Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 6:3 - Sindhi Bible

3 تنهنڪري اي ڀائرو، اوهين پاڻ مان ست ڄڻا معتبر چونڊي ڪڍو، جي پاڪ روح ۽ دانائيءَ سان ڀرپور هجن، جن کي انهي ڪم تي مقرر ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پاڻ مان ست لائق ماڻهو چونڊيو، جيڪي پوِتر آتما ۽ سياڻپ سان ڀريل هجن. اسين انهن کي کاڌي ورهائڻ واري ڪم جو ذميوار مقرر ڪنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پاڻ مان ست معتبر ماڻهو چونڊيو، جيڪي پاڪ روح ۽ سياڻپ سان ڀريل هجن. اسين انهن کي کاڌي ورهائڻ واري ڪم جو ذميوار مقرر ڪنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پاڻ مان ست معتبر ماڻھو چونڊيو، جيڪي سياڻپ ۽ پاڪ روح سان ڀريل ھجن. اسين انھن کي ھن ڪم جو ذميوار مقرر ڪنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 6:3
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کان سواءِ تون انهن مان ڪي اهڙا لائق ماڻهو چونڊي ڪڍ، جن کي خدا جو خوف هجي، ۽ جي سچار هجن، ۽ کين ناحق جي نفعي کان نفرت هجي؛ اهڙن ماڻهن کي هنن جي مٿان، ڪي هزارن جا حاڪم، ڪي سوَن جا حاڪم، ڪي پنجاهن جا حاڪم، ۽ ڪي ڏهن جا حاڪم مقرر ڪر.


۽ هو اُهي پوريءَ طرح پوکي ٿو، ۽ هن جو خدا هن کي سيکاري ٿو.


۽ جيڪو عدالت ڪرڻ ويهندو تنهن لاءِ انصاف جو روح، ۽ جيڪي دروازي تي بيهي حملو ڪندڙ کي موٽائيندا تن لاءِ زور ٿيندو.


پر اوهين پاڻ کي ربي متان سڏايو، ڇالاءِ جو اوهان جو اُستاد هڪڙو آهي، ۽ اوهين سڀيئي ڀائر آهيو.


تنهن تي اُها ڳالهہ ڀائرن ۾ هُلي ويئي، تہ اُهو شاگرد مرندو ئي ڪين: جيتوڻيڪ يسوع ڪو هن کي ائين ڪين چيو تہ تون مرندين ئي ڪين، پر هيئن چيائين، تہ جيڪڏهن منهنجي مرضي هجي تہ جيستائين آئون اچان تيستائين هو رهي، تہ انهيءَ ۾ تنهنجو ڇا؟


۽ اُنهن ڏينهن ۾ جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ ڄڻا اُتي اچي گڏ ٿيا هئا، تڏهن پطرس سڀني ڀائرن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي ڀائرو،


تنهنڪري جيڪو وقت خداوند يسوع اسان وٽ ايندو ويندو هو، تنهن وقت ۾ جيڪي ماڻهو اسان سان گڏ گذاريندا هئا،


هنن چيس تہ ڪرنيليس صوبيدار، جو راستباز ۽ خدا ترس ماڻهو آهي، ۽ يهودين جي سڄيءَ قوم ۾ ڏاڍي ساراهہ اٿس، تنهن کي خدا کان پاڪ ملائڪ جي وسيلي هدايت ملي آهي، تہ توکي پنهنجي گهر گهُرائي توکان ڪلام ٻُڌي.


۽ سندن هٿان هيئن لکي موڪليائون تہ جيڪي غير قومن وارا ڀائر انتاڪيہ، ۽ شام، ۽ ڪلڪيہ ۾ ٿا رهن، تن کي رسولن ۽ بزرگن جا سلام رسن:


۽ لسترہ ۽ اڪونيم جي ڀائرن ۾ معتبر ليکجڻ ۾ ايندو هو.


۽ اهي سڀ پاڪ روح سان ڀرجي ويا، ۽ ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا، جيئن ڪ روح سندن هدايت ڪئي.


۽ حنانياہ نالي هڪڙو شخص، جو شريعت موجب ديندار هو، ۽ جيڪي يهودي اُتي رهندا هئا، تن ۾ معتبر هو،


جتي ڪن ڀائرن کي گڏياسين، جن اسان کي زور ڪري هفتو کن پاڻ وٽ ٽڪائي ڇڏيو، سو نيٺ روما ۾ پهتاسين.


تنهن تي انهن ٻارهن رسولن شاگردن جي جماعت کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ اها ڳالهہ واجب ناهي تہ اسين خدا جي ڪلام کي ڇڏي کائڻ پيئڻ جو بندوبست ڪريون.


اها ڳالهہ ساريءَ جماعت کي پسند آئي، ۽ هنن استيفنس نالي شخص، جو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀرپور هو، ۽ فلپس، ۽ پرخرس، ۽ نيڪانور، ۽ تيمون، ۽ پرمناس، ۽ نيڪلاس جو انتاڪيہ جو نو مريد هو، تن کي چونڊي ڪڍيو:


۽ کين رسولن جي اڳيان آڻي بيهاريائون: جن دعا گهُري مٿن هٿ رکيا.


۽ جڏهن ڀائرن کي خبر پيئي تڏهن هن کي قيصريہ ۾ وٺي آيا، ۽ اُتان ترسس ڏانهن روانو ڪيائونس.


ڇالاءِ جو هڪڙي کي روح جي وسيلي سياڻپ جو ڪلام ٿو ملي، ٻئي کي ساڳئي روح موجب علميت جو ڪلام،


۽ جڏهن آئون ايندس، تڏهن جن کي اوهين پسند ڪندا، تن کي آئون خط ڏيئي موڪليندس، تہ اوهان جي خيرات يروشلم ڏانهن کڻي وڃن،


۽ شراب پي متوالا نہ ٿيو، جو انهي مان بڇڙائي پيدا ٿي ٿئي، پر روح سان ڀرپور رهو؛


سو اوهين پنهنجن قبيلن منجهان ڪي ماڻهو چونڊي ڪڍو، جي ڏاها، سمجهو، ۽ مشهور هجن، تہ آءٌ انهن کي اوهان جي مٿان رئيس مقرر ڪريان.


جا چڱن ڪمن جي ڪري مشهور هجي؛ ٻارن کي پاليو هجيس، مسافرن جي مهمان نوازي ڪئي هجيس، پاڪ ٿيلن جا پير ڌوتا هجنس، ڏکويلن جي مدد ڪئي هجيس، سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ سعيي سان لڳي هجي.


سڀڪا چڱي بخشش ۽ سڀڪو ڪامل انعام مٿان ٿو اچي، يعني روشنيءَ جي ابي وٽان ٿو لهي، جنهن ۾ ڪنهن بہ طرح جي ڦير گهير ٿي نٿي سگهي، منجهس ڦرڻ جو پاڇو ئي ڪونهي.


دميتريس بابت سڀيئي ماڻهو ۽ خود حق بہ شاهدي ٿو ڏئي، بلڪ آئون بہ شاهدي ٿو ڏيان، ۽ تون ڄاڻين ٿو تہ منهنجي شاهدي سچي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ