Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 5:24 - Sindhi Bible

24 هاڻي جڏهن هيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاهنن هي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن انهن بابت اچي ڏاڍي فڪر ۾ پيا، تہ هن جو نتيجو ڪهڙو ٿيندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 جڏهن هيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاهنن اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن وائڙا ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 جڏهن هيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاهنن اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن وائڙا ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 جڏھن ھيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاھنن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن وائڙا ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 5:24
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ جي بادشاهيءَ جي اقبالمندي ۽ سلامتيءَ جي حد ئي ڪانہ ٿيندي، ۽ هو دائود جي تخت تي ۽ ان جي بادشاهيءَ تي هن وقت کان وٺي هميشہ تائين قائم رهندو؛ ۽ انصاف ۽ سچائيءَ سان انهيءَ کي قائم ڪندو. لشڪرن جي خداوند جي غيرت ائين ڪندي.


۽ هن وڃي سردار ڪاهنن ۽ صوبيدارن سان صلاح ڪئي، تہ ڪهڙيءَ طرح هو کيس سندن حوالي ڪري.


تڏهن سردار ڪاهن، ۽ هيڪل جا صوبيدار ۽ بزرگ، جي مٿس ڪاهي آيا هئا، تن کي يسوع چيو تہ جيئن ڪنهن ڌاڙيل تي ڪاهي اچبو آهي، تيئن اوهين ترارن ۽ لٺين سان ڪاهي آيا آهيو ڇا؟


تنهن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا، تہ خيال تہ ڪريو، اوهان جي ڪابہ ڪانہ ٿي هلي، ڏسو تہ سڄو جهان وڃي هن جي پٺيان لڳو آهي.


۽ هو سڀ عجب ۾ پئجي، هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا، تہ هن جي معنيٰ ڇا آهي؟


اڃا هنن ماڻهن سان بيٺي ڳالهايو تہ ڪاهن ۽ هيڪل جو صوبيدار ۽ صدوقي مٿن ڪاهي آيا،


۽ هنن وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنن؛ ڇالاءِ جو ماڻهن جي سببان کين سُجهيو ئي ڪين ٿي تہ ڪهڙيءَ طرح سزا ڏيون؛ جو جيڪي ٿي گذريو هو، تنهن جي ڪري سڀني ماڻهن خدا جي وڏائي پئي ڪئي.


۽ چيائون تہ اسان ڏٺو تہ قيدخانو تہ ڏاڍيءَ حفاظت سان بند ٿيل هو، ۽ پهري وارا دروازن تي بيٺا هئا، پر جڏهن کوليوسين، تہ ڏٺوسين تہ اندر ڪوبہ ماڻهو ڪونهي.


ايتري ۾ هڪڙي ماڻهوءَ اچي کين ٻُڌايو تہ ڏسو، جن ماڻهن کي اوهان قيدخاني ۾ وڌو هو، سي هيڪل ۾ بيٺا ماڻهن کي تعليم ڏين.


تڏهن صوبيدار سپاهين سان گڏجي وڃي هنن کي وٺي آيو، پر زورازوريءَ نہ: ڇالاءِ جو هو ماڻهن کان ڊنا ٿي تہ متان اسان کي سنگسار ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ