Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 6:12 - Sindhi Bible

12 سو خلق کي، ۽ بزرگن ۽ فقيهن کي وٺي چوريائون، ۽ مٿس ڪاهي آيا ۽ جهلي صدر مجلس ۾ وٺي ويا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 اهڙيءَ طرح هنن نيم شاسترين سميت يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن ۽ عام خلق کي وٺي ڀڙڪايو. تڏهن اهي استيفنس تي چڙهائي ڪري آيا ۽ کيس گرفتار ڪري يهودي پئنچائت جي اڳيان پيش ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 اهڙيءَ طرح هنن شريعت جي عالمن سميت يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن ۽ عام خلق کي وٺي ڀڙڪايو. تڏهن اهي استيفنس تي چڙهائي ڪري آيا ۽ کيس گرفتار ڪري ڪائونسل جي اڳيان پيش ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 اھڙيءَ طرح ھنن خلق کي، بزرگن ۽ شريعت جي عالمن سميت وٺي ڀڙڪايو. اھي استيفنس تي چڙھائي ڪري آيا ۽ کيس گرفتار ڪري ڪائونسل جي اڳيان پيش ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 6:12
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪاوڙيل ماڻهو تڪرار اُٿاري ٿو: پر جيڪو جلدي نٿو ڪاوڙجي سو جهيڙي کي اُجهايو ڇڏي.


۽ جن يسوع کي جهليو هو، سي هن کي سردار ڪاهن قائفا جي گهر وٺي ويا، جتي فقيهہ ۽ بزرگ اچي گڏ ٿيا هئا.


پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان ڪاوڙجي ٿو، سو عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي چوندو تہ اي ديوانا، سو صدر عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو چوندو تہ اي احمق، سو جهنم جي باهہ جوڳو ٿيندو.


۽ هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو، جو هن ماڻهن کي هيڪل ۾ ويٺي تعليم ڏني، ۽ انجيل جي منادي پئي ڪيائين؛ تہ سردار ڪاهن ۽ فقيهہ، بزرگن سان گڏجي وٽس آيا.


پر يهودين خدا پرست آبروءَ وارين زالن کي، ۽ شهر جي مکيہ ماڻهن کي چوريو، ۽ پولس ۽ برناباس تي ظلم کڙو ڪرايو، ۽ هنن کي پنهنجي سرحد کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائون.


پر جيڪي يهودي نافرمان هئا، تن غير قومن جي دلين کي چوري، ڀائرن جي برخلاف بدگمان ڪيو.


پر جڏهن ٿسلونيڪيءَ جي يهودين کي خبر پيئي تہ پولس بيريہ ۾ خدا جي ڪلام جي منادي پيو ڪري، تڏهن اُتي بہ وڃي ماڻهن کي چوريائون، ۽ منجهن گوڙ مچايائون.


پر جن ڏينهن ۾ گليو، اخيہ جو حاڪم هو، تن ڏينهن ۾ يهودي پاڻ ۾ ٻَڌي ڪري پولس تي ڪاهي آيا، ۽ عدالت ۾ وٺي آيس؛


۽ جڏهن اُهي ست ڏينهن پوري ٿيڻ تي آيا، تڏهن آسيہ جي يهودين هن کي هيڪل ۾ ڏسي سڀني ماڻهن کي چوريو ۽ وڃي پڪڙيائونس،


۽ رسولن کي پڪڙي قيدخاني ۾ وڌائون.


۽ هنن کي وٺي آڻي مجلس جي اڳيان بيهاريائون. ۽ سردار ڪاهن کانئن پڇڻ لڳو،


تنهن تي هنن ڪن ماڻهن کي سيکاريو، تہ چئو، تہ اسان هن کي موسيٰ ۽ خدا بابت ڪفر جون ڳالهيون ڪندو ٻُڌو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ