Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 5:30 - Sindhi Bible

30 اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا يسوع کي جياريو، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهي ماري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 توڙي جو اوهان يسوع کي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻي ماري ڇڏيو هو، تڏهن بہ اسان جي ابن ڏاڏن جي ايشور کيس وري جيوت ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 توڙي جو اوهان عيسيٰ کي صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻي ماري ڇڏيو هو، تڏهن بہ اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا کيس وري جيئرو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 توڙي جو اوھان عيسيٰ کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻي ماري ڇڏيو ھو، تڏھن بہ اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا کيس وري جيئرو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 5:30
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود انهن جي استقبال لاءِ نڪري ويو، ۽ انهن کي ورنديءَ ۾ چيائين تہ جيڪڏهن اوهين خير سان مون کي مدد ڏيڻ لاءِ ٿا اچو تہ منهنجي دل اوهان سان ڳنڍجي ويندي: پر جي اوهين دغا ڪري مون کي منهنجن دشمنن جي حوالي ڪرڻ آيا آهيو، تہ جڏهن منهنجي هٿان ڪوبہ قصور نہ ٿيو آهي، تڏهن شل اسان جي ابن ڏاڏن جو خدا انهيءَ کي ڏسي، ۽ انهيءَ لاءِ ملامت ڪري.


اي خداوند، اسان جي ابن ڏاڏن جا خدا، يعني ابرهام، اسحاق، ۽ اسرائيل جا خدا، پنهنجي قوم جي دل جي خيال ۽ رويا ۾ اها ڳالهہ سدائين ڄمائي رک، ۽ سندن دل کي پنهنجي لاءِ تيار ڪر:


خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جو خدا شل برڪت وارو هجي، جنهن بادشاهہ جي دل ۾ اهڙي ڳالهہ وڌي آهي، تہ يروشلم ۾ جيڪو خداوند جو گهر آهي، سو سينگارجي؛


تہ ابراهيم ۽ سندس اولاد سان هميشہ رحم ڪري، جيئن اسان جي ابن ڏاڏن کي فرمايو هئائين.“


انهي لاءِ تہ اسان جن ابن ڏاڏن تي رحم آڻي، پنهنجو پاڪ عهد ياد فرمائي.


۽ جيڪي ڪہ هن يهودين جي ملڪ ۾، ۽ يروشلم ۾ ڪيو، تنهن سڀ جا اسين شاهد آهيون. پر هنن کيس صليب تي چاڙهي لٽڪائي ماريو.


تہ ڪيئن خدا يسوع کي جياري، اسان جي اولاد جي لاءِ اُهو واعدو پورو ڪيو؛ جيئن ڪ ٻئي زبور ۾ لکيل آهي تہ ”تون منهنجو پٽ آهين، اڄ تون مون کان پيدا ٿئين.“


اُنهي يسوع کي خدا جياريو، جنهن جا اسين سڀ شاهد آهيون.


تڏهن هن چيو تہ اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا توکي هن لاءِ مقرر ڪيو آهي، تہ توکي خبر پوي تہ سندس مرضي ڪهڙي آهي، ۽ اُنهي سچار کي ڏسين، ۽ کيس ڳالهائيندو ٻُڌين.


سو پهريائين خدا پنهنجو بندو کڙو ڪري اوهان ڏانهن موڪليو، تہ اوهان مان هر ڪنهن کي سندس براين کان ڦيري برڪت ڏئي.


مسيح پاڻ اسان جي بدران لعنتي ٿي اسان کي شريعت جي لعنت کان ڇڏايو؛ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهي لاءِ تہ اسين گناهن جي ڪري مري راستبازيءَ لاءِ جيون؛ هن جي مار کائڻ جي ڪري اوهان کي شفا ملي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ