Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:45 - Sindhi Bible

45 ۽ جڏهن اسان جي ابن ڏاڏن انهن قومن جي ملڪيت وڃي هٿ ڪئي، جن کي خدا سندن اڳيان ڪڍي ڇڏيو هو، تڏهن اهو تنبو جو کين مليو هو، سو يشوع سان گڏ کڻي آيا؛ ۽ اُهو دائود جي وقت تائين رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

45 اهو خيمو اسان جي ابن ڏاڏن کي سندن وڏن کان مليو هو ۽ اهي ان خيمي کي يشوع جي اڳواڻيءَ ۾ پاڻ سان کڻي آيا هئا جڏهن هنن انهن قومن جي ملڪ تي وڃي قبضو ڪيو، جن کي ايشور سندن اڳيان ڀڄائي ڪڍيو. اهو پوِتر خيمو وٽن دائود جي زماني تائين رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

45 اهو خيمو اسان جي ابن ڏاڏن کي سندن وڏن کان مليو هو ۽ اهي ان خيمي کي يشوع جي اڳواڻيءَ ۾ پاڻ سان کڻي آيا هئا جڏهن هنن انهن قومن جي ملڪ تي وڃي قبضو ڪيو، جن کي خدا سندن اڳيان ڀڄائي ڪڍيو. اهو مقدس خيمو وٽن دائود جي زماني تائين رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

45 اھو مقدس خيمو اسان جي ابن ڏاڏن کي سندن وڏن کان مليو ھو ۽ اھي تڏھن ان خيمي کي يشوع سان گڏ پاڻ سان کڻي آيا ھئا، جڏھن ھنن انھن قومن جي ملڪ تي وڃي قبضو ڪيو ھو، جن قومن کي خدا سندن اڳيان ڀڄائي ڪڍيو ھو. اھو مقدس خيمو وٽن دائود جي زماني تائين رھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:45
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن خداوند جي صندوق، ۽ جماعت وارو تنبو، ۽ سڀ پاڪ باسڻ، جي اُنهيءَ تنبوءَ ۾ هئا، سي آندا؛ اهي بہ ڪاهنن ۽ لاوين آندا.


۽ خداوند جي تنبوءَ اڳيان جو جبعون وٽ مٿانهينءَ جاءِ تي هو، هن صدوق ڪاهن ۽ سندس ڀائرن کي رکيو، جيڪي ڪاهن هئا،


ڇالاءِ تہ خداوند جو تنبو ۽ سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ، جي موسيٰ بيابان ۾ جوڙيا، سي انهيءَ وقت جبعون جي مٿانهينءَ جاءِ ۾ هئا.


انهيءَ جو پٽ نون، انهيءَ جو پٽ يهوسوع.


تڏهن انهن جو اولاد ويو ۽ اُهو ملڪ وڃي هٿ ڪيائون، ۽ تو انهن جي اڳيان انهيءَ ملڪ جي رهاڪن کي، يعني ڪنعانين کي، شڪست ڏني، ۽ انهن کي سندن بادشاهن ۽ ملڪ جي ماڻهن سميت هنن جي هٿن ۾ ڏنو، تہ جيئن وڻين تيئن هنن سان ڪن.


تو پنهنجي هٿ سان ڌارين قومن کي هڪالي ڪڍيو ۽ کين آباد ڪيو؛ تو قومن کي تباهہ ڪيو، ۽ انهن کي پکيڙي ڇڏيو.


هن ڌارين قومن کي انهن جي اڳيان ڪڍي ڇڏيو، ۽ زمين ماپي اسرائيل جي قبيلن کي ميراث ڪري ڏنائين، ۽ کين انهن جي خيمن ۾ رهايائين.


تو مصر مان هڪڙو ڊاک جو تاڪ آندو: تو ڌارين قومن کي هڪالي ڪڍيو ۽ انهيءَ کي لڳايو.


۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ ست قومون برباد ڪري، اٽڪل ساڍين چئن صدين تائين کين سندن ملڪ ورثي ۾ ڏيئي ڇڏيائين.


تون هن عباريم جبل تي چڙهي، نبو واري جبل تي وڃ، جو موآب جي ملڪ ۾ يريحو جي سامهون آهي؛ ۽ اتان ڪنعان جو ملڪ ڏس، جو آءٌ بني اسرائيل کي ورثي لاءِ ٿو ڏيان:


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن يشوع انهن کي آرام ۾ داخل ڪري ها، تہ خدا انهي کانپوءِ ٻئي ڏينهن جو ذڪر نہ ڪري ها.


۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت سيلا ۾ اچي گڏ ٿي، ۽ جماعت وارو تنبو اُتي کوڙيائون: ۽ اُهو ملڪ سندن تابع ٿيو.


ڇالاءِ جو خداوند اوهان جي اڳيان وڏيون ۽ زبردست قومون هڪالي ڪڍيون آهن؛ ۽ اوهان جي اڳيان اڄ ڏينهن تائين ڪوبہ ماڻهو بيهي نہ سگهيو آهي.


۽ خداوند اسان جي اڳيان سڀ قومون، يعني جيڪي اموري انهي زمين ۾ رهندا هئا، تن کي هڪالي ڪڍيو: تنهنڪري اسين بہ انهي خداوند جي عبادت ڪنداسين، ڇالاءِ جو اهو ئي اسان جو خدا آهي.


انهي طرح جيستائين خدا جو گهر سيلا ۾ هو، تيستائين ميڪاہ واري اُڪريل مورت هنن پاڻ وٽ بيهاري رکي.


تڏهن انهن سيلا ڏي ماڻهو موڪليا، ۽ اُنهن اُتان لشڪرن جي خداوند جي عهدنامي جي صندوق آندي، جا ڪروبين تي رکيل آهي. ۽ عيليءَ جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس اُتي خدا جي عهدنامي جي صندوق سان هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ