Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:38 - Sindhi Bible

38 هي اُهو ئي آهي جو رڻ پٽ ۾ ڪليسيا منجهہ اُنهي ملائڪ سان هو، جنهن سينا جبل تي ساڻس ڳالهايو، ۽ جو اسان جي ابن ڏاڏن سان هو؛ انهي کي زندگيءَ جو ڪلام مليو تہ اسان کي پهچائي ڏي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

38 هي اهو ئي آهي، جنهن بيابان ۾ سڄي بني اسرائيل کي آڻي گڏ ڪيو. اتي هو اسان جي ابن ڏاڏن ۽ انهيءَ دوت جو وچ وارو بڻيو، جنهن ساڻس سينا جبل تي ڳالهايو هو. هي اهو ئي آهي جنهن کي جيون ڏيندڙ وچن مليو، انهيءَ لاءِ تہ اهو اسان تائين پهچائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 هي اهو ئي آهي، جنهن بيابان ۾ سڄي بني اسرائيل کي آڻي گڏ ڪيو. اتي هو اسان جي ابن ڏاڏن ۽ انهيءَ ملائڪ جو وچ وارو بڻيو، جنهن ساڻس سينا جبل تي ڳالهايو هو. هي اهو ئي آهي جنهن کي زندگي ڏيندڙ ڪلام مليو، انهيءَ لاءِ تہ اهو اسان تائين پهچائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

38 ھي اھو ئي آھي، جيڪو ان وقت اتي ھو جڏھن سڀيئي بني اسرائيل بيابان ۾ گڏ ٿيا ھئا. اتي ھو اسان جي ابن ڏاڏن سان گڏ ھو ۽ انھيءَ ملائڪ سان گڏ ھو جنھن ھن سان سينا جي جبل تي ڳالھايو ھو. ھي اھو ئي آھي جنھن کي زندہ ڪلام مليو، انھيءَ لاءِ تہ اھو اسان تائين پھچائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:38
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو انهن جي سڀني ڏکن ۾ ڏکي ٿيو، ۽ سندس حضوريءَ جي فرشتي انهن کي بچايو: هن پنهنجي رحم ۽ پنهنجي قياس سان سندن عيوضو ڏنو؛ ۽ قديم زماني کان انهن کي کڻي گهمائيندو رهيو.


ڇالاءِ تہ شريعت موسيٰ جي معرفت ملي؛ پر فضل ۽ سچائي يسوع مسيح جي معرفت آيا.


جيارڻ وارو تہ روح آهي، جسم مان ڪو فائدو ڪونهي: هي ڳالهيون جيڪي مون اوهان کي چيون آهن، سي روح ۽ زندگي آهن.


۽ جڏهن چاليهہ ورهيہ پورا ٿيا، تڏهن سينا جبل جي رڻ پٽ ۾ هڪڙي ٻوٽي ۾ باهہ جي مچ منجهہ ملائڪ هن کي ڏيکاري ڏني.


اُهوئي موسيٰ، جنهن کي هنن قبول نہ ڪيو، پر چيائونس تہ ڪنهن توکي حاڪم ۽ قاضي مقرر ڪيو آهي، تنهن کي ئي خدا حاڪم ۽ ڇوٽڪارو ڏيڻ وارو ٺهرائي، انهي ملائڪ جي وسيلي موڪليو، جنهن هن کي ٻوٽي ۾ ڏيکاري ڏني هئي.


اوهين اُهي آهيو، جن کي شريعت ملائڪن جي معرفت ملي، پر اوهان انهي تي عمل نہ ڪيو.


هر ڪنهن طرح گهڻو: پهرين تہ خدا جو ڪلام انهن کي سونپيو ويو.


اُهي اسرائيلي آهن، ۽ گود جي اولاد ٿيڻ جو حق، ۽ جلال، ۽ عهد، ۽ شريعت، ۽ خدا جي عبادت، ۽ واعدا انهن ئي جا آهن، ۽ قوم جا ابا ڏاڏا بہ انهن جا آهن؛


تڏهن شريعت ڇا آهي؟ اُها پوءِ حڪمن ڀڃڻ ڪري ڳنڍي ويئي، جيسين ڪ اُهو نسل اچي، جنهن سان اُهو واعدو ڪيو ويو هو؛ ۽ اُها ملائڪن جي وسيلي هڪڙي درميانيءَ جي معرفت تيار ڪئي ويئي.


موسيٰ اسان کي هڪڙيءَ شريعت جو حڪم ڏنو، جا يعقوب جي جماعت لاءِ ميراث هئي.


ڇالاءِ تہ جيڪو ڪلام ملائڪن جي معرفت ٻُڌايو ويو هو، سو جيڪڏهن محڪم ثابت ٿيو، ۽ سڀ ڪنهن قصور ۽ نافرمانيءَ جو مناسب بدلو مليو؛


ڇالاءِ جو خدا جو ڪلام جيئرو ۽ مؤثر آهي، ۽ ٻہ ڌاري ترار کان بہ تکو آهي، ۽ اندر ۾ اهڙو چُڀيو وڃي، جو جان ۽ روح کي، سَنڌن توڙي گودي کي ڌار ڪيو وجهي، ۽ دل جي خيالن ۽ ارادن کي ظاهر ٿو ڪري.


هن ڪري جو هيتري وقت ۾ تہ اوهان کي استاد ٿيڻ گهُربو هو، پر اوهان کي اڃا انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت آهي تہ ڪو ماڻهو خدا جي ڪلام جي اصولن جي ابتدائي تعليم اوهان کي ڏئي؛ ۽ اهڙا ٿيا آهيو جو سخت کاڌي کائڻ جي بدلي اوهان کي اڃا کير جي گهُرج آهي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو منادي ڪري تہ اهو خدا جي ڪلام موجب ڪري؛ جيڪڏهن ڪو خدمت ڪري تہ اهڙي ڪري جهڙي خدا طاقت ڏني هجيس، انهي لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ يسوع مسيح جي وسيلي خدا جو جلال ظاهر ٿئي، جنهن جي وڏائي ۽ بادشاهي هميشہ تائين قائم آهي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ