Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 6:4 - Sindhi Bible

4 پر اسين دعا ۽ ڪلام جي خدمت ۾ مشغول رهنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 پوءِ اسين پاڻ سمورو وقت پرارٿنا ۽ پرچار جي ڪم ۾ گذارينداسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 پوءِ اسين پاڻ سمورو وقت دعا ۽ تبليغ جي ڪم ۾ گذارينداسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 پوءِ اسين پاڻ سمورو وقت دعا ۽ تبليغ جي ڪم ۾ گذارينداسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 6:4
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو جو جڏهن سندس خدمت ڪرڻ جا ڏينهن اچي پورا ٿيا، تڏهن هو پنهنجي گهر هليو ويو.


اِهي مڙيئي، ۽ جيڪي زالون اُتي هيون، ۽ يسوع جي ماءُ مريم، ۽ سندس ڀائر، هڪ دل ٿي عبادت ڪرڻ ۽ دعا گهُرڻ ۾ مشغول رهندا هئا.


۽ اهي رسولن جي تعليم ۽ شراڪت ۾، ۽ ماني ڀڃڻ ۽ دعا گهُرڻ ۾ مشغول رهندا هئا.


ڇالاءِ جو خدا منهنجو شاهد آهي، جنهن جي فرزند جي خوشخبري ٻُڌائڻ ڪري آئون پنهنجي روح سان سندس عبادت ٿو ڪريان، تہ ڪيئن نہ آئون هردم اوهان کي پنهنجين دعائن ۾ ياد پيو ڪريان،


ڇالاءِ جو جيڪڏهن آئون انجيل جي منادي ٿو ڪريان، تہ مون کي فخر ڪرڻ جو سبب ڪونهي، ڇالاءِ جو اهو منهنجو فرض آهي. ۽ جيڪڏهن انجيل جي منادي نہ ڪريان، تہ منهنجي حال تي افسوس!


۽ پنهنجي سڀ ڪنهن دعا ۾ هميشہ خوشيءَ سان اوهان سڀني جي لاءِ دعا گهُرندو ٿو رهان،


ڇالاءِ جو منهنجي مرضي آهي تہ اوهان کي خبر پوي تہ ڪيتري قدر آئون اوهان لاءِ ۽ لوديڪيہ وارن لاءِ، ۽ انهن سڀني لاءِ جن منهنجو منهن نہ ڏٺو آهي، جانفشاني ٿو ڪريان؛


اپفراس، جو اوهان مان هڪڙو آهي، ۽ مسيح يسوع جو غلام آهي، سو اوهان کي سلام ٿو چوي ۽ هميشہ اوهان جي لاءِ جانفشانيءَ سان دعا ٿو گهُري، انهي لاءِ تہ اوهين ڪامل ٿي پوري يقين سان خدا جي ساريءَ مرضيءَ تي قائم رهو.


۽ ارخپس کي چئجو تہ جيڪا خدمت خداوند ۾ توکي ملي آهي، انهيءَ ۾ هوشيار رهہ، انهيءَ کي پورو ڪر.


تہ تون ڪلام جي منادي ڪر، وقت بي وقت تيار رهہ؛ هر طرح جي تحمل ۽ تعليم سان سمجهائي، ملامت ۽ نصيحت سان قائل ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ