Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 6:2 - Sindhi Bible

2 تنهن تي انهن ٻارهن رسولن شاگردن جي جماعت کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ اها ڳالهہ واجب ناهي تہ اسين خدا جي ڪلام کي ڇڏي کائڻ پيئڻ جو بندوبست ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 تنهنڪري ٻارهن سنتن سڀني وشواسين کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کين چيو تہ ”اسان لاءِ اهو چڱو نہ آهي جو کاڌي پيتي جي ڳالهين جي ڪري اسين مسيح بابت ايشور جي سنديش جو پرچار ڇڏي ڏيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تنهنڪري ٻارهن رسولن سڀني ايمان وارن کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کين چيو تہ ”اسان لاءِ اهو چڱو نہ آهي جو کاڌي پيتي جي ڳالهين جي ڪري اسين مسيح بابت خدا جي پيغام جي تبليغ ڇڏي ڏيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 تنھنڪري ٻارھن رسولن سڀني شاگردن کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ چيو تہ ”اھو اسان لاءِ چڱو نہ آھي جو کاڌي پيتي جي ڳالھين جي ڪري اسين خدا جي ڪلام جي تبليغ ڇڏي ڏيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 6:2
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مون هنن کي قاصدن جي هٿان چوائي موڪليو تہ آءٌ هڪڙو وڏو ڪم پيو ڪريان، تنهنڪري اچي نٿو سگهان: ڇالاءِ آءٌ ڪم ڇڏي اوهان وٽ لهي اچان، ۽ اهو ڇو بند رهي؟


تڏهن هاڻي ڇا ڪجي؟ هنن کي ضرور خبر پوندي تہ تون آيو آهين.


ڇالاءِ جو آئون سمجهان ٿو تہ اِها ڳالهہ غير واجبي آهي تہ قيديءَ کي روانو ڪريان، پر جيڪي تهمتون مٿس آهن، سي نہ ٻُڌايان.


پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏيئي چيو، تہ اوهين انصاف ڪري ڏسو، تہ خدا جي نظر ۾ اها ڳالهہ ڪا برابر آهي ڇا، تہ خدا جي بدران اوهان جو چيو مڃجي.


هاڻي انهن ڏينهن ۾، جڏهن شاگردن جو شمار وڌندو ويو، تڏهن يونان جا يهودي عبرانين جي شڪايت ڪرڻ لڳا، ڇالاءِ جو روزمرہ جي کاڌي جي ورڇ وقت، سندن بيوهہ زالن جي پوري پوئواري ڪانہ ٿيندي هئي.


تنهنڪري اي ڀائرو، اوهين پاڻ مان ست ڄڻا معتبر چونڊي ڪڍو، جي پاڪ روح ۽ دانائيءَ سان ڀرپور هجن، جن کي انهي ڪم تي مقرر ڪريون.


ڪوبہ سپاهي ڀرتي ٿيڻ کانپوءِ پاڻ کي دنيا جي معاملن ۾ نٿو ڦاسائي؛ انهي لاءِ تہ جنهن کيس مقرر ڪيو آهي، تنهن کي خوش ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ