Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:30 - Sindhi Bible

30 ۽ جڏهن چاليهہ ورهيہ پورا ٿيا، تڏهن سينا جبل جي رڻ پٽ ۾ هڪڙي ٻوٽي ۾ باهہ جي مچ منجهہ ملائڪ هن کي ڏيکاري ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 چاليهہ سال گذرڻ کان پوءِ سينا جبل جي ويجھو بيابان ۾ ٻرندڙ ٻوڙي مان هڪڙي دوت هن کي درشن ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 چاليهہ سال گذرڻ کان پوءِ سينا جبل جي ويجھو بيابان ۾ ٻرندڙ ٻوڙي مان هڪڙي ملائڪ هن کي ڏيکاري ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 جڏھن چاليھہ سال گذريا تہ ھن کي ھڪڙي ملائڪ سينا جبل جي ويجھو بيابان ۾ ڏيکاري ڏني، جيڪو ٻرندڙ ٻوڙي مان ظاھر ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:30
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن اُٿي ويهي کاڌو ۽ پيتو، ۽ اُنهيءَ کاڌي جي زور تي چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون خدا جي جبل حورب تائين هليو.


تو سوارن کي اسان جي مٿي تان لنگهايو: اسين باهہ ۽ پاڻيءَ مان لنگهياسين؛ پر تو اسان کي ڪڍي آباد هنڌ تي آندو.


وري هيئن بہ چيائينس تہ آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا، ابرهام جو خدا، اسحاق جو خدا، ۽ يعقوب جو خدا آهيان. تڏهن موسيٰ پنهنجو منهن کڻي لڪايو، ڇو جو هو خدا ڏانهن نهارڻ کان ڊنو ٿي.


جڏهن هنن فرعون سان گفتگو ڪئي، تڏهن موسيٰ اسي ورهين جو هو، ۽ هارون ٽياسي ورهين جو هو.


جڏهن تون پاڻيءَ مان لنگهندين تڏهن آءٌ تو سان هوندس؛ ۽ جڏهن ندين مان لنگهندين، تڏهن اهي توتي اُٿلي نہ پونديون: جڏهن تون باهہ مان لنگهندين، تڏهن نہ سڙندين؛ نڪي تو تي مچ ٻرندو.


هو انهن جي سڀني ڏکن ۾ ڏکي ٿيو، ۽ سندس حضوريءَ جي فرشتي انهن کي بچايو: هن پنهنجي رحم ۽ پنهنجي قياس سان سندن عيوضو ڏنو؛ ۽ قديم زماني کان انهن کي کڻي گهمائيندو رهيو.


۽ سڀ والي، نائب، ۽ نواب ۽ بادشاهہ جا مشير جي اچي گڏ ٿيا هئا، تن کين ڏٺو تہ باهہ هنن جي جسمن تي ڪوبہ اثر نہ ڪيو هو، ۽ نہ هنن جي مٿي جا وار سڙيا هئا، نڪي سندن پوشاڪ ۾ ڪو تفاوت هو، نڪي باهہ جي بانس اُنهن تي چڙهي هئي.


ڏسو آءٌ پنهنجو پيغمبر موڪليندس، ۽ هو منهنجي اڳيان راهہ تيار ڪندو: ۽ خداوند، جنهن جا اوهين طالب آهيو، سو اوچتو پنهنجي هيڪل ۾ ايندو؛ ڏسو، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ عهد جو پيغمبر، جنهن جا اوهين خواهشمند آهيو، اُهو ايندو.


پر مئلن بابت تہ هو جي اُٿندا، اوهان موسيٰ جي ڪتاب جي ٻوٽي واري بيان ۾ ڪين پڙهيو آهي ڇا، تہ ڪيئن خدا ساڻس ڳالهايو ۽ چيائينس، تہ آئون ابراهيم جو خدا، ۽ اسحاق جو خدا، ۽ يعقوب جو خدا آهيان؟


پر مردا جي ٿا اُٿن، سو تہ موسيٰ پاڻ ٻوٽي واري بيان ۾ ڏيکاري ويو آهي، جنهن مهل هو خداوند کي ابراهيم جو خدا، ۽ اسحاق جو خدا، ۽ يعقوب جو خدا ڪري ٿو سڏي.


پر جيڪو واعدو خدا ابراهيم سان ڪيو هو، تنهن جو مدو جڏهن پورو ٿيڻ تي آيو، تڏهن مصر ۾ اها قوم وڌي گهڻي ٿي ويئي؛


جڏهن موسيٰ اهو ڏٺو، تڏهن اُنهي نظاري تي عجب لڳس، ۽ چتائي ڏسڻ لاءِ جيئن ويجهو ٿيو، تيئن خداوند جو آواز آيس،


تہ آئون تنهنجن ابن ڏاڏن جو خدا، ابراهيم جو، ۽ اسحاق جو، ۽ يعقوب جو خدا آهيان. تڏهن موسيٰ ڏڪي ويو، ۽ اوڏانهن نهارڻ جي همت نہ ٿيس.


اُهوئي موسيٰ، جنهن کي هنن قبول نہ ڪيو، پر چيائونس تہ ڪنهن توکي حاڪم ۽ قاضي مقرر ڪيو آهي، تنهن کي ئي خدا حاڪم ۽ ڇوٽڪارو ڏيڻ وارو ٺهرائي، انهي ملائڪ جي وسيلي موڪليو، جنهن هن کي ٻوٽي ۾ ڏيکاري ڏني هئي.


هاڻي اها هاجرہ عرب جو سينا جبل آهي، ۽ هاڻوڪي يروشلم جي برابر آهي؛ ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجن ٻارن سميت غلاميءَ ۾ آهي.


زمين جي قيمتي شين ۽ انهيءَ جي ڀرپورائيءَ جي، ۽ جيڪو ٻوڙي ۾ هو تنهن جي خير خواهيءَ جي برڪت شل يوسف جي مٿي تي اچي، يعني جيڪو پنهنجي ڀائرن کان ڌار هو، تنهن جي مٿي جي چوٽيءَ تي شل انهن سڀني شين جي برڪت نازل ٿئي.


پر خداوند اوهان کي لوهہ جي کوري مان، يعني مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو؛ انهي لاءِ تہ اوهين هن جي ميراث واري اُمت ٿيو، جيئن اڄ آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ