Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:42 - Sindhi Bible

42 پر خدا هنن کان منهن موڙيو ۽ ڇڏي ڏنائينِ، تہ وڃي آسمان جي لشڪر کي پوڄين، جيئن نبين جي ڪتاب ۾ لکيل آهي، تہ ”اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهان رڻ پٽ ۾ چاليهہ ورهيہ جانور ڪُهي منهنجي لاءِ قربانيون چاڙهيون ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

42 تنهن تي ايشور انهن کان منهن موڙيو ۽ کين ڇڏي ڏنائين تہ وڃي آڪاش جي لشڪر جي پوجا ڪن، جيئن سنديش ڏيندڙ سنتن جي هڪ لکت ۾ ايشور فرمائي ٿو تہ ’اي بني اسرائيل وارؤ! ڇا اوهان منهنجي لاءِ بيابان ۾ چاليهن سالن تائين جانور ڪهي ٻليدان ڏنا؟ ڪڏهن بہ نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

42 تنهن تي خدا انهن کان منهن موڙيو ۽ کين ڇڏي ڏنائين تہ وڃي آسمان جي لشڪر جي پوڄا ڪن، جيئن نبين جي هڪ لکت ۾ خدا فرمائي ٿو تہ ’اي بني اسرائيل وارؤ! ڇا اوهان منهنجي لاءِ بيابان ۾ چاليهن سالن تائين جانور ڪهي قربانيون ڏنيون؟ ڪڏهن بہ نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

42 پر خدا انھن کان منھن موڙيو ۽ کين ڇڏي ڏنائين تہ وڃي آسمان جي ستارن جي پوڄا ڪن، جيئن نبين جي صحيفي ۾ لکيل آھي تہ ’اي بني اسرائيل وارؤ! ڇا اوھان منھنجي لاءِ بيابان ۾ چاليھن سالن تائين جانور ڪھي قربانيون ڏنيون؟ ڪڏھن بہ نہ،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:42
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن خداوند پنهنجي خدا جا سڀ حڪم ڇڏي ڏنا، ۽ پنهنجي لاءِ پلٽيل بت جوڙيائون، يعني ٻہ گابا، ۽ يسيرتون جوڙيائون، ۽ آسمان جي سڀني تارن جي پوڄا ڪيائون، ۽ بعل جي عبادت ڪيائون.


ڇالاءِ جو هن وري اُهي مٿانهيون جايون جوڙايون، جي سندس پيءُ حزقياہ ڊاهي ڇڏيون هيون؛ ۽ هن بعل جي لاءِ قربانگاهون اڏايون؛ ۽ هڪڙو يسيرت بہ جوڙايو، جيئن ڪ اسرائيل جي بادشاهہ اخي آب ڪيو هو، ۽ آسمان جي سڀني تارن جي عبادت ڪيائين، ۽ اُنهن جي بندگي ڪيائين.


چاليهن ورهين تائين آءٌ اُنهيءَ پيڙهيءَ کان بيزار رهيس، تڏهن مون چيو تہ هي اهي ماڻهو آهن جي پنهنجين دلين ۾ گمراهہ ٿا ٿين، ۽ انهن منهنجين واٽن کي نہ سمجهيو آهي:


تو پنهنجين سوختني قربانين لاءِ ننڍو چوپايو مال منهنجي حضور ۾ نہ آندو آهي؛ نڪي پنهنجين قربانين سان مون کي عزت ڏني اٿيئي. مون توکي نذرانن آڻڻ لاءِ لاچار ڪونہ ڪيو، نڪي لوبان ساڙڻ لاءِ توکي ٿڪايم.


پر انهن بغاوت ڪئي ۽ هن جي پاڪ روح کي رنجايائون: تنهن ڪري هو ڦري انهن جو دشمن ٿيو، ۽ پاڻ انهن سان وڙهيو.


آءٌ بہ انهن جي وهمن کي چونڊيندس، ۽ جن ڳالهين کان هو ڊڄن ٿا سي مٿانئن آڻيندس؛ ڇالاءِ تہ جڏهن مون سڏيو تڏهن ڪنهن بہ جواب ڪونہ ڏنو؛ جڏهن مون ڳالهايو تڏهن انهن نہ ٻڌو؛ جيڪي منهنجيءَ نظر ۾ خراب هو سو انهن ڪيو، ۽ جنهن مان آءٌ راضي نہ هوس سو پسند ڪيائون.


۽ يروشلم جا گهر ۽ يهوداہ جي بادشاهن جا گهر، جي ناپاڪ ٿيا آهن، سي توفت جي جاءِ جهڙا ٿيندا؛ يعني اُهي سڀ گهر جن جي ڀتين تي هنن آسمان جي سڄي لشڪر لاءِ لوبان ساڙيو آهي، ۽ پيئڻ واريون قربانيون معبودن لاءِ اوتيون اٿن،


۽ انهن کي سج ۽ چنڊ ۽ آسمان جي سڄي لشڪر جي اڳيان پکيڙيندا، جن سان انهن محبت رکي آهي، ۽ جن جي هنن عبادت ڪئي آهي، ۽ جن جي پٺيان هو هليا آهن، ۽ جن کي هنن ڳوليو آهي، ۽ جن کي هنن سجدو ڪيو آهي: هو نہ گڏ ڪيا ويندا ۽ نہ دفن ڪيا ويندا؛ هو زمين جي سطح تي ڇيڻي جي بجاءِ ٿيندا.


تنهن کانسواءِ مون هنن کي اهڙا قانون بہ ڏنا جي چڱا نہ هئا؛ ۽ اهڙا حڪم ڏنم جن جي ڪري هو جيئرا نہ رهن؛


باقي اوهين، سو اي اسرائيل جا گهراڻا، خداوند خدا اوهان جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي، تہ هن کانپوءِ جي اوهين منهنجي ٻڌڻ نہ گهرندا، تہ اوهان مان هرڪو وڃي پنهنجن بُتن جي عبادت ڪري: پر پنهنجن نذرانن سان ۽ پنهنجن بُتن سان اوهين منهنجي نالي جي بي ادبي نہ ڪندا.


۽ هن مون کي خداوند جي گهر جي اندرئين ايوان ۾ آندو ۽ ڏسو، اُتي خداوند جي هيڪل جي در وٽ، اڳ واري ورانڊي ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾، اٽڪل پنجويهہ ماڻهو بيٺا هئا، جن جون پٺيون خداوند جي هيڪل ڏي هيون، ۽ سندن منهن اُڀرندي ڏي هئا؛ ۽ انهن اُڀرندي ڏانهن سج جي عبادت پي ڪئي.


افرائيم وڃي بتن سان گڏيو آهي، انهي کي ڇڏي ڏيو.


نبين جي ڪتابن ۾ لکيل آهي، تہ ”اُهي سڀ خدا پاران سيکاريا ويندا.“ هرڪو جنهن پيءُ کان ٻُڌو آهي، ۽ وٽانئس سکيو آهي، سو مون وٽ ٿو اچي.


تنهنڪري خبردار رهجو تہ جيڪي نبي چئي ويا آهن، سو متان اوهان تي اچي پوي.


اهوئي شخص هنن کي ڪڍي آيو؛ ۽ مصر ۾، ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾، ۽ رڻ پٽ ۾، چاليهہ ورهيہ عجب جهڙا ڪم ڪيائين، ۽ نشان ڏيکاريائين.


۽ ٻين معبودن جي عبادت ڪئي هجيس، يعني سج کي، يا چنڊ کي، يا خدا جي ساري خلقت مان ڪنهن کي سجدو ڪيو هجيس، جنهن جون مون حڪم نہ ڏنو آهي؛


يا جڏهن تون آسمان ڏانهن نهارين، ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان جي ساري خلقت کي ڏسي گمراهہ ٿين ۽ انهن کي سجدو ڪرين، ۽ انهن جي عبادت ڪرين، جن کي خداوند تنهنجي خدا زمين جي سڀني قومن لاءِ رکيو آهي.


جتي اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي آزمايو، ۽ چاليهہ ورهيہ منهنجا ڪم ڏٺائون.


جيڪڏهن اوهين خداوند کي ڇڏيندا، ۽ ٻين ڌارين معبودن جي عبادت ڪندا، تہ پوءِ هو، جنهن اسان سان هيتري چڱائي ڪئي آهي، سو ڦري اوهان سان برائي ڪندو، ۽ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ