صندلي آھي. سو اوھين منھنجي لاءِ ڪھڙي قسم جو گھر اڏيندا. يا منھنجي آرام جي جاءِ ڪٿي ٺاھيندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:49
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيو تہ انهيءَ ڪري تون خداوند جو ڪلام ٻڌ: مون خداوند کي پنهنجي تخت تي ويٺل ڏٺو، ۽ آسمان جو سارو لشڪر سندس سڄي هٿ پاسي ۽ کٻي هٿ پاسي سندس نزديڪ بيٺو هو.


پر خدا سچ پچ زمين تي رهندو ڇا؟ ڏس، تون، آسمان ۾، بلڪ آسمانن جي آسمان ۾ ماپي نٿو سگهين؛ تڏهن هيءُ گهر جو مون جوڙيو آهي تنهن ۾ ڀلا ڪيئن ماپي سگهندين!


پر خدا سچ پچ زمين تي ماڻهن سان گڏ رهندو ڇا؟ ڏس، تون آسمان ۽ آسمانن جي آسمان ۾ سمائجي نٿو سگهين: تڏهن هي گهر جيڪو مون جوڙيو آهي، تنهن ۾ ڀلا تون ڪيئن سمائجي سگهندين!


خداوند پنهنجيءَ پاڪ هيڪل ۾ آهي، خداوند جو تخت آسمان ۾ آهي؛ سندس اکيون ڏسن ٿيون، هن جا ڇپر بني آدم کي آزمائين ٿا.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آسمان منهنجو تخت آهي، ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي: اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گهر جوڙيندا؟ ۽ ڪهڙي جاءِ منهنجي آرامگاهہ ٿيندي؟


خداوند ٿو فرمائي، تہ ڪو پاڻ کي ڳجهين جاين ۾ اهڙو لڪائي سگهندو ڇا جو آءٌ ڏسي نہ سگهانس؟ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ آسمان ۽ زمين ڀري نہ بيٺو آهيان ڇا؟


ڇالاءِ جو صبح کان وٺي شام تائين قومن ۾ منهنجي نالي جي وڏائي ٿي ٿئي؛ ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ سڀ ڪنهن جاءِ تي منهنجي لاءِ خوشبوءِ ٿا چاڙهين ۽ پاڪ نذرانا ٿا آڻين، ڇالاءِ جو قومن ۾ منهنجو نالو عظيم آهي.


۽ جيڪو آسمان جو قسم ٿو کڻي سو خدا جي تخت جو، ۽ جيڪو انهي تي ويٺل آهي تنهن جو قسم ٿو کڻي.


پر هن ورندي ڏيئي چين تہ هي سڀ شيون اوهين ڏسو ٿا؟ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هتي پهڻ پهڻ تي نہ رهندو جو ڊاٺو نہ ويندو.


يسوع هن کي چيو تہ اي مائي، منهنجي ڳالهہ تي اعتبار ڪر تہ اُها گهڙي اچي ٿي، جڏهن اوهين نڪي هن جبل تي، نڪي يروشلم ۾، پيءُ جي عبادت ڪندا.


جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون پنهنجي تخت تي پاڻ سان ويهاريندس، جهڙي طرح ڪ آئون پاڻ بہ غالب پيس، ۽ پنهنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ