Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 5:29 - Sindhi Bible

29 پر پطرس ۽ ٻين رسولن ورندي ڏيئي چيو، تہ اسان کي ضرور آهي تہ ماڻهوءَ جي حڪم کان وڌيڪ خدا جو حڪم مڃيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 پطرس ۽ ٻين سنتن جواب ۾ چيو تہ ”اسان لاءِ ماڻهن جو نہ، پر ايشور جو چيو مڃڻ لازمي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 پطرس ۽ ٻين رسولن جواب ۾ چيو تہ ”اسان لاءِ ماڻهن جو نہ، پر خدا جو چيو مڃڻ لازمي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 پطرس ۽ ٻين رسولن جواب ۾ چيو تہ ”اسان کي ماڻھن جو نہ، پر خدا جو چيو مڃڻ کپي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 5:29
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آدم کي چيائين، جيئن تہ تو پنهنجيءَ زال جو چيو مڃي انهيءَ وڻ جو ميوو کاڌو، جنهن بابت مون توکي حڪم ڪيو هو تہ اهو نہ کائج، انهيءَ لاءِ زمين تنهنجي ڪري لعنتي ٿي، تون پنهنجي سڄي حياتي محنت ڪري، انهيءَ جي پيدائش مان پنهنجو گذران ڪندين؛


انهيءَ هوندي بہ بادشاهہ جي ڳالهہ يوآب ۽ لشڪر جي سردارن کان ڳوري ٿي. ۽ يوآب ۽ لشڪر جا سردار بادشاهہ جي حضور مان نڪري ويا، انهيءَ لاءِ تہ اسرائيل جي قوم جو شمار ڪن.


جيئن بادشاهہ آخز حڪم ڏنو تيئن اورياہ ڪاهن ڪيو.


پر دايون خدا کان ڊنيون ۽ جيئن مصر جي بادشاهہ حڪم ڏنو هون، تيئن نہ ڪيائون: ۽ پٽن کي بہ جيئرو ڇڏيائون.


تڏهن يرمياہ سڀني اميرن کي ۽ سڄي قوم کي مخاطب ٿي چيو، تہ خداوند مون کي موڪليو تہ هن گهر ۽ هن شهر جي برخلاف اُهي ڳالهيون نبوت ڪري ٻڌايان جي اوهان ٻڌيون آهن.


تڏهن هنن ورنديءَ ۾ بادشاهہ جي حضور عرض ڪيو، تہ اي بادشاهہ، اُهو داني ايل جو يهوداہ جي قيدين جي اولاد مان آهي، سو نہ تنهنجي پرواهہ ٿو رکي، نہ تنهنجي منع نامي جي، جنهن تي تو صحيح ڪئي آهي، پر هو ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا دعا گهري ٿو.


پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏيئي چيو، تہ اوهين انصاف ڪري ڏسو، تہ خدا جي نظر ۾ اها ڳالهہ ڪا برابر آهي ڇا، تہ خدا جي بدران اوهان جو چيو مڃجي.


۽ سائول سموئيل کي چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: ڇالاءِ جو مون خداوند جي حڪم کان، ۽ تنهنجي چوڻ کان ٻاهر وک وڌي آهي: ڇالاءِ جو آءٌ ماڻهن کان ڊنس، ۽ انهن جي ڳالهہ مڃيم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ