Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:15 - Sindhi Bible

15 سو يعقوب مصر ۾ ويو؛ اُتي هو پاڻ ۽ اسان جا ابا ڏاڏا گذر ڪري ويا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 پوءِ يعقوب مصر ڏانهن ويو، جتي هو ۽ اسان جا وڏا مري ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 پوءِ يعقوب مصر ڏانهن ويو، جتي هو ۽ اسان جا وڏا مري ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 پوءِ يعقوب مصر ڏانھن ويو جتي ھو ۽ اسان جا وڏا مري ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:15
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اسرائيل پنهنجو سڀ ڪجهہ کڻي اٿي روانو ٿيو، ۽ بيرسبع ۾ اچي، پنهنجي پيءُ اسحاق جي خدا لاءِ قربانيون چاڙهيائين.


پر جڏهن آءٌ وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن ۾ ملان، تڏهن مون کي مصر مان کڻي وڃج، ۽ هنن جي قبرستان ۾ وڃي دفن ڪج. تڏهن هن چيو تہ جيئن تون چوين ٿو تيئن ئي ڪندس.


جڏهن يعقوب پنهنجن پٽن کي وصيت ڪري رهيو، تڏهن هن پنهنجون ٽنگون هنڌ ۾ ڊگهيريون ۽ ساهہ ڏنائين، ۽ وڃي پنهنجن ۾ گڏيو.


پوءِ اسرائيل بہ مصر ۾ آيو؛ ۽ يعقوب حام جي ملڪ ۾ مسافر ٿي رهيو.


پوءِ يوسف ۽ سندس ڀائر، ۽ اها سڄي پيڙهي فوت ٿي ويئي.


۽ موسيٰ يوسف جا هڏا پاڻ سان کنيا؛ ڇالاءِ جو هن بني اسرائيل کي قسم ڏيئي چيو هو تہ خداوند ضرور اوهان جي سار لهندو، ۽ اوهين منهنجا هڏا هتان پاڻ سان کڻي وڃجو.


تہ ڪهڙيءَ طرح اسان جا ابا ڏاڏا مصر ۾ ويا، ۽ اسين گهڻيءَ مدت تائين مصر ۾ رهياسين؛ ۽ مصرين اسان سان، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن سان خراب هلت ڪئي:


تنهنجا ابا ڏاڏا جڏهن مصر ۾ ويا تڏهن ستر ڄڻا هئا؛ پر هاڻي خداوند تنهنجي خدا توکي آسمان جي تارن جيترو وڌايو آهي.


۽ تون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ ورندي ڏيئي چئج، تہ هڪڙو مرڻ هار ارامي منهنجو پيءُ هو، ۽ اهو ٿورا ماڻهو ساڻ ڪري مصر ۾ وڃي اتي رهڻ لڳو؛ ۽ هو اتي هڪڙي وڏي، زوراور، ۽ گهڻن ماڻهن واري قوم ٿي پيو:


۽ يوسف جا هڏا، جي بني اسرائيل مصر مان آندا هئا، سي بہ هنن سڪم ۾، انهيءَ زمين جي ٽڪر ۾ دفن ڪيا، جو يعقوب سڪم جي پيءُ حمور جي پٽن کان ناڻي جي هڪ سؤ سڪن تي خريد ڪيو هو: ۽ اُهي يوسف جي اولاد جي موروثي ملڪيت ٿيا.


۽ مون اسحاق کي يعقوب ۽ عيسو ڏنو: ۽ عيسوءَ کي شعير جبل قبضي ۾ ڏنو؛ ۽ يعقوب پنهنجي ٻارن سميت مصر ۾ ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ